Home / ويندي ويندي / وڃي کڏ ۾ پئو!
above article banner

وڃي کڏ ۾ پئو!

جڏهن فرسٽريشن جي انتها ٿي وڃي. سڀ حيلا هلايا وڃن پر اڳئين جي سهي جون ٽنگون ٽي واري ڪار هجي، ته پوءِ اڳئين جو رد عمل ڇا هوندو ؟ ايئن ئي چئبو آ ته، “ وڃي کڏ ۾ پئو!؟” عالمي برادري عرف آمريڪا بهادر ايندڙ ڪجهه مهينن ۽ سالن ۾ پاڻ لاءِ، هن خطي لاءِ عين ايئن ئي فرمائڻ وارو آهي.

www

هونئن به 1988ع ۾ افغانستان تي جنيوا ۾ ٿيل ٺاهه کان پوءِ آمريڪا ائين ئي چئي، اسان تي ڌوڙ وجهي، پنهنجا هٿ ڇنڊي، بوڇڻ ڪلهي تي رکي پاڪستان ۽ افغانستان مان رمتو ٿيو هيو. پر جنرل ضيا کي اڃا جهاد جاري رکڻ جو شونق هيو سو کيس هڪ سفير ۽ انبن جي پيٽي ڏياري موڪليائون. مرد مومن هوا ۾ ئي بقول سدابهار اسٽيبلشمينٽي مهري اسحاق خان جي، “پٽ گيا”. (ڦاٽي ويو). سو ، آمريڪين هتان اهڙا پير پٽيا جو اسان واري اسٽيبلشمينٽ سندن هڪ نهار لاءِ سڪي وئي. مجال جو هيڏانهن لئوڻو هڻي ڏسن ته سندن پوکيل جهادي نرسري مان نڪتل ٻٻُرن ۽ ٿُوهرن هن خطي سان ڪهڙو حشر ڪيو آهي. هتان وارن چڱن مڙسن واندن جهادي ڀوتڙن کي ڪابل کان اڳ ڪشمير فتح ڪرڻ لاءِ بڇي ڇڏيو. ڪشمير ته خير فتح ٿيڻ لاءِ اڃا محمود غزنوي جي انتظار ۾ آهي باقي ڪابل کي ملا عمر جي کٿابين 1995 ۾ ئي ڪلٽي ڪري ڇڏيو. آمريڪا عرف عالمي برادري کي ڪا ڳڻتي نه ته ڪابل جي فٽ بال گرائونڊ تي هر جمعي تي ڪهڙي ميچ کيڏي ويندي آهي. ڪيترا ماڻهو ذبح ٿيندا آهن، ڪيترا هٿ وڍبا آهن، ڪيترن پٺن تي ڪوڙا لڳندا آهن. عالمي برادري ماٺ هجي، اسلام آباد کي پنجون صوبو ملڻ عرف Strategic Depth حاصل ڪرڻ جي خوشي هجي ته پوءِ طالبان جي تلهڙ کي افغانستان جي پٺي تي وسڻ کان ڪير روڪي سگهي ها؟ طالبان افغانستان سان جيڪو حشر ڪيو سو وڃي ڪابلين کان پڇو.

خبر ناهي ته اها اسلام آباد جي خوشبختي چئبي جو ڊالر ورهائيندڙ هٿ هن خطي ڏي واپس وريا، الائي افغانن جا ڀاڳ کليا، بهرحال نيٺ 2011 ۾ آمريڪا هن خطي ڏي واپس آيو. هن ڀيري روسي ڪميونسٽن بجاءِ القائده جا جهادي کيس هيڏي ڇڪي بلڪه گهلي آيا. تجزباتي ٻولي ۾ نائين اليون کان پوءِ هن خطي جي Geo-political ۽ Geo- strategic اهميت وري نروار ٿي .عالمي اڪيلائي جي شڪار پاڪستاني فوجي آمر، مشرف، کي واشنگٽن ۽ لنڊن کان فونون اچڻ شروع ٿيون. پاڪستان کي “فرنٽ لائن اسٽيٽ” جو تمغو وري ملي ويو. اڳ ڪميونزم خلاف ۽ هاڻ جهادين خلاف. ٻاڙائي جي شڪار خطي ۾ ڊالرن جي نئين برسات ٿيڻ لڳي. ڪنهن تجزئي نگار چواڻي ته “ اسان واري اسٽيبشلمينٽ” اسي جي ڏهاڪي ۾ جن جهادين کي پيدا ڪرڻ لاءِ ڊالر ورتا، هاڻ کين مارڻ لاءِ ڊالر وٺڻ لڳي. پرويز مشرف جي زماني ۾ ملڪي معيشت جي جنهن به ڪوڙي استحڪام ۾انگ اکر پيش ويندا هئا پٺيان ان ونگار عيوض مليل دش ڪش جو بنيادي حصو هيو. 

پر آمريڪي ڊالر ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پيا، جهادي نرسري جو فصل نه کُٽو. افغانستان ۾ طالبان جون من مستيون وڌي ويون. آمريڪي باٺو کڻن ته اهي ڀوتڙا اچي اسان واري پاسي، نام نهاد آزاد قبائلي علائقن ۾ پناھ وٺن. نيٺ تنگ ٿي، آمريڪين اهو به چوڻ شروع ڪيو ته ساڻن ڊوھ ٿي رهيو آهي. پاڪستان ڊبل گيم پيو ڪري . پر ڇا ڪن؟ اسان واري اسٽيبلشمينٽ به تاش جا سڀ پتا کيڏڻ ڄاڻي. 

هاڻ آمريڪين ايران سان ڳالهائي ان معرفت وچ ايشيا جي تيل ۽ گئس جي ذخيرن تائين رسائي جو دڳ ڳولي لڌو آهي. سعودين مان هوريان هوريان هٿ پٽڻ ۽ پاڪستان –افغانستان کي سندن جنڙن ،ڀوتڙن سميت سندن بد- افعال يا حال تي ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ڪرزئي اها ڳالهه ڄاڻي ورتي آهي سو هاڻي ئي طالبان سان ڏيئي وٺي جند ڇڏائي رهيو آهي.

هاڻ سوچڻو رڳو اهو آهي ته ان صورتحال کان پوءِ افغانستان جو جيڪو ٿيندو سو ٿيندو، “ساڊا ڪي بڻي گا ڪاليا؟”. اسان واري اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پيدا ڪيل ڀوتڙن کي ڍڪ ۾ واڙيندي يا هڪ ملا عمر اسان جي به پٺن تي لڪُڻ وسائي رهيو هوندو؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو