Home / اسپيشل افيئر / عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان عورتن جا حق ۽ تاريخ جا انڌا اونڌا ويڄ
above article banner

عورتن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان عورتن جا حق ۽ تاريخ جا انڌا اونڌا ويڄ

ثنا عباس دشتي

تاريخ اندر عورت جو وجود ته آهي پر ان وجود کي جنسي متڀيد مٽائي ڇڏيو آهي. تاريخ جي فريم ورڪ ۾ عورت لاءِ ڪا به گنجائش نه رکي وئي آهي. جيتوڻيڪ عورت قدرت جو حسين شاهڪار آهي شاعرن اديبن ان جي حسن، وفا ۽ ادا تي لکيو آهي، شاهه لطيف پنهنجي ستن ئي سورمين جا ڏک درد ونڊيا آهن. سچل سامي، رومي جو لفظ لفظ عورت جي وجود جو گواهه آهي. تحريري تاريخ وجود ۾ اچڻ کان اڳ ئي معاشري تي مرد غالب ٿي چڪو هو ۽ اڻ برابري واري صورتحال ۾ قديم دور کان اول به عورت کي قرباني ۽ مفاد طور استعمال ڪيو ويو، تنهن ڪري عورت کي هميشه رحم و ڪرم جي نظر سان ڏٺو ويو. ڪڏهن سندس عصمت پائمال ڪئي وئي، ڪڏهن ساڻس نفرت ڪئي وئي. برابري جي بنياد تي پيدا ٿيندڙ عورت کي ڪڏهن به اهو احساس نه هوندو ته کائنس دنيا ايترا امتحان وٺندي. قديم قبيلن ۾ عورتن کي دوستي يا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ونيون به مٽاسٽا ڪندا هئا جيئن لاڳاپا بهتر ٿي سگهن. ان سڄي عمل ۾ عورت جي مرضي جي ڪا به گنجائش نه هئي، جيئن قبائلي مرد چاهيندا هئا ايئن ٿيندو هو. مڙس يا سردار جو حڪم مڃڻ عورت تي فرض هو. ڪيتري نه عجيب ڳالهه آهي ته قديم دور کان عورت کي دل وندرائڻ جو ذريعو سمجهي کيڏيو ويو، ڪڏهن جنگ بندي لاٰءِ ڪڏهن تخت بچائڻ لاءِ ڪڏهن انا جي تسڪين لاءِ ۽ عورت تي لازم هيو ته هو سڀ چپ چاپ سهندي رهي. عورت قرباني ڏيندي رهي ۽ اڃا تائين جديد دور ۾ به ڏيندي رهي ٿي پر ان جي قرباني گمنام ٿيو وڃي ۽ تاريخ جي ڪنهن به ورق تي عيان نه آهي. تاريخ هميشه عورت جي قرباني تي خاموش رهي آهي. عورت جي قرباني جنگ کي روڪيو. معاشري ۾ امن امان جو ذريعو، تلخ لاڳاپن کي دور ڪيو عورت ۽ ان جون قربانيون تاريخ جي ورقن کان هميشه خالي رهيون آهن.

28

جڏهن عورت جي حيثيت صرف فائدي ۽ شيءَ جيتري ٿي وڃي تڏهن ان تي هر ڪوئي غالب اچي وڃي، مغلن، ارغونن، يا جيترا به حڪمران دنيا تي رهيا انهن عورتن کي حرمن جي زينت ٺاهيو. مغلن جي دور جي تاريخ عورت لاءِ ان ڪري مختلف آهي جو هو عورت کي نڪاح جي رشتي ۾ آڻيندا هئا نه ته ان کان اول عورت صرف ڪنهن بادشاهه، سردار جي لاءِ دل وندرائڻ ۽ وارث پيدا ڪرڻ جي لاءِ وقف هئي. عورت بحيثيت ماءُ جي وڏي عظمت رکي ٿي ان بهادر ۽ عظيم مرد پيدا ڪيا جڏهن اهي ئي عظيم مرد تاريخ ۾ نانءَ پيدا ڪن ٿا تڏهن عورت جو ڪو به نانءَ نشان نه ٿو رهي شايد سپوت پيدا ڪرڻ کانپوءِ سندس ڪردار ختم ٿيو وڃي.

اينگلز پنهنجي ڪتاب “ خاندان، نجي ملڪيت ۽ سياست” ۾ وضاحت ڪئي آهي ته ڪهڙي طرح تهذيبي، تمدن، روايتون ۽ ادارا مردن جي تابع هلڻ لڳا، ذاتي ملڪيت عورت جي حقن کي جذب ڪري ڇڏيو ۽ ان جي خودمختياري ختم ٿي وئي ۽ عورت صرف ذاتي ملڪيت بڻجي وئي جڏهن ته ان ئي معاشري ۾ مرد هڪ ئي وقت ڪيتريون ئي شاديون پئي ڪري سگهيو جنهن کي POLYGNY چيو ويندو آهي ۽ عورت قيد ٿي رهجي وئي. نجي ملڪيت کي محفوظ ڪرڻ لاءِ شاديون بس رسمن تحت ٿيڻ لڳيون تنهن ڪري شادين ۾ محبت ۽ جذبات نالي ماتر هوندا هيا ۽ شاديون صرف ان ڪري ڪيون وينديون هيون جيئن جائداد کي وڌايو وڃي ۽ لڙاين کان بچاءَ ۽ خانداني دولت جي حفاظت لاءِ هيون.

توريت ۾ گهر واريءَ کي ور لاءِ تاڪيد ڪيل آهي، عورت مڙس لاءِ غلام آهي ۽ مڙس باشاهه آهي ۽ مڙس کي اهو اختيار آهي ته هو جڏهن چاهي عورت کي طلاق ڏي پر عورت کي مرد کان علحدگي جو ڪو ئي حق نه آهي. يهودي مرد هميشه اها دعا ڪندا هئا ته مالڪ تنهن جو شڪر مان مرد آهيان” جيڪڏهن عورت ٻار پيدا نه پئي ڪري سگهي ته اهو عورت جو قصور آهي پيءُ کي حق هو ته ڌيءُ کي وڪڻي مطلب ته يهودي يهوديت جي اڀرڻ سان معاشري ۾ سندس وقار ويتر ڪري پيو.

مهاڀارت جي زماني ۾ هندو سماج ۾ عورت جي سماجي حيثيت گهٽجي وئي. رامائڻ ۾ عورت جي حالت بدلجي چڪي هئي سيتا جي قصي ۾ اهو واضح آهي ته هو پنهنجي مڙس سان گڏ جلاوطن ٿي پر جڏهن لنڪاراجه انکي اغوا ڪندو آهي ۽ هو واپس ايندي آهي ته رام ان کي ناپاڪ سمجهي قبول ڪرڻ کان انڪار ٿو ڪري ۽ هو پنهنجي پاڪيزگي ظاهر ڪرڻ لاءِ باهه تان گذرندي آهي پر پوءِ به رام جي دل ۾ خلش رهجي وڃي ٿي ۽ هو ان کي جلا وطن ڪري ٿو ڇڏي. ان تي سيتا دعا ڪندي آهي ته زمين ڦاٽي پوي ۽ مان ان اندر دٻجي وڃان ۽ سندس دعا قبول ٿي ويندي آهي ۽ هن پنهنجي پاڪ دامني بچائڻ لاءِ پاڻ کي قربان ڪيو ۽ اڳتي هلي سيتا هندستاني معاشري کي ڏک، اذيت تڪليف مان ڪڍڻ جو ذريعو بڻي. ستي جي معنيٰ پاڪ هئڻ جي هئي تنهن ڪري مڙس جي مرڻ کانپوءِ عورت کي به ان جي چتا سان سڙڻ لازم هو. ابو الفضل “ آئين اڪبري” ۾ لکي ٿو ته ستي جا چار قسم هئا هڪ اها عورت جيڪا مڙس جي غم ۾ بيهوش ٿي ڪري پوندي هئي ۽ ان جا مٽ مائٽ ان ڳالهه کي ديوتا جو اشارو سمجهي ان کي مڙس سان گڏ ساڙيندا هئا. ٻيون اهي عورتون جيڪي پنهنجي مڙس سان محبت ڪنديون هيون ۽ خوشي خوشيءَ سان لاءِ تيار هونديون هيون، ٽيون عورتون جيڪي رسم رواج ۾ اينديون هيون ۽ چوٿون عورت کي زبردستي مڙس سان گڏ ساڙيو ويندو هو.

29

هندستاني معاشري ۾ انگريزن جي دور کان تبديليون اچڻ شروع ٿي ويون ۽ 1857ع واري پهرين “بغاوت واري جنگ کانپوءِ” سر سيد احمد خان تعليم تي زور ڏنو. سر سيد احمد خان پنهنجي هڪ تقرير ۾ چيو ته “ دنيا ۾ اهڙي ڪا به قوم نه آهي جتي مردن جون حالتون صحيح ٿيڻ کان پهرين عورت جي حالت صحيح ٿي هجي يا وري مرد جي حالت صحيح هجي ته عورت جي نه، جيستائين مرد عورت ٻئي لائق نه ٿينديون. عورتن جي تعليم لاءِ مرد جو تعليم يافته هجڻ ضروري آهي ۽ جڏهن مرد لائق ٿي ويندا ته حالتن کي سمجهڻ ۽ مسئلن جو حل پنهنجو پاڻ نڪري ايندو. ان کانپوءِ ٻالڪپڻ جي شادي ۽ مغلن جي دور کان انگريزن جي دور تائين ستي تي به قابو اچڻ لڳو. تاريخ ۾ جاءِ نه ملڻ جي باوجود عورت ڪڏهن به هار نه مڃي آهي. ۽ پنهنجي حقن جي جنگ وڙهندي رهي ٿي. هينئر معاشري ۾ 8 مارچ کي عالمي عورتن جو ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي. عورت جي حقن برابري ڏيڻ سان نه صرف معاشرو ترقي ڪندو بلڪه پوري معاشري ۾ هڪ نئين تاريخ لکجي ويندي. هينئر تاريخ کي عورت جي قرباني نه بلڪه پوري تاريخ ۾ سندس مڃتا گهربل آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته ذهني انتشار ۽ جنسي متڀيد مان عورت آزاد ڪيو وڃي ۽ عالمي قانون تحت کيس برابري جا حق ڏنا وڃن.

sanadashti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو