Home / ڪور افيئر / وزيرستان مان 300 افغاني پٺاڻ ڪٽنب ٺٽي پهچي ويا
above article banner

وزيرستان مان 300 افغاني پٺاڻ ڪٽنب ٺٽي پهچي ويا

غلام حسين خواجه

وشال ڌرتي، ازل کان پنهنجي وجود تي ٿيل عبرتناڪ ڪهاڻين، ديو مالائي ڏند ڪٿائن، محبتن ۽ ڪربلائن جو مظهر رهي آهي. دنيا جي تاريخ غلامين، بيٺيڪيت ۽ حاڪميت جي رنگينين سان ڀريل آهي، 

ٺٽي جي تاريخ وري انهي تسلسل ۾ محڪوميت ۽ حملا آورن جي قصن سان ڀريل آهي. هتي 1340 ه کان 1739 تائين ترخانن، ارغونن دهلي جي حاڪمن چڙهائي ڪئي ۽ ڳچ عرصو حڪومت ڪندا رهيا. ڌارين جا ڪٽڪ، سنڌ جي راڄڌاني واري شهر تي مسلسل حملي آور رهيا. هتان جو عوام، معيشيت، ۽ ماڻهن جا فيصلا انهن جي دسترس هيٺ رهيا.

هندستان جي ورهاڱي بعد ٺٽي جو ڪوهستان واري علائقي جهمپير ، جنگشاهي، ساڏورو، مٽنگ اسٽيشن، ڌاٻيجي واري علائقن ۾ وڏي پئماني تي مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ قومون اچي آباد ٿيون. ۽ بعد ۾ وقت سان گڏو گڏ اهو تعدادهزارن کان لکن جي تعداد ۾ تبديل ٿي ويو.

سال 1999 ۾ پاپوليشن سينسز آرگنائزيشن اسٽيٽڪس ڊويزن Population Census Organization- Statistics Division جي انگن اکرن موجب ضلعي ۾ لڏ پلاڻ ڪري آيلن جي شرح اندرون سنڌ 77.16% خيبر پختونخواهه 5.54، پنجاب 8.07، بلوچستان0.14 هئو. جڏهن 1998-99 کانپوءِ ان تعداد م 4 دفعا واڌ آئي آهي.

ٺٽو جيتوڻيڪ ولڊ بئنڪ جي رپورٽ موجب هيومن انڊيڪس ۾ ملڪ جي غريب ترين ضلعن ۾ شامل آهي. پر هي ضلعو جاگرافيائي حوالي کان مالامال آهي جتي 350 ڪلوميٽر جي ساحلي پٽي، ڪوئلن جو کاڻيون، ڪوهستان واري علائقي ۾ وڏي مقدار ۾ معدنيات جي موجودگي، دريائي علائقو ۽ سرسبز زمينون هتي ڌاري لڏپلاڻ جو اهم سبب آهن.

ڪراچي ۽ ٺٽو جو گيٽ وي هجڻ ڪري گذريل ڏهن سالن ۾ هتي وڏي تعداد ۾ پٺاڻ آبادي پڻ لڏ پلاڻ ڪري آئي آهي جيڪا ڌاٻيجي، گهارو، گجو، ٺٽو، مڪلي، جهمپير، جنگشاهي، ٻهارا، ساڪرو، کاروڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر ۾ رهي ٿي. “افيئر” کي مليل اطلاعن موجب وزيرستان ۾ خراب حالتون هجڻ بعد ۽ ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ايجنسيز جي وٺ پڪڙ جي نتيجي ۾ 250 کان 300 خاندان جنوري ۽ فيبروري واري مهيني ۾ لڏپلاڻ ڪري ٺٽي اچي پهتا آهن.

هڪ اهم ذريعي عملدار نالو نه ظاهر ڪرڻ جي شرط تي “افيئر” کي ٻڌايو ته صوبائي حڪومت پاران افغانين کي سنڌ ۾ نه رهڻ واري فيصلي بعد پوليس کاتي جي سمورن ٿاڻن تي ليٽر موڪليا ويا آهن ته جيئن افعان، ازبڪ ۽ وزيرستان جي پٺاڻن جي تصديق ٿي سگهي.

as

پر پوليس کاتي پاران اڃا تائين ڪا به تصديق شده ڊيٽا سامهون نه اچي سگهي آهي. ڇو ته اهي افغان اڳ۾ ئي ٺٽي ۾ رهندڙ سندن مٽن مائٽن جي گهرن ۾ ترسيل آهن.

هڪ سروي موجب ٺٽي ضلعي جي سمورن ننڍن ۽ وڏن شهرن ۾ افغاني مهاجرين پنهنجي خاندان سميت رهائش پذير آهن ۽ نه صرف اهو پر ان سان گڏو گڏ تيزي سان مختلف ڪاروبارن تي پڻ قابض ٿيندا وڃن. ساحلي پٽي جو علائقو ڌاري آبادڪاري لاءِ ڄڻ ته ڪا سون جي کاڻ آهي جتي غربت ۽ وسيلا نه هئڻ سبب مقامي ماڻهو پنهنجيون ٻنيون ۽ زمينون تيزي سان هنن کي وڪرو ڪري رهيا آهن جتي اهي قنڌاري قابض پنهنجا پير تمام مضبوطي سان ڄمائي رهيا آهن سڄاڻ ڌرين جو اهو رايو آهي ته جيڪڏهن ساڳي رفتار سان مقامي ماڻهو پنهنجيون زمينون، دڪان توڙي گهر انهن کي وڪرو ڪندا ويا ته شايد مقامي ماڻهن جي سڃاڻپ پڻ موڪلائي ويندي.

هن علائقي ۾ ماهيگيري جو سمورو ڪاروبار پڻ پٺاڻ واپارين وٽ يرغمال آهي جتي هي پٺاڻ مڇي مارڻ لاءِ ويندڙ ملاحن کي ايڊوانس قرض ڏين ٿا ان ۾ اوزار پڻ شامل هجن ٿا جيئن شڪار ٿيو ته قرض وياج سميت واپس ٿيندو جي نه ٿيو ته ماهيگير گروي رهندو.

ساڳي صورتحال ضلعي ٺٽي جي ٻيلن ۾ پڻ آهي جتي ڪوئلو ٺاهڻ جو ڪاروبار پٺاڻ برادري ڪري ٿي.شهري آبادين ۾ ٺٽي شهر جي مُک بازار ۾ 50% سيڪڙو ڪاروبار گذريل ويهه سالن کان پٺاڻ برادري وٽ آهي جن جي ڪابه رجسٽريشن ٿيل ناهي. وڌيڪ خطري واري ڳالهه اها آهي ته جڏهن هتي هڪ خاندان لڏپلاڻ ڪري اچي ٿو ته انهن جا ٻيا خاندان پڻ لڏ پلاڻ ڪري اچن ٿا جنهن جي لاءِ سنڌ حڪومت وٽ ڪابه رجسٽريشن موجود نه آهي.

سرڪار جيتوڻيڪ سڄي صورتحال کان لاتعلق آهي پر اطلاعن مطابق ڪراچي کان پوءِ اندرون سنڌ ۾ ٺٽي وارو علائقو ڪنهن تخريبڪاري جو شڪار ٿي سگهي ٿو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سرڪار ان سمورن لڏ پلاڻ ڪري آيلن جي نه رڳو رجسٽريشن ڪري بلڪه کين نيڪالي پڻ ڏئي جيئن ڪنهن به اڻوڻندڙ صورتحال کان بچي سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو