Home / ڪور افيئر / وزيرستان ۽ وانا جي لوڌ جو سنڌ ڏانهن رخ
above article banner

وزيرستان ۽ وانا جي لوڌ جو سنڌ ڏانهن رخ

سمير منڌرو

گذريل سال افيئر واضح طور انهي ڳالهه جي نشاندهي ڪئي هئي ته ڪراچي ۾ متحده قومي موومينٽ ۽ عوامي نيشنل پارٽي وچ ۾ ٿيندڙ جهيڙن کان پوءِ هزارين پٺاڻ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ پنهنجا ڪاروبار منتقل ڪري چڪا آهن. انهن جهيڙن پويان متحده جو هڪ اهم مقصد اهو هو ته هو پٺاڻ ۽ انهي جي آڙ ۾ وڌندڙ قبائلي علائقن مان ايندڙ وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي رستا روڪ ڪري سگهي. جيڪا ڪنهن حد تائين ڪاميابي سان ممڪن به بڻي. ايستائين جو 20 سالن کان وڌيڪ ڪنهن علائقي ۾ موچي جو ڪم ڪندڙ به ٻارن ٻچن سميت ٻين علائقن ۾ منتقل ٿي ويا ۽ انهن سنڌ جا ٻيا يتيم شهر وڃي آباد ڪيا. انهي وقت به اسان اها ئي ڳالهه اٿاري سين ته نه صرف ڪراچي بلڪه خيبرپختون خواهه ۽ فاٽا مان لڏي ايندڙ سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ نه رڳو اچي رهيا آهن بلڪه مستقل رهائش پڻ اختيار ڪري رهيا آهن.

گذريل حڪومتي دور ۾ وانا ۽ وزيرستان مان هزارين خاندان ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ آيا جن مان ڪيترائي خاندان هتي مستقل آباد ٿي چڪا آهن، جن جو حڪومت وٽ نه ڪو رڪارڊ آهي ۽ نه ئي ڪو الڪو. هن ڀيري وري جڏهن طالبان سان حڪومت جا مامرا طئي ناهن ٿي سگهيا ته وري ڪي ڪٽڪ هيٺ لهي پيا آهن، جن کي سموري خيبرپختون خواهه ۽ پنجاب ۾ ڪٿي زمين جو ٽڪرو نٿو ملي ۽ اهي اوٻاوڙو کان ڪيماڙي تائين جتي چاهين اتي ٿانيڪا ٿيندا ٿا وڃن. لڏ پلاڻ کان ترت پوءِ سنڌ جي ڪرتا ڌرتا صوبائي حڪومت تيزي سان بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته صوبي ۾ ٻين علائقن کان ايندڙن جي رستا روڪ ڪئي ويندي. قومپرست ڌرين به پنهنجا روايتي بيان پهريون ڀيرو جاري ڪيا. ڪي ايڪڙ ٻيڪڙ (ڏيکاءُ لاءِ) پوليس آپريشن به سامهون آيا. جن ۾ اطلاع اهي آهن ته پوليس پنهنجو ڌندو جاري رکيو.

Picture7

ڪجهه معاملن تي سنڌ جو باشعور طبقو صرف حيران نظر ٿو اچي. افغانستان ۾ جنگ لڳي ته به ٽي صوبا ڇڏي لکين افغاني سنڌ ۾ آيا ۽ اڃا اچن پيا. جي معاملا بلوچستان جي ڪنهن مٿاهين علائقي ۾ خراب ٿين ته به سنڌ ئي آخري ۽ بهترين ٺڪاڻو. جي فاٽا، گلگت، خيبرپختون خواهه ۽ پنجاب ۾ ڪو رياستي ۽ قبائلي ڏچو ٿئي ته به اڙجون اسان. جڏهن معاملا ڳنڀير ٿين ته گوڙ ڪيون ته اسان جي وسيلن تي قبضا ٿيندا ٿا وڃن ۽ سنڌين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي سازش پئي ٿي، وغيره.

افيئر طرفان معاملي جي جاچ ڪرڻ تي انهي جا ٽي پهلو سامهون آيا آهن. جيڪي انتهائي غور طلب آهن ۽ هر سنڌي لاءِ چٽو پيغام آهي ته ان معاملي ۾ ڇا ۽ ڪيئن ڪري سگهجي ٿو، جيئن اسان جا ٻار بک وگهي نه مرن ۽ نوجوان بيروزگاري سبب خودڪشي نه ڪن ۽ سڀ کان اهم ڳالهه ته صوفين جي ڌرتي تي مذهبي انتهاپسندي کان ڪيئن بچائي سگهجي.

سماجي پهلو

سڀ کان اهم معاملو اهو سامهون آيو آهي ته مٿاهن علائقن کان ايندڙن جا نه رڳو ڪراچي بلڪه سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ چڱا واسطا موجود آهن. جڏهن ته انهن علائقن ۾ اها ڳالهه سالن کان عام آهي ته “دبئي جائو يا سنڌ، ايڪ هي بات هي” ڪراچي ۾ پندرهن سالن جي بوٽ پالش ڪندڙ قبائلي ڇوڪري مطابق: “ هتي پئسو جام آهي ۽ ڪم ڪندڙ ناهن. آئون پالش مان روز پنج کان اٺن سون تائين آساني سان ڪمايان ٿو. پري پري تائين مون کي ڪو غير قوم وارو پالش ڪندو نظر ناهي آيو.” هو اٺ کان نو مهينا اڳ ڪراچي ۾ آيو آهي. سندس ڪي مائٽ ميرپورخاص ۽ ڪي حيدرآباد به لڏي آيا آهن. هن ٻڌايو ته هن کي گهر ڪرائي تي وٺي ڏيڻ ۽ ڌنڌو هٿ ڪرڻ ۾ ڪو خاص وقت نه لڳو ڇاڪاڻ ته هن جا ڪيئي مائٽ هتي بهتر نموني سان آباد آهن.

ميرپور خاص هجي يا حيدرآباد، سکر هجي يا خيرپور، بدين هجي يا ٿرپاڪر سنڌ جو اهو ڪهڙو علائقو آهي جتي وزيرستان کان ايندڙن جا سماجي رابطا ناهن ؟ “مڇي، جهينگو ۽ ڪيڪڙو اسين ماريون ٿا ۽ ڪراچي ۾ وڪڻي پٺاڻ ٿو. ڪراچي پرديس آهي ۽ هتي روز ماڻهو مرن ٿا اسين پنهنجي ڳوٺ ۾ خوش آهيون. پٺاڻ ويچارا به پرديسي آهن، هنن جو حق آهي ته ڪي ڏوڪڙ ڪمائن” ڪيٽي بندر جي ارڙهن سالن جي نوجوان جنهن جي جسم تي ليڙون ليڙون ٿيندڙ ڪپرا هئا ۽ پيرن ۾ چپل نه هئي جا اهي لفظ لڱ ڪانڊاريندڙ ناهن؟

“ انب توهان پوکيو ته پوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد وڪڻڻ به توهان وڃو نه؟” مون گذريل سال ميرپور خاص ۾ هڪ سنڌي زميندار کان سوال ڪيو. چيائين “اهو ڪو اسان کان پڇي ڇو ته مارڪيٽن ۾ رڳو پٺاڻ ويٺا آهن ۽ اسان سان ٺيڪ ورتاءُ نٿا ڪن” پڇيو مانس ته پوءِ توهان به هنن کي لفٽ نه ڪرايو ڇو ته هنن جون منڊيون توهان جي پورهئي ڪري هلن ٿيون. هن جواب ڏنو ته اهڙا ڪم اسان کان نه ٿا پڄن. اهي چند مثال هئا.

سکر ويجهو اروڙ ۾ اسٽون ڪرشنگ جو ڪم هجي يا ٺٽي ۾ريتي بجري جو. ميرپور خاص ۾ خشڪ ميوي جو ڪم هجي يا بدين ۾ چانهه جي هوٽل، سنڌ پنجاب بارڊر کان ڪراچي تائين پيٽرول پمپن جي مالڪي جو سوال هجي يا انهن سان لڳندڙ هوٽلن جي ڳالهه، جهر جهنگ ۾ سائيڪلن ۽ موٽر سائيڪلن تي ريشمي رنگين ڪپڙو قسطن تي وڪڻڻ جي ڳالهه هجي يا ڪا مزدوري، سڄي سنڌ وانا ۽ وزيرستان مان ايندڙن جي مائٽن سان ڀري پئي آهي.

ڪراچي ۾ ته متحده ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي خوف کان ڪو وڏو ڪريڪ ڊائون ناهي ٿيو البته ٻه مارچ تي حيدرآباد ۾ انهي پوليس آپريشن خلاف سوين ماڻهو روڊ تي نڪري آيا ۽ پوليس کي مجبورن پنهنجو ڌنڌو بند ڪرڻو پيو. انهي احتجاج ۾ وڏو تعداد عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارڪنن جو هو.

“ اسان جي شهر ۾ مون کي نوان چهرا نظر اچن پيا. ڪن کي ته اردو به نٿي ڳالهائڻ اچي” هڪ دوست خيرپور مان حال اوريا. چيائين ته هنن همراهن جا مائٽ اڳ ئي هتي مضبوط پوزيشن ۾ آهن. ٿورن لفظن ۾ ته ٻاهران ايندڙن کي نه حڪومت روڪي سگهي ٿي ۽ نه ئي اسان اجتماعي طور ايترا مضبوط آهيون جو هنن جي رستا روڪ ڪري سگهون.

مذهبي پهلو

سڄو پاڪستان ڄاڻي ٿو ته سنڌ ۾ مذهبي رواداري صدين کان موجود آهي ۽ هتي تمام گهٽ فرقيواريت جا واقعا رونما ٿين ٿا. تازن اطلاعن مطابق ته جن جا ڪنهن جاءِ تي مائٽ يا واسطا ناهن اهي مذهبي لاڳاپن جي بنياد تي اچن پيا. خاص طور انهي تعلق جي ڪري هنن جي سڃاڻپ “مسلمان طور آهي ۽ هو ڪٿي به رهي سگهن ٿا. ڪي اطلاع اهي به آهن ته جيئن ته سنڌ ۾ مختلف هنڌن تي ڪيئي مدرسا به قائم ٿي چڪا آهن. سو جيڪي اڳ هتي پڙهندڙ هئا انهن ايندڙ لاءِ رستا بلڪل clear ڪري ڇڏيا آهن”. 

“جيڪڏهن پاڪستاني آرمي جي هلان سبب منهنجي شهر آيو ته آئون هن جي هر ممڪن مدد ڪندس. مون کي طالبان ۽ هنن جو پيغام پسند آهي. دادو جي ٻارهين ڪلاس جي شاگرد جا اهي لفظ اکيون پٽڻ لاءِ ڪافي آهن. “ هنن جي اچڻ سان مذهبي سرگرميون وڌنديون ۽ آئون سمجهان ٿو ته اهو اسان لاءِ بهتر آهي” انهي شاگرد جي والد ڳالهه کي اڳيان وڌندائيندي چيو . مطلب ته نه صرف ايندڙن جا قومي ڀائر بلڪه اسان وارا همراهه به هڪ ڀيرو وري مذهب جي نالي تي سنڌ جا شهر ڌارين کي ڏيڻ لاءِ تيار آهن .

سياسي پهلو

سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي جيڪا وفاق جي علامت آهي. سا، ڪيئن ايندڙن جي رستا روڪ ۽ قانوني تقاضائون پوريون ڪندي؟ خود وڏي وزير قائم علي شاهه جي ضلعي ۾ رهندڙ همراهه پاڻ کي پيپلز پارٽي جا ڪارڪن سڏائي رهن پيا ۽ آباد ٿين پيا. ڪنهن جو تعلق ڪنهن مذهبي پارٽي سان آهي ته ڪنهن جو عوامي نيشنل پارٽي يا پيپلز پارٽي سان. سڀ آساني سان اگهامجن پيا. جن جو تعلق ڪنهن به سياسي يا مذهبي پارٽي سان ناهي اهي هتي اچي سياسي به بڻجن پيا، اهڙا پڻ اطلاع سامهون آيا آهن.

هنن ٽن پهلوئن کان سواءِ هڪ ٻيو اهو مسئلو سامهون آيو آهي ته قومپرستي جي بنياد تي سنگت آباد ٿئي پئي جن کي قومي ٻولي به ڳالهائن نه ٿي اچي.

ملڪي ۽ بين الاقوامي قانون کڻي ڇا به چون پر ڳالهه حق جي چئبي ته جيڪڏهن اصلو ڪن جو بنيادي حق کسجي ۽ انهي يلغار دوران استعمال ٿئي ته ڇا ڪنهن کي اهو به نه چئجي ته ميان پنهنجو صوبو ۽ ڌرتي اٿئي وڃ ۽ اتي ڪجهه ڏينهن رهه، حالتون ٺيڪ ٿيڻ کانپوءِ واپسي جي ٽڪيٽ وٺ. ايراني، بنگالي، بهاري ۽ افغاني ته اسان جي مٿي ۾ لڳل ئي آهن ۽ هاڻ وري جن کي پنهنجا صوبا ۽ وسيلا آهن اهي به يييم خانو سمجهي اچن پيا!

“هم تم لوگون ڪي طرح نئين هين” هڪ پنجابي پوليس آفيسر وزيرستان ۽ وانا مان ايندڙن تي تبصرو ڪيو” تمهاري تو ڊاڪو ڀي تمهي لوگون ڪي دشمن هين” ميني ڪڀي ڪسي ڊاڪون ڪو نهين ديکا ڪي اس ني ڪڀي پٺاڻ يا افغاني امير ڪو اغوا ڪيا هو” هن پنهنجي شڪارپور، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ پوسٽنگ دوران ٿيندڙ تجربي جي آڌار تي وڏي اعتماد سان ٻڌايو.

ڪجهه اعليٰ حڪومتي اختيارين مطابق نه ڪو ڪريڪ ڊائون ٿيندو ۽ نه ئي ڪي واپس اماڻيا ويندا. حالتون ٺيڪ ٿين کان بعد جيڪي وڃڻا هوندا سي پاڻمرادو ويندا يا وفاقي حڪومت ڪو اعلان ڪندي ته واپسي وارن کي هيتري هيتري رقم ڏبي نه ته سنڌ حڪومت وفاق جي علامت سبب پنهنجا بيان به واپس وٺندي. “وڏي تعداد ۾ ايندڙ جو تعلق افغانستان يا ٻين ملڪن سان ناهي. سو اهو ممڪن نٿو لڳي ته هنن کي ڪنهن قانون تحت واپس موڪلجي ” انهي آفيسر ڳالهه کولي.

جن علائقن يا ڪاروبار تي ڪراچي ۾ مٿان کان ايندڙن جو مڪمل قبضو آهي اهي ٻين کي ته ٺهيو ڌرتي ڌڻين کي به نٿا سڃاڻين جنهن جو مثال صدر ۽ سبزي منڊي جون بازارون ۽ ناردرن بائي پاس ۽ سهراب ڳوٺ جا علائقا آهن. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪجهه علائقن کان پوءِ ميرپور خاص، خيرپور ۽ سکر ۽ ٻيا شهر به جلد سنڌين لاءِ نو گو ايريا ثابت ٿي سگهن ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو