Home / اسپيشل افيئر / عرضي نويس سائي واپرائڻ جا فائدا
above article banner

عرضي نويس سائي واپرائڻ جا فائدا

ارشاد ميمڻ

اوهان کي ڀلي ڀت معلوم آهي ته سائي واپرائڻ جا انيڪ فائدا آهن. هونءَ به نشو ايين آهي جيئن ميڄالي کي رندو. سوچ، فڪر ۽ گفتگوروان ئي روان. ڄڻ ڍڳو کيڙي ۾، لالو ٽرڪ تان ڪري پيو. مٿي تي وزن وجهڻ جي گهرج ڪا نه پوي، آءُ، حاڪم علي ڏيٿو، عرضي نويس پيو ڳالهيان، پيو ڳالهايان. کوپڙي ۾ اوتجندڙ ويچار ۽ زبان جو ڳانڍاپو عجب. خيالن جي نهر پئي وهي. مان پيو موتي اوڳاڇيان. اوهان درخواستون لکڻ جي ڌنڌي سان هجو ته نرالا معاملا به ٿين. عرضي نويسي سان جن جو ڪو رشتو نه تعلق. اڄوڪي صبح جي وارتا ٿو سڻايانو. مست لڳو روينيو آفيس آڏو آيس. ٽيبل ڪرسي کي ڪپڙو هڻي، پيتي کوليم، ريڊيو ۾ سيل وجهي محمد ابراهيم جو ڪلام “تلڪ چاڙهي تي ٻيڙي ڊوڙي، سنڌو ندي ۾ ريل”، پئي ٻڌم. هڪڙو ٿلهو ٿنبرو همراهه اچي نڪتو، اکين مان ڄڻ رت ٿي ٽميس. ڪي راتيون ڪين ستو هئو، ڄڻ. گهڙي گهڙي ٿڌا شوڪارا ٿي ڀريائين. ويهڻ شرط مَٽ مان چار گلاس پاڻي جا ٻوڙي ڏوگهي ويو. شناختي ڪارڊ کيسي مان ڪڍي ميز تي رکيائين. اسٽامپ پيپر ڪڍرائي بياني ٿيو. لڳم، گراهڪ ته موچارو آهي. پر لکت وير پين کڻي روڪيم، جوڻهنس لاءِ طلاق لکرائڻ آيو هئو. ڏانهنس نهاري چيومانس- مڙس ته ڪنڌار آهين. هڪڙي مائي ڪو نه ٿو پالي سگهين. منهنجو ايترو چوڻ هن جو اوڇنگارو ۾ پوڻ. چئي- ڏمُ آهيان، زال سهڻي اٿم. ميهار ملي ويو اٿس. هٿ ٿو کڻان ته مياري. نه ٿو کڻان تڏهن پڻ خوار. ڪيڏانهن وڃان.!؟
ڳالهه سڌي ڪبي، خلق جي اڌمن کي لفظ ڏيندو آهيان. موالڙي ماڻهو آهيان. درخواستون تحرير ڪندو آهيان. پراڻي جڳ سان تعلق اٿم. نئين زماني جا نمونا سامهون اٿم. اخبار روز پڙهان. رتو ڇاڻ جي بازار لڳي پئي آهي. ٽي مهينا جيل ڪاٽيو اٿم. ڄاڻ آهيم ته هڪ ڏيهاڙي مسڪين شاهه هٿان مارجي ويندس. باگڙي پاڙي ۾ رهندا آهن. سريلن جي اتي اچي وڃ جو اکين ڏٺو شاهد آهيان. عورت ذات جو آجپو ڏيهاڙي پيو نهاريان. دنيا رنگ برنگي آهي. هڪڙي انڊلٺ زال جي روپ ۾ هجي ٿي. سندس ناز ۽ نخرا، ترڪتال. گهڻو تفصيل ۾ وڃبو ته اوهان مون خلاف احتجاجي هوندا. مُٺي به ما‎ٺ ته مٺي به ماٺ. وري پڻ يار! آءُ ڪنهن اصول جي پوئواري ضرور ڪندڙ آهيان. بک مرندس. مزدوري ڪندس. طلاق نامو نه لکندس. پر. ڏم کي جواب ڏئي روانو ڪيم. بحث شروع ٿيو. آخري گفتو پاڻ کي ئي چيم- سهڻيءَ جا مڙس، چئه پنهنجي قمست کي. ڀٽ ڌڻي وٽ تولا ڪهڪاءَ ناهي ته مان ڏيٿو تنهنجي لاءِ ڇا ڪريان. تاريخ چپ سبي ڇڏيا آهن. سهڻي جي ٻڏڻ کان اڳ ڏم مري چڪو هوندو. ڪير آهي جو سندس ڪاڻ ماتامي ٿئي؟

عقد مون به ناهي ڪيو. نوڪريءَ سندي زماني ۾ جڏڙي ڀيڻ سنڀاليم. اباڻو گهر ڊهي پٽ پيو. ڪمرو ڀاڙي تي ورتم. پاڙي ۾ چري عورت رهندي هئي. اولادڻ. چار پنج پٽ هئس. مڙس سمجهدار. مائي جا حال ڀُڏا. اٽو ڳوهيندي پاٽ جي ڪناري تي جونءِ پئي ماريندي هئي. رت ڀريل ننهن کي صاف ڪرڻ بجاءِ، پيڙا ٺاهي چلهه مٿان تئو کڻي رکندي. همراهه سمورو ڏينهن مزدوري ڪري موٽي ته گهر ۾ اجائي ڪِر ڪِر، پاڻ ٻارن کي وهنجاري، لٽا مٽائين، ماني کارائين. ويندي، زال جا وار سنواريندو هئو. گهر گر هستيءَ جو اهو لقاءُ ڏسي بانءِ ڪيم. شادي تان هٿ کڻي ويس. اچرج ضرور آيو، تڏهن. خبر پيم، جڏهن مجذوب مائي جي ڇوڪرن ترقي ڪري ڏيکاري. عربستان ۾ ڪمائڻ لاءِ وڃي پهتا. جيڪي هتي هئا سي پڻ ستابا ٿي ويا. قسمت جو چڪر چئجيس يا مجذو بيت جو نتيجو؟ بهرحال، مون گهر وسائڻ جو خيال پوري ڇڏيو. ٻوڙ ڳڀو پاڻ رڌيان. وڻيم ته گوشت کاوان، پسند اچيم ته سائي ڀاڄي. ساڳ ڪوئي ڏئي ويو ته وٽ ڪبي. جنهن شخص طلاق نامو ٿي لکرائڻ چاهيو تنهن جو ڪم نه ڪيم. ساڻس همدردي ضرور آهيم. مرد آهيان. مردن جو پاسو وٺندس. عورت جو مان، ڪندو آهيان. مٿس ڀرو سو ڪڏهن نه رکيم. ڪردار کي بچايم. ايئن ناهي ته انهي جنس بابت ڪا معلومات ئي نه هجيم. انسان آهيان. ڪڻڪ جو مٺاڻ ڄڀ کي چکايو اٿم. سائي سان عشق کان انڪار نه ڪبو. ٻيو مڙئي خير.
گگ نه ڳاڙي ته ٿاڌل جهڙي ڪا ٻي شيءِ ناهي. صبح سوير ڪونڊو پيئڻ جا فائدا مٿي بيان ڪري آيو آهيان. هاڻ ٻڌو شامڙي گهوٽي واپرائڻ جا اسرار. سج لٿي مهل چار گلاس هڻي، چلهه ٻاريان، چانور اوٻاري مٿن مٺاڻ ٻرڪي پورو ٿالهه کائي وڃان. اڪيلو مڙس آهيان، نه دوست نه دڙو، ٻيڙي دکائي چيلهه سڌي ڪرڻ سان ڪوٺيءَ جي هر هڪ ڪنڊ مان نرالا آواز سڻان.
امان ۽ ابو اتر واري پاسي کان ڏيکاري ڏين. آءُ سندن ڀاڪر جي گرمائش ڏانهن وڌندو وڃان، وڌندو وڃان. تان جو ننڍي هوندي جا سنگتي گوڙ ڪندا ٻئي طرف کان نڪرن. لاٽون، چڌا، لغڙ ۽ گار گند. اڃا تن مان واندو ٿيان ته دروزاي منجهان هوءَ داخل ٿئي. گلابي رنگ جي شبيهه، زالاڻي وک سان. هورڙيان هورڙيان مون ڏانهن وڌي. ارادو منهنجي وس نه رهي. بي اختيار ٿي اٿي بيهان. مانَ وچان ڪجهه نه چوان. ڪنڌ نمائي پاڻ پيش ڪريان. گلابي ايڏر مون کي وڪوڙي مست ڪريو ڇڏي. پاڙيوارن وٽسرٻاٽ آهن ته جنهن ڪمري ۾ رهندو آهيان تنهن منجهان رات دير تائين راڳ جو ڌمچر ٻڌندا آهن. گيت جن جي تشريح ڪري نه سگهجي. آءُ سرت ۾ اچان ته سج اڀري چڪو هوندو. چلهه کي تيلي هڻي چانهه تيار ڪريان. ڌاڙهي ڪوڙي، سنان پاڻي ۽ پوءِ ڪپڙا مٽايان. ٻيڙيءَ جي ڦوڪ وٺي، سائيءَ جي ڇاڻ ۾ لڳان. مسواڙي جاءِ کي ڪڙو چاڙهي گهٽي جي موڙ تائين پهچان ته گلابي شبيهه مون سان گڏ هلي. بازار ۾ گهڙان نه طلاق لکرائڻ وارو همراهه سلامي ٿئيم. عرضي نويس ويچارو وڌيڪ ڇا چوي؟- فقط ايترو ته زندگي ۾ الاهي تضاد آهي.
وچ ۾ بيمار ٿيس. ڪنهن کڻي اسپتال ڀيڙو ڪيم. ست ڏينهن، ست راتيون وڦلندو رهيس. امان جي گوڏي تي مٿو رکيل محسوس ٿيو. پيٽ جا وٽ ختم نه ٿي ٿيا. هوءَ سومڻهي اچي پيرن کان بيهندي هئي. سچ اهو، زال ذات سهڻي نه هجي ۽ پاڻ ماڻهو ڏُم نه هجي ته حياتي وڻندڙ ٿيو وڃي. وارڊ جي تيز بلبن جي روشني ۾ مون کيس گلابي ٻوڪيءَ ۾ ڏٺو. راڳ ويراڳ جي محفل شروع ٿي. پوءِ خبر پيم ته اسپتال وارن تنگ ٿي مون کي گهر روانو ڪيو. عرضي نويس جي شام تائين هڪڙي ڪٿا هوندي آهي ۽ سانجهيءَ کانپوءِ ٻي. اوهان ضرور بيزار ٿياهوندا. مون کي سڀني واٽر ڪورس پڪي ڪرائڻ لاءِ دخواست لکڻ وارو پرزو سمجهيو. ڪنهن به انسان نه ڄاتو، ڪاڳر ڪارو ڪرائي، روپيا پنجاهه ڏئي توهان رمتا ٿي ويا. مون وري ڪونڊي ۾ ٽٻي هنئي. سال گذريا آهن جو ننڊ ڪا نه ڪئي اٿم. اڄ رات گجگوڙ ٻڌان ٿو. کنوڻ جا چمڪاٽ آهن. طوفان آيو ڪي آيو. امان نراڙ تي چمي ڏني ۽ هلي وئي. پيءُ خفي لڳل ڏٺم. ٻار چرچا ڪندا موڪلائي ويا. سفيد رنگ جا ڪپڙا اوڍيا اٿم. صفا ڪورا. هن اچڻ ۾ دير ڪئي آهي. ٻيڙي منجهان ٻيڙي دکائي ڪمري ۾ پسار پيو ڪيان. ماءُ وڃڻ گهڙي “منهنجو گهوٽ!” چيم. حيران آهيان. ڏور پري، آسمان ۾ ڄڃ تيارين ۾ آهي. اوچتو کيس چهچ ڳاڙهي وڳي ۾ در آڏو ڏسان ٿو. منهن تي گهونگهٽ سجايل اٿس ۽ ساڄو. هٿ اڀو ڪيو بيٺي آهي. وٽس ڳاڙهي رنگ جا ڏانوڻ آهن.
پڪ ڄاڻو ته عرضي نويس ٻيهر اوهان کي تنگ نه ڪندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو