Home / سنڌ افيئر / ٿر ۽ تعليم کاتي ۾ ڪاريون رڍون!
above article banner

ٿر ۽ تعليم کاتي ۾ ڪاريون رڍون!

خالد ڪنڀار

ٿوري عرصي کان ٿر ۾ سئو ايڪونجاهه استادن تي ورتل سيڪريٽري جي نوٽيس واري خبر ڦڙ ڦوٽ وجهي ڇڏي آهي. چون ٿا ته سيڪريٽري اهو نوٽيس ورتو ئي انهن استادن تي آهي جن گذريل اليڪشن ۾ مخالف ڌر جي اميدوارن جي حق ۾ ٺپا هنيا هئا. پر ٻي پاسي وري تعليم کاتو اها ڳالهــ ور ور ڏئي پيو ڪري تــ هي اهي استاد صاحبان آهن جن ڪڏهن اسڪول جو منهن ئي ناهي ڏٺو. خير ٻئي ڌريون پنهنجي پنهنجي بچاءُ ۾ دليل ڏئي رهيون آهن. پر عام خدا جي جيڪا خلق آهي اها انهي راءِ جي آهي تــ سبب ڪهڙو بــ هجي پر استادن هڻي اسان جي نسلن جي اڌيڙ ڪري ڇڏي آهي . ڀلي کڻي سياسي انتقام جي بنياد تي استادن تي قدم کنيو ويو ته به سٺي ڳالهــ آهي. اها ڳالهــ تــ سڀئي سمجهون ٿا تــ ڪو پاڻ وارو تعليم کاتو ايترو جلدي سڌري ويو ڪونهي جيڪو تعليم دشمن استاد تي ايمانداري سان نوٽيس وٺي رهيو آهي. 

ٻي ڳالهــ اها تــ باقي سڄي سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال سڌريل آهي رهيو رڳو ٿرپارڪر ضلعو آهي ۽ انهي ضلعي ۾ بــ اهي سئو ايڪونجاهه استاد آهن جن ٿر جي تعليم جو ستياناس ڪيو آهي انهي ڪري انهن کي جيڪڏهن سڌارجي تــ باقي سنڌ جي تعليم سڌريل آهي رهيل ٿر جي تعليم جا بــ ٻيڙا پار ٿي ويندا. تعليم کاتي ۾ سياسي انتقام جو ٿر ۾ زنده مثال سائين عبد المجيد حر آهي جنهن جوجن هڪ مهيني ۾ الائي ڪيتريون بدليون ٿيون. حر صاحب جي هاڻ رٽائر ٿيڻ ۾ بــ ڪي مهينا مس بچيا هوندا هو چوندو رهيو ٻيلي مهرباني ڪريو آخري ٻــ چار مهينا ڳوٺاڻي ضلعي ۾ رهڻ ڏيو جيئن گورنمنٽ کي ڏنل پنهنجي سروس جو جائز فائدو وٺي سگهان پر ايئن ڪٿي ٿا اسان وارا سياسي اڳواڻ ڪن. سو اسان واري ٿر جي سڄي سياست هلي ئي استادن تي ٿي . مخالف ڌر بــ پنهنجي دور ۾ گهٽ نــ ڪيو، سلام ڪوٽ جا استاد جيڪب آباد بدلي ڪرايا تڏهن انهن جي اخبارن ۾ رڙو رڙ هئي. چوڻ جو مقصد ٿر جي سموري سياست جو بنيادي محور آهن ئي استادن اسان جي ٿر جي سياست گهمي ئي ماسترين جي چوڌاري ٿي .

اليڪشن ۾ ٺپا بــ ڊيوٽي جي دوران ڪوڙا اهي هڻن تــ ووٽر لسٽون ٺاهڻ مهل ڪوڙا ووٽ بــ اهي داخل ڪن ٿر ۾ وڏيرڪو نظام تــ آهي ڪونــ سو ٿر ۾ گهڻا تڻا پٽيل به استاد، باقي استادن جي ٻين ڌنڌن جي سڀني کي خيرن سان خبر آهي . انهي پاڻ واري ٿر ۾ نــ ايترا وڏا واپاري مرڪز آهن جو ڪو واپاري سياسي طرح سرگرم ٿئي . نــ وري ڪو سياسي اڳواڻن جون گاڏيون واري جي دڙن ۾ هلي ٿيون سگهن سو اتي ڪو سياسي سرگرميون ٿين . نــ وري ٿر ۾ ڪو وڏا تعليمي ادارا آهن جنهن ۾ سٺي تعليم حاصل ڪري ٿريا ڪو ڪامورا ٿين ٿر ۾ آهن ئي پرائمري اسڪول، اهي بــ گهڻا تڻا وڏيرن پنهنجي اوطاق جي ڪري کولايا ٻي ڪا اسڪيم ڏئي نــ پئي سگهيا ڳوٺ ۾ سو انهي اسڪول وٺڻ ۾ بــ وڏو مقابلو ٿيو اهو بــ ڳوٺن جي وچ ۾ نــ پر پاڙن جي وچ ۾ پنهنجي پنهنجي طاقت مڃرائڻ لاءِ ۽ طاقت مڃرائڻ ۾ همراه ايترا اڳتي نڪري ويا جو اهي خبرون بــ رپورٽ ٿيون تــ هڪڙي ٿر جي ٻهراڙي جي ڳوٺ ۾ پنجهٺ اسڪول. هاڻ هر سرت ڀريو ماڻهو انهي مان اندازو لڳائي سگهي ٿو تــ گهڻا اسڪول کولڻ سان تعليم تي ڪهڙو مثبت فرق پوندو . وري مٿان اهي استاد ڪوشش ڪري بدليون ڪرائي پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ۾ وڃي اسڪول ورتائون جيڪو پنهنجي ڳوٺ ۾ مقرر ٿيو انهي پنهنجي پوري سروس پنهنجي ڳوٺ ۾ ڪئي اتي هن جا وري گهڻا ٿر ۾ ڳوٺ يا پاڙا هڪڙي ئي ذات جا آهن . انهي ڪري استاد مائٽ هجڻ ڪري ڪير کيس چوڻ وارو هو ڪونــ، ڪير مائٽي يا سماجي واسطي کي خراب ڪري. انهي ماڻهو بجاءِ پنهنجي ذات پاڙي ۽ ڳوٺ کي فائدو ڏيڻ جي نقصان ڏنو .انهي پنهنجي شروع ۾ اهو سوچيو تــ ٻــ بجي کانپوءِ واندو آهيان ڇا ڪندس سو ڳوٺ ۾ ريزڪي دڪان کوليائين انهي نيت سان تــ ڳوٺ ۾ دڪان آهي ڪونــ، اسڪول کانسواءِ دڪان هلائيندس پر پوءِ دڪان وڌندو ويو هر پهرين تي پگهار مان سامان وڌندو ويو ۽ اسڪول ڏانهن وڃڻ وارو ٽائيم گهٽبو ويو. سو استاد کي خراب ڪرڻ ۾ گهڻو هٿ ڳوٺاڻن جو بــ آهي، پهرئين هن کي خراب ڳوٺاڻن ڪيو پوءِ هو سياسي حمايت حاصل ڪري ويو پوءِ ڳوٺاڻان ئي هن جي چئي تي لڳي ويا. ٻي جيڪا گهڻي رڙو رڙ آهي تــ استادن تعليم تباه ڪئي. 

34

استاد سان ڳوٺاڻا بــ ڌر آهن ٿر جي تعليم جي تباهي جا. انهي کان سواءِ ڪامورن بــ گهٽ ناهي ڪيو وچان ٻــ ٽي ڏينهن جڏهن ججن پئي اسڪول وزٽ ڪيا تڏهن هراستاد ڪنهن منهن ڌوتو ڪنهن نــ ڌوتو سڌو اسڪول. ڏينهن رات ڳوٺن ۾ ڪچهرين جو موضوع اهو هو ته ٻيلي اهي اسڪول جيڪڏهن ڪورٽن حوالي هميشــ جي لاءِ ٿي وڃن تــ واه واه، ٿر جي تعليم سڌري وڃي هر ڳوٺاڻي جي وائي وات هئي. ججن جي وزٽ دوران جيڪي اسڪولن ۽ استادن جي باري ۾ انڪشاف ٿيا اهي بــ ڪنهن کان لڪل ناهن . پر اسان وٽ جڏهن بــ تعليم تي تنقيد وارو بحث ڇڙندو آهي تڏهن گهڻو تڻو نشانو استاد ئي ٿيندو آهي. تعليم جي اڻهوند واري باه گهڻو ڪري استادن تي ئي نڪرندي آهي تــ سڄي ٻيڙي انهن ٻوڙي آهي. استاد جي ڀيٽ ۾ ٻين ڌرين کي ذميوار گهٽ ڄاڻايو ويندو آهي. استاد ته هڪڙي ڌر آهي بنيادي ذميوار اهو ئي آهي پر انهي استاد کانسواءِ ٻيون ڌريون بــ اهم ذميوار آهن. خاص طور تي ڳوٺاڻا ۽ ڪامورا، سياسي مداخلت تــ ڳوٺاڻن جي چوڻ تي ٿيندي هوندي جيڪڏهن ڳوٺاڻا تعليم جي معاملي ۾ استاد جي بدلي لاءِ ڪاموري وٽ ڪنهن سياستدان جي چٺي نــ وٺي وڃن تــ سڌارو نٿو اچي سگهي ڇا؟ جيڪڏهن ڳوٺاڻا اسڪول جي مالڪي ڪن ۽ سپروائيزر هزار روپيا منٿلي نــ وٺي تــ تعليم سهي ٿي سگهي ٿي. استاد جي بدلي لاءِ ڪاموري جي آفيس ۾ ويندڙ جيڪڏهن اها شڪايت لکت ۾ ڪاموري کي ڏين تــ استادن اسڪول نٿو اچي، پنهنجو اسڪول پيو هلائي تــ بــ تبديلي اچي سگهي ٿي .

اڄ جيڪي استاد ڪراچي ۾ هزارن جي تعداد ۾ انهن هڪ سئو ايڪونجاه استادن جي حق ۾ ساڻن ٿيل نا انصافي لاءِ گڏ ٿيا، اهي ڪڏهن انهن استادن لاءِ گڏيا ٿيا آهن تــ استاد پڙهائڻ نٿا. سرڪار انهي جو نوٽيس وٺي ڇا استادن جي انهي اتحاد ڪڏهن اهڙي لسٽ سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائي آهي. ڇا انهن استادن کي هڪ سئو ايڪونجاهه استادن جو مستقبل پوري نسل جي مستقبل کان مٿي آهي اهي لکين ٻار جيڪي جاهل هوندي ڊگريون وٺندا انهن کان انهن استادن جو مسقبل عزيز آهي. رڳو استادن لاءِ جدوجهد ڇو، اهي پنهنجي اندران ڪاريون رڍون ڇو نٿا ٻاهر ڪڍن، ڪٿي اهي پاڻ اهي ڪاريون رڍون تــ ناهن. استاد جي اتحاد ڪڏهن انهي سپروائزر جي خلاف احتجاج ڇو ناهي ڪيو ۽ اهو طئي ڇو ناهي ڪيو تــ ڪو بــ استاد رزلٽ شيٽ صحيح ڪرڻ جو هڪ روپيو به نه ڏيندو، استاد ڪنهن بــ وزٽ تي تيل جا پئسا نــ ڏيندو.

ڪو به استاد ووٽر لسٽون نه ٺاهيندو، ڪو بــ استاد هڪ تــ اليڪشن ڊيوٽي نــ ڪندو جي ڪندو تــ ڪوڙا ٺپا نــ هڻندو، ڪوڙا ٺپا هڻندڙ استاد کي ٻاهر ڪڍيو ويندو. اهو استادن جو اتحاد اهو ڇو نٿو طئي ڪري تــ اسان جو اتحاد هر سال بيسٽ پرفارمنس ڏيندڙ استاد کي سنڌ سطح جو ايوارڊ ڏيندو. سٺن شاگردن کي بــ اسان جو اتحاد اتساه لاءِ ايوارڊ ڏيندو . اسان جو اهو استادن وارو اتحاد تعميري سوچ ڇو نٿو رکي رڳو استاد ان جي سينارٽي ۽ انڪريمينٽ ۽ ترقي سان تعليم تــ نه سڌرندي. ٿي سگهي ٿو استادن کي فائدو ٿي وڃي اهو بــ ڪجهــ پئسن جو پر پوري نسل جي تباهي جي ذميواري استاد جي کاتي ۾ ويندي . سو استادن جي اتحاد کي مثبت سوچڻ گهرجي انهن مظاهرن سان تــ استاد سياسي ٿي ويندا ۽ اهو اتحاد کين پڙهائڻ کان کاري ڇڏيندو .

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو