Home / ڪور افيئر / طالبان v/s طالبان
above article banner

طالبان v/s طالبان

A Reporter

گذريل سال 9 سيپٽيمبر تي ٿيل اي پي سي کانپوءِ ڄڻ طالبان اسان جي اعصابن تي سوار ٿي ويا آهن، هاڻي ته مشرف وارو معاملو به ماٺو ٿي ويو آهي، حڪومت جي طالبان سان ڳالھين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۽ طالبان پاران جوڙيل ڪميٽي ۾ جيڪڏهن سوچجي ته خبر پوي ٿي ته ٻنهي پاسي طالبان ئي ويٺل آهن، ان ڪري ڪراچي ۾ بلاول هائوس ويندڙ پوليس ڪمانڊوز جي بس تي ٿيل آپگهاتي حملي کانپوءِ ٻئي ڏينهن جڏهن اسلام آباد جي خيبر پختون خواھ هائوس تي حڪومتي ۽ طالبان جي ڳالھين واري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو ته انهي اجلاس ۾ دهشتگردي جي مذمت جي زحمت جي ڪنهن به سگهن نه ساري، پر حڪومتي ڪميٽي ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ بدران انهن واقعن تي ڏک جو اظهار ڪيو، اڃا به ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ باقي آهي جو ان ڳالهه تي اعتبار ڪجي ته حڪمران طاقتور آهن! 

pakistan taliban peace talks 2

هاڻي “امن کي هڪ موقعو” ڏيڻ لاءِ طالبان پاران اهو مطالبو آيو آهي ته غير جنگجو عورتن ، ٻارڙن ۽ پوڙهن کي آزاد ڪرڻ سان گڏ ڏکڻ وزيرستان مان به فوج هٽائي وڃي، جڏهن ته ان ئي ڏينهن ٽي ٽي پي مهمند ايجنسي جي اڳواڻ عمر خراساني پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته جون 2010ع ۾ شو نڪڙئي پوسٽ تان “ گرفتار” ڪيل ايف سي جي 23 اهلڪارن کي ساٿين جي انتقام طور قتل ڪيو ويو آهي، هن پنهنجي بيان ۾ حڪومت کي تنبيهه ڪئي ته هو اسان جي ساٿين کي جيلن مان ڪڍي لاڳيتو شهيد ڪري رهي آهي، جيڪڏهن حڪومت اهو رويو ترڪ نه ڪيو ته اسان جو رد عمل ان کان به وڌيڪ شديد ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف سرڪار هيستائين آيل اطلاعن موجب طالبان جي ان مطالبي تي سنجيدگي سان غور شروع ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته عورتن، ٻارڙن ۽ ٻڍڙن کي آزاد ڪيو وڃي . هن وقت اها ڳالهه سواليه بڻيل آهي ته حڪومت وٽ ڪيترا غير جنگجو ماڻهو تحويل ۾ آهن، جن جي آزادي جو مطالبو مطالبو تحريڪ طالبان پاڪستان ڪيو آهي، ۽ جيڪڏهن جنگجو ناهن ته حڪومت انهن کي ڪهڙن بنيادن تي تحويل ۾ ورتو آهي. اتر وزيرستان ۾ فوج وڃي نٿي سگهي، ۽ هاڻي طالبان چون ٿا ته ڏکڻ وزيرستان ۾ موجود فوج به رواني ڪئي وڃي، ان مان مراد اها آهي ته هو چون ٿا ته فوج کين مڪمل رستو ڏئي، جيئن هو مئي تائين، جڏهن جبلن تان برف ڳري چڪي هوندي ته هو پنهنجي انهن ڪاررواين کي شروع ڪري ڇڏين، جن جو کين انتظار آهي، 

پشاور لڳ بٽا بيڙا مان وڏي پئماني تي انساني آباديون لڏپلاڻ ڪري رهيون آهن، ڪيترائي اهڙا ڳوٺ آهن جن جي گهرن ۾ مرد ئي نه بچيو آهي، پشتونن جي نسل ڪشي سندن هم نسل ڪري رهيا آهن، رياست ڳولھڻ جي باوجود ماڻهن کي هٿ نٿي اچي، اي پي سي کانپوءِ ساڍا 3 سئو کان وڌيڪ ماڻهو طالبان پاران ڪيل اها دهشتگردي جيڪا انهن قبول ڪئي آهي، ۾ مارجي چڪا آهن، پر ڳالهه ڪٿي به ختم ٿيندي نظر نٿي اچي، رياست جي بيوسي جي حالت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته لال مسجد جو مهتم مولانا عبدالعزيز،جيڪو طالبان پاران ڳالھين واري ڪميٽي جو ميمبر ۽ پاڪستان جي آئين جو انڪاري آهي اهو هن وقت به سرڪار کان 19 هين گريڊ جي آفيسر جي پگهار کڻندو آهي. لال مسجد جي پيش امام طور سرڪار کيس پگهار ڏيندي آهي، پر هو ملڪ جي آئين تحت موجود حڪومت ۽ رياست کان پگهار کڻڻ باوجود ان جو انڪاري آهي. هن جي پريس ڪانفرنس ۾ سندس پويان هٿيار بند طالبان موجود هوندا آهن، پر مجال آهي جو ڪير چوي ته ملان تنهنجي منهن ۾ ڇا آهي؟

طالبان جي ڪميٽي مان جڏهن جي يو آءِ ، مولانا ڪفايت الله جو نالو ٻاهر ڪڍي ڇڏيو ته طالبان پاران اوريا مقبول جان ۽ انصار عباسي جا نالا سامهون آيا، اوريا مقبول جان جيڪو هن وقت 21 هين گريڊ ۾ پنجاب ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور ڪم ڪري رهيو آهي، پر ڪنهن به ان نالي سامهون اچڻ تي ڪابه ڳالهه نه ڪئي، ٽي ٽي پي جي ڊرون ۾ مارجي ويل سربراھ حڪيم الله محسود کانپوءِ جڏهن ٽي ٽي پي جي نئين سربراھ جي چونڊ جو مرحلو آيو ته ان وقت جماعت الدعوا جي حافظ سعيد جو نالو به ٽي ٽي پي جي سربراھ جي آپشن طور غور هيٺ اچڻ جا اطلاع سامهون آيا هئا، پر ڪڏهن به حافظ سعيد يا ان جي جماعت پاران ان ڳالهه جي ترديد نه آئي، ان جي باوجود اسان خبر ناهي ڪهڙي گمان ۾ غرق آهيون، 

طالبان سان ڳالھين وارو مرحلو شروع ٿيو ته اوچتو جيش محمد جو سربراھ مولانا مسعود اظهر پنهنجي گوشه نشيني ختم ڪري سامهون اچي ويو آهي، 5 فيبروري تي يوم ڪشمير واري ڏينهن مسعود اظهر مظفر آباد ۾ ريلي ڪڍي هندستان کي ڌمڪيون ڏنيون، ڪجهه ڏينهن کانپوءِ عمران خان شعوري طور تي هڪ ملڪي راز کولي ڇڏيو، جيڪو ڪنهن به سياسي پارٽي جي سربراھ جي قد ڪاٺ جي حيثيت ۾ سڀ کان وڏي اخلاقي ڀڃڪڙي هو، پر هو ان ڪري بخشيو ويو ته سنڌي نه هو، جيڪڏهن پيپلزپارٽي جو ڪو سنڌي اڳواڻ اهڙي حرڪت ڪري ها ته هيستائين غيرت برگيڊ جا اينڪر پرسن ۽ سياستدان کيس مرتد قرار ڏئي چڪا هجن ها.

9 سيپٽيمبر تي جڏهن آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي ته ان ڏينهن صبح ساڻ وزيراعظم ميان نواز شريف، تڏهوڪي آرمي چيف جنرل اشفاق پرويز ڪياني ۽ گهرو وزير چوڌري نثار جي وچ ۾ هڪ ڌار گڏجاڻي ٿي هئي، هي گڏجاڻي عمران خان جي فرمائش تي ٿي هئي ته کيس ٻڌايو وڃي ته، ڇا واقعي اتر وزيرستان ۾ آرمي آپريشن ڪرڻ چاهي ٿي؟ عمران خان اڪيلائي ۾ ڪيل ان ڳالهه ٻولهه جو راز فاش ڪري ڇڏيو . هن پنهنجي انٽرويو ۾ واضح طور تي اها ڳالهه ڪئي ته وزيراعظم 9 سيپٽيمبر واري گڏجاڻي ۾ آرمي چيف ڏانهن اشارو ڪري کيس چيو هو ته“ هي چوي ٿو ته جيڪڏهن اتر وزيرستان ۾ آرمي آپريشن ڪيو ته 40 سيڪڙو نتيجا حاصل ٿيندا” عمران خان جي ان ڳالهه تي سينيٽ ۾ مخالف ڌر تمام گهڻو گوڙ ڪيو، ڪجهه ڏينهن بعد قائد ايوان راجا ظفر الحق انهي انٽرويو ۾ عمران خان جي چيل ڳالهه ۾ صرف هڪ لفظ جو اضافو ڪري ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو، هن سينيٽ کي ٻڌايو ته وزيراعظم عمران خان کي چيو هو ته جيڪڏهن اتر وزيرستان ۾ آپريشن شروع ٿيو ته فوري طور تي 40 سيڪڙو نتيجا حاصل ٿيندا، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ اهو آپريشن مڪمل نتيجا ڏيندو، هاڻي عمران خان چوي ٿو ته جيڪڏهن 5 سيڪڙو به ڪاميابي جو امڪان آهي ته آپريشن شروع ڪري سگهجي ٿو، جنهن جو واضح مطلب اهو سامهون اچي ٿو ته کيس 5 سيڪڙو به ڪاميابي جو امڪان نظر نٿو اچي. 

طالبان سان ڳالھين جو شوق هڪ اهڙو امتحان آهي جنهن جا نتيجا اڳواٽ پڌري پَٽ پيا آهن. حڪومت هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي، جتان هن جو نڪرڻ ان وقت تائين ممڪن ناهي جيستائين هن ملڪ جي عسڪري ۽ جاسوسي اسٽيبلشمينٽ هڪ صفحي تي نٿي اچي، عالمي قوتن جون پنهنجا ايجنڊائون آهن،جيڪي اسان کي هٿيار ۽ فنڊ ڏين ٿا، جن جي قرضن تي اسان جي معيشت بيٺل آهي، سوال اهو آهي ته ڇا اهي اسان کي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪرڻ ڏيندا؟ 

ايندڙ ڏينهن ۾ طالبان جون ڪارروايون وڌيڪ تيز ٿيڻ جا امڪان آهن، طالبان پنهنجي سياسي حڪمت عملي تحت رڳو ٻه مهينا وڌيڪ حاصل ڪرڻ چاهين ٿا، جيئن اتر وزيرستان ۾ موسم ڪجهه گرم ٿئي، جبلن تان برف ڳري ٽوچي ندي ۾ داخل ٿئي، آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ جبلن جي اندر وڏيون غارون هنن جون پناھ گاهون آهن، جن مٿان ايف 16 جي بمباري به ڪو اثر نٿي ڪري، حڪومت لاءِ اها پريشاني به آهي ته هو اتر وزيرستان ۾ 3 لک کان وڌيڪ انساني آبادي کي جيڪڏهن آپريشن کان اڳ ۾ محفوظ هنڌن تي منتقل ڪري ته ان ڳالهه جي ضمانت ڪنهن جي به هٿ وس ناهي ته انهن لکن ماڻهن جي منتقلي دوران دهشتگرد به انهن سان گڏ منتقل نه ٿيندا، جڏهن ته حڪومت جيئن ئي آپريشن جو فيصلو ڪيو ته طالبان ڪراچي سميت سڄي ملڪ ۾ بارودي سرنگهن جيان وڇائجي ويندا، ۽ هڪ اهڙي جنگ شروع ٿي ويندي ،جنهن جو انت ويجهي ماضي ۾ ٿيندي نظر نٿو اچي. ماضي ۾ جهاد جي شوق ۾ جڏهن ڪشمير ۽ افغانستان ۾ اسان فتح جي خواهش واري نتيجي ۾ ڪاهي پيا هئا سين، هاڻي اهي ستايل اسان جي تماشي تي رڳو تاڙيون نه پيا وڄائين پر اهي ٻرندي تي تيل به هارين ٿا، بلوچستان ۾ فوج اڳي موجود آهي، سوات واري آپريشن جي ڀيٽ ۾ وزيرستان واري علائقي جي زميني صورتحال ٻي آهي، ان ڪري پاڪستان جي هاڻوڪي حڪومت بند گهٽي ۾ ڦاٿل آهي، هن دفعي رياست پاڪستان جي ڪردار تي سوال اٿي پيا آهن، هن رياست جا سمورا پيل پاوا جيستائين هڪ پيج تي نه ايندا تيستائين هي جنگ ڪي به نتيجا نه ڏئي سگهندي، هي جنگ رڳو بندوق سان به پر گهڻ پاسائين کان وڙهڻ جي تقاضا ڪري ٿي، هي هڪ اهڙي ڊگهي جنگ آهي، جنهن ۾ سياسي مذهبي ڌرين ۽ سمورن ادارن کي هڪ هنڌ گڏ ٿيڻو پوندو، پاڪستان جون اڌ کان وڌيڪ سياسي پارٽيون طالبانن جي نظرياتي اسڪول جون حامي آهن، اهڙي صورت ۾ اها جنگ ڪيئن فيصلائتي ٿيندي؟ ان سوال جو جواب حڪومت کي به خبر آهي، پر خبر ناهي ڪهڙي مصلحت جي بنياد تي سموريون حقيقتون سامهون نٿيون آنديون وڃن. دنيا تبديل ٿي وئي آهي، پر اسان جا رياستي ادارا پاڻ کي تبديل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن جو سبب اهو آهي ته جيڪڏهن هنن پاڻ کي تبديل ڪيو ته اهو دڪان بند ٿي ويندو، جنهن تي سندن گذر هلي ٿو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو