Home / ايڊيٽوريل / طالبان سان ڳالهيون: ناٽڪ يا ڀوڳ؟
above article banner

طالبان سان ڳالهيون: ناٽڪ يا ڀوڳ؟

tatelحڪومت ۽ طالبان جي ڳالهين ٻيو نه ته به هن ملڪ ۾ ظاهر ۽ باطن کي پڌرو ڪري ورتو آهي. هڪڙا طالبان ڏاڙهيون رکي جبلن ۾ لڪا ڦرن ٻيا ڪوٽ ٽائيون ۽ شيروانيون پايو ٽي وي تي “قوم” کي باشڻ ڏيندا وتن ته طالبان پنهنجي رت ۽ تخم آهن، ساڻن وڙهڻ ۾ تڪڙ نه ڪريو. 

اها ته اسان کي به پڪ آهي ته انهن ڳالهين جو نتيجو نڪرڻو ڪجهه به نه آهي. ملازم ڪيڏو به مٿي تي چڙهي وڃي پر مالڪ کيس گهر جون ڪنجيون حوالي نه ڪندو آهي. طالبان توڙي سندن حلقه احباب اسٽيبلشمينٽ جي ڌاڳي ڦيڻي ۾ آهن. رساما ۽ جهڙپون هلڪي ڦلڪي موسيقي آ جيڪا هلندي رهندي. طالبان جي نرسري ۽ کين ريج ڏيندڙ موجود آهن، هڪڙا طالبان لُڻبا ٻيا ڦٽندا.

پر خطرناڪ ڳالهه اها آهي ته ملڪ ۾ طالبان جي خاموش حمايت موجود آهي، سا به اهڙن حلقن ۾ جيڪي شهري، سوٽيڊ بوٽيڊ آهن. پنجاب حمايت جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جهڙيون جماعتون ان لاڙي جي نمائندگي ڪن ٿيون. قبائلي علائقن ۾ لڪل طالبان ته مهيني سوا جي فوجي آپريشن ۾ سڌا ٿي سگهن ٿا پر اسان توهان وچ ۾ رهندڙ ڪلين شيو طالبان مشڪل سڌا ٿيندا. اهي مڊل ڪلاسي طالبان ملڪ ۾ جمهوريت جي پائيداري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري سگهيا ٿي پر افسوس جو اهي به وڃي اسٽيبلشمينٽ جي شاطرانه راند جا مهرا بڻيا آهن. 

مذهبي سياست جي سرپرستي اسٽيبلشمينٽ ان ڪري ڪندي رهي ته جيئن لبرل ۽ سيڪيولر جماعتن پاران وفاقي ڍانچي ۾ سڌارا آڻي وفاقي وحدتن کي سندن وسيلن تي اختيار ڏيڻ جي سوچ کي روڪي سگهجي. سيڪيولر سياسي سوچ لازمي طور تي صوبائي خودمختياري جي مطالبي کي هٿي ڏئي ٿي. سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختون خواهه کي سندن وسيلا ۽ اختيار ملن ته اسٽيبلشمينٽ جا مٽ مائٽ عرف وڏو ڀاءَ ڇا کائندو؟ ڇا پائندو؟ڇا ٻاريندو؟

ان ڪري “ هڪ مسلم امه” “هڪ قوم”، “هڪ زبان” جي ناٽڪ کي گهڙيو ويو. مذهبي سياسي جماعتون وجود ۾ آيون جن معرفت لبرل ۽ سيڪيولر سياسي پارٽين تي پريشر وڌو ويو ته اهي هيڏانهن هو ڏانهن لوڻو نه هڻن، وفاقي ڍانچي ۾ ڪا به اصلاح نه ڪن نه ته مٿن فتوا جاري ٿي ويندي. عمران خان واري جماعت ان لڏي ۽ ان رجحان ۾ صفانئون نڪور، بلڪه برگر اضافو آهي. 

ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته لبرل پارٽين قيادت ۾ ڪرپشن عام جام آهي. اسفنديار هجي يا زرداري، ڪنهن به ڪرپشن جي وهندڙ گنگا ۾ ٽُٻيون هڻڻ ۾ وسان ڪونه گهٽايو آهي. ان ئي اشو کي کڻي اڳ جماعت اسلامي ۽ هاڻ عمران خان واري جماعت سياست ڪري رهي آهي ۽ ڪريٽ لبرل قيادت جو متبال اهڙي قيادت پيش ڪري رهيا آهن جن جي پيٽ ۾ ڏاڙهي لڪل آهي يا منهن مبارڪ تي سجايل آهي.سندن راءِ ۾ طالبان درعمل آهي ڪرڀٽ لبرل قيادت ۽ آمريڪي ارهه زورائي جو. جيڪا ڳالهه بهرحال نسورو ڪوڙ آهي. طالبان ۽ سندن مٽ مائٽ جهادي گروپ جيئن اسان مٿي لکيو آهي ته اسان جي اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مخصوص پاليسي حدف حاصل ڪرڻ هيٺ پيدا ڪيا. اهي اڳ آمريڪا جا به دادلا رهيا ۽ هاڻ به آمريڪا سان ٺهڻ لاءِ تيار آهن بشرطيڪه آمريڪا کين ڇيڪ ڇڏي ڏئي.

سياسي مبصر ته هاڻ ان راءِ جا آهن ته طالبان ۽ طالبان سان ڳالهيون ڪندڙ ڪاميٽي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن. ملڪي ڍانچي، وفاق ۽ وفاق ۾ 1940ع جي قرار داد بابت ڪاميٽي ميمبرن جي راءِ ۾ حيران ڪندڙ حد تائين هم آهنگي موجود آهي.

اهو ئي سبب آهي ته جتي طا لبان سان ڳالهه ٻولهه بابت پنجاب ۾ اها راءِ موجود آهي ته اهي پنهنجا آهن، ساڻن ڪنهن به حال ۾ ڳالهيون هلايون وڃن، اتي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ان ڳالهه ٻولهه بابت ڪا گرم جوشي موجود ناهي، سنڌ جي قومپرست قيادت توڙي حڪمران جماعت پيپلز پارٽي، طالبان کي ڪا به رعايت ڏيڻ جي حق ۾ ناهن ۽ ڳالهيون به ڇا تي؟ طالبان ۽ سندن اتحادي ڇا ٿا چاهن؟ ڪا خود مختياري ؟ ڪو حق؟ نه ! هو چاهن ٿا ته رياست ۽ سماج تي اسان جي مرضي مڙهيو. سا به هو ڏنڊي جي زور تي مڃرائڻ چاهن ٿا. اهڙي ڌر سان ڳالهيون ته خود ڳالهه ٻولهه جي توهين آهي.

پر ڪلين شيو طالبان کين سچو پر سفاڪ، خودڪش، پر آمريڪي ڊرون جي رد عمل ۾ ۽ ويڙهاڪ پر ڪرپٽ سياسي قيادت کان چڱو ڪري پيش ڪري رهيا آهن. اخبارن، ٽي وين، سوشل ميديا تي سندن سفاڪ ۽ ڪروڌي جهاد تي سرخي، مساڳ لڳائڻ وارا کوڙ ويٺا آهن. اهي هزارين هيلن وسيلن سان سندن ونگار وهن ٿا. مثال طور آمريڪا سان جنگ ڪرڻ تي زور ڏيندڙ عمران خان طالبان سان ويڙهه ڪرڻ جي صلاحيت تي آڱريون اٿاري ٿو معنيٰ سپر پاور سان وڙهو پر ڦٽاڪن جهڙن ملن سان نه. طالبان جي شرعي ايجنڊا جي حمايت ۾ لکيو ۽ ڳالهايو وڃي پيو پر اهو نه ٿا ٻڌائن ته اها شريعت سعودي عرب جي سياسي نظام کان ڪيئن مختلف هوندي جتي عربي کي عجمي تي هزار ڀيرا فوقيت حاصل آهي.

طالبان جا ڪلين شيو همدرد ۽ اسٽيبلشمينٽuo Status q جون حامي قوتون آهن. هڪ سڪي جا ٻه پاسا. اهي خطي ۾ جاري جنگي جنون برقرار رکڻ چاهن ٿيون. اهي هن رياست جي حقيقتي وفاقي رياست طورارتقا جون مخالف آهن. هي ملڪ چئن تاريخي قومن جو وطن آهي جن کي 1940ع جي ٺهراءُ هيٺ هڪ ٿيڻ نصيب ٿيو هو. رياست، سياست ۽ مذهب الڳ الڳ شيون آهن. کين مصنوعي طريقي سان گهڻو وقت گڏي نه ٿو هلائي سگهجي. طالبان سان ڳالهيون ملڪ جي اصل مسئلن تان ڌيان هٽائڻ کان سواءِ ڪجهه ناهي. جي ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي ته ملڪي وفاق ۾ شامل وحدتن سان ڪريو جيڪي برابري ۽ انصاف چاهن ٿيون. جمهوري قوتن سان ڪريو جيڪي پارلامينٽ جي بالادستي چاهن ٿيون. امن چاهندڙ ڌرين سان ڪريو جيڪي خطي ۾ جنگي جنون جو خاتمو چاهن ٿيون .

پر طاقتور اسٽيبلشمينٽ سدائين اصل حقيقت تي پردو وجهڻ لاءِ نوان ناٽڪ گهر کوليا آهن. طالبان ان جي اوسي پاسي رهندڙ ڌريو، ماما چاچا ناني ويڙهو آهن. سندن وچ ۾ “مذاڪرات” هڪ ڀوڳ آهن. ڏسون ته هن ناٽڪ جي پڄاڻي ڪڏهن ٿي ٿئي. کين هي ڀوڳ ڪيسيتائين ڦٻي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو