Home / سنڌ افيئر / ڀارتي جيلن ۾ قيد سنڌي وڻجارن جي ڪير سار لهندو؟
above article banner

ڀارتي جيلن ۾ قيد سنڌي وڻجارن جي ڪير سار لهندو؟

الهه بچايو جمالي

سنڌ جي اٽڪل 350 ڪلوميٽر جي ڊيگهه واري سامونڊي پٽي جيڪا گهڻي لاڙ جي حدن ۾ آهي، سنڌي سمنڊ جي ان ڪناري جو ڇيڙو 90 ڏهاڪي کان اڳ تائين ٺٽي ضلعي جي تعلقي جاتي جي شاهه سمابو ڪريڪ تائين هوندو هو، پر واپڊا ۽ ورلڊ بينڪ جي ناڪام ايل بي او ڊي ميگا پراجيڪٽ جي تباهي سبب سمنڊ بدين ضلعي جي لکين ايڪڙ انساني ۽ زرعي آبادي سميت قديم تاريخي ماڳن کي ڳڙڪائيندو هن وقت بزرگ شيخ قرهيو پانڊاريجي درگاهه تائين ڇوليون هڻي رهيو آهي. 90 واري ڏهاڪي کان اڳ بدين ضلعي ۾ ڪوبه سامونڊي ڪنارو نه هو ۽ سمنڊ هتان کان 100 ڪلوميٽرن کان به وڌيڪ پري هو. جون 1998ع ۾ غير فطري طور تي شاهه سمابو ڪريڪ وٽان سمنڊ سان ڳنڍيل 42 ڪلوميٽر ڊگهي ٽائيڊل لنڪ ڊرين ۽ ڪولري ويئر اسٽرڪچر جي خوفناڪ سامونڊيويرن وگهي مڪمل تباهي ۽ واش آئوٽ ٿيڻ بعد سمنڊ رڻ سم نالي جو رستو وٺي ڌوڪيندو 100 ڪلوميٽر کان وڌيڪ اڳتي وڌي اچي روپا ماڙي تائين پهتو آهي. ان ڪري هاڻ بدين ضلعي کي پڻ سامونڊي حدن ۾ شامل ڪيو وڃي ٿو
هن وقت ڀارت جي ٻن صوبن گجرات ۽ راجستان جي مختلف جيلن ۾ سنڌ جا 265 ماهيگير قيدي بڻايل آهن، جن مان 85 ماهيگير قيدين جو تعلق ضلعي ٺٽي جي ساحلي تعلقن کارو ڇاڻ، شاهه بندر ۽ ڪيٽي بندر وغيره سان آهي، جن کي هندستاني جيلن ۾ اذيتون ڏنيون پيون وڃن. جن مان ڪيترائي قيدي پنهنجون سزائون پوريون ڪري چڪا آهن، پوءِ به جيلن مان آزاد ڪري پنهنجي وطن نه پيو موڪليو وڃي. اهي ماهيگير اتي ئي ڀارتي جيلن ۾ موت جو شڪار ٿي رهياآهن، انهن مظلوم ملاحن مان تعلقي کارو ڇاڻ جي هڪ ئي ڳوٺ يوسف ڪاتيار جا 26 ماهيگير جن ۾ ٽي معصوم ٻار صدام، مجيد ۽ غلام قادر شامل آهن، جن ۾ هڪ مظلوم عورت جو اڪيلو ڪمائيندڙ پٽ غفور ڪاتيار، ان ٻڍڙي جو ڏوهٽو صدام، پوٽو غلام محمد، ڀائيٽيو محمد حنيف ۽ سوٽ محمد ڪاتيار، انڊيا جي جيلن ۾ قيد آهن، هڪ ئي خاندان جا اهي سڀ پورهيت باندي بڻايل آهن، ان ئي ڳوٺ جو پورهيت حبيب ڪاتيار پڻ پنهنجي ڪٽنب جو اڪيلو ڪمائيندڙ هو، جنهنجون 7 ڀينرون پنهنجي ڀاءُ جي وڇوڙي ۾ روئي روئي مانديون ٿي ويون آهن، سندن گهرن ۾ هر وقت روڄ راڙو ۽ ماتم متل آهي، اهي فاقا ڪشي ڪرڻ تي مجبور ٿي ويون آهن.
ساڳي هڪ ئي ڳوٺ يوسف ڪاتيار جا محمد ڪاتيار، نبي بخش بلوچ، امين، رزاق، ابراهيم، خدا ڏنو، يوسف، حسين بخش، نواز ۽ ٻيا شامل آهن، جڏهن ته ان هڪ ئي ڳوٺ جي 26 ملاح قيدين مان، 10 ڄڻن کي ڀارتي جيلن ۾ 14 مهينا گذري ويا آهن، ٻين قيدين ۾ خادم حسين، شبير، حسين، علي ملاح، اسلم شاهه، جلال، ڪرمو ۽ ٻيا شامل آهن، رپورٽ موجب شاهه بندر تعلقي جا چار ملاح گذريل 19 سالن کان ڀارتي جيلن ۾ واڙيل آهن، جن جون سزائون پڻ مڪمل ٿي ويون آهن، پر اهي اڃا تائين جيلن ۾ قيد آهن، انهن مسڪينن جو هڪ ساٿي نواز جت، اطلاعن مطابق جيل ۾ فوت ٿي ويو آهي. انهن 265 قيدين مان ٻين گهڻن جو تعلق ڪراچي جي تڙ ريڙهي مياڻ ۽ ابراهيم حيدري سان آهي، ڀارت ۾ قيدي بڻايل انهن ماهيگيرن مان ڪجهه پورهيت جيڪي 1994ع جي ماهه ٻوڏ، 1999ع جي ڀيانڪ سامونڊي طوفان ۽ 2003ع جي ماهه ٻوڏ ۾ ڀٽڪي ۽ ڌڪجي ڀارتي سامونڊي ۽ رڻ ڪڇ واري ويران علائقي ۾ وڃي پهتا جن آفت سٽيل پورهيتن سان ڪابه همدردي ڪرڻ جي بجاءِ ڀارتي فورسز انهن کي گرفتار ڪري اذيتناڪ سزائون ڏنيون. 1999ع جي قيامت خيز سامونڊي طوفان ۾ ضلعي ٺٽي جي تعلقي جاتي ۽ بدين ضلعي جي ٻن تعلقن بدين ۽ گولاڙچي جا سوين وڻجارا اجل جو شڪار ٿي ويا، جن مان تمام ٿورن فوتين جا لاش ملي سگهيا، باقي لاش ۽ زنده انسان سائڪلون جي وڪڙ ۾ ڏکڻ طرف رڻ ڪڇ جي ڀارتي سرحدي حدن ۾ هوا ۾ اڏامي ۽ ڌڪجي ويا، ڀارتي حڪومت انهن سوين گم ٿيل وڻجارن ۾ نه ڪنهن جو لاش واپس ڪيو ۽ نه ئي زنده بچي ويل بدنصيب ماڻهن جا ڪي ڪڏهن انگ اکر پاڪستاني اهلڪارن کي ڏنا ۽ نه ئي اسان جي حڪومت ڪڏهن هندستاني حڪومت کان اهڙي باقاعده گهر ڪئي. ان وقت جي ميڊيا ۽ ڪن غير سرڪاري تنظيمن جي رپورٽ موجب ان سامونڊي طوفان ۾ لاڙ يج ٻنهي تاريخي ضلعن ٺٽي ۽ بدين جا اٽڪل هڪ هزار ماهيگير ۽ ٻيا ڳوٺاڻا، فوت يا گم ٿيا، پر سرڪاري رڪارڊ ۾ فوتين جو تعداد فقط اتڪل 300 ڄاڻايو ويو ۽ گم ٿيل ماڻهن جو سرڪار ادارن ڪوبه ريڪارڊ نه ٺاهيو، ڄڻ ته اهي انسان ئي نه هئا.

اڄ به ٻنهي ضلعن جا سوين خاندان انهن جون جيجل مائرون ۽ ڀينرون پنهنجي پيارن جي وڇوڙي تي نير وهائي رهيون آهن ۽ انهن مان گهڻن خاندانن کي يقين آهي ته پيارا اڃا حيات آهن، اهي ڀارتي جيلن ۾ آهن هڪ ڏينهن اهي واپس گهر موٽي ايندا، ڪاش ائين ٿئي پر اسان جي هن ملڪ جي حڪمرانن جا پرڪار ٻڌائين ٿا ته سندن سندن پيارا جيڪڏهن ڀارت ۾ اڃا تائين جيئرا به هجن تڏهن به انهن جو پنهنجي وطن ۽ گهرن ۾ موٽي اچڻ محال آهي، ڇاڪاڻ ته اهي غريب قديم سنڌي لوڪ آهن ۽ هي ملڪ سگهارن ماڻهن لاءِ ٺاهيو ويو آهي، ساڳي طرح سان اڄ کان 16 ورهيه اڳ اٽڪل 1998ع ۾ ڪڍڻ شهر واري ڏاکڻي علائقي جي پاڪ ڀارت سرحد جي رڻ ڪڇ جي ڪنڌيءَ واري ديهه بوهڙڪي جي هڪ ڳوٺ محمد رحيم بوهڙ جا چار هاري ۽ نار ڳوٺاڻا رڻ ڪڇ جي ڪنڌي لڳ پنهنجو مال چاريندي تمام تيز برسات ۾ ڀارتي سرحدي حدن ۾ ڀلجي ۽ ڀٽڪي داخل ٿي ويا جن ۾ هڪ نابالغ ڇوڪرو ڌنار پڻ شامل هو، اڄ ڏينهن تائين ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورسز هٿان گرفتار ٿيل اهي چار ئي بوهڙ ڌنار واپس نه ٿيا آهن، سندن وارثن اڃا تائين پنهنجي پيارن جو تڏو نه وڇايو آهي، کين پڪ آهي ته سندن پيارا جيئرا آهن، اهي هڪ ڏينهن گهر موٽندا.
هڪ ئي خاندان جي بوهڙن جي انهن گهرن ۾ اڃا تائين ماتم متل آهي، سندن ونيون، جيجل مائرون اوسيئڙي ۾ هنجون هاري رهيون آهن، بوهڙ خاندان جا رحيم خان پٽ، لال محمد ۽ علي محمد پٽ ولال محمد جيڪي پاڻ ۾ سڳا ڀائر هئا، محمد بخش پٽ صالح محمد کانسواءِ ڳڀرو نوجوان عبدالمنان ۽ علي محمد پاڻ ۾ پٽ ۽ پيءُ هئا. رحيم خان جون 6 نياڻيون چارپٽ جيڪي ان وقت ننڍي ڄمار جا هئا جيڪي گذريل 16 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ جوان جماڻ ٿي ويا آهن، انهن پنهنجي پيارن لاءِ واسطيدار سرڪاري اهلڪارن ۽ بدين جي چونڊيل عوامي نمائندن جي در تي وڃي دانهيو آهي پر ڪٿان به کين مثبت موٽ ناهي ملي، ان خاندان جي وارثن استاد عبدالرزاق بوهڙ، استاد گل محمد بوهڙ، “افيئر” کي ٻڌايو ته اهي پنهنجي پيارن جي آزادي ۽ انهن جي پڇا لاءِ پاڻ کي انساني حقن جو علمبردار سڏائيندڙ انصار برني سان پڻ ملاقات ڪري هن کي مدد ڪرڻ جي اپيل ڪئي پر هن ڪابه مثبت موٽ نه ڏني ۽ انساني ڀلائي واري انصار برني ٽرسٽ جي چيئرمين چئن پورهيتن جي جيئري هجڻ ۽ مارجي وڃڻ جي هندستاني اختياري وارن کان تصديق ڪرائڻ جي به هيل تائين تڪليف نه ڪئي آهي.
لاڙ واسين تي هڪ طرف سمنڊ جي ڪاهه آهي ته ٻئي طرف ڀارتي سامونڊي فوج سندن جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، اها اڻ ورهايل سير ڪريڪ به تاريخي طور تي سوين سالن کان سنڌين جي آهي، جنهن تان اسلام آباد ۽ دهلي جا حڪمران ان جي مالڪي تان پاڻ ۾ وڙهي رهيا آهن ۽ انهن ٻنهي پاڙيسري ملڪن جي هٿ ٺوڪيل نظرياتي ويڙهه جو نشانو ماهيگير ۽ ٻيا لاڙ واسي قديم سنڌي لوڪ بڻجي رهيا آهن، جيڪي پنهنجي درياهه جي چاڙهه ۽پنهنجي سمنڊ ۾ مڇي مارڻ جو ڪبيرو ڏوهه ڪري رهيا آهن، هي عجيب تماشو آهي ملڪي حڪمران ۽ اسان جا سرحدي محافظ ته خبر ناهي ڪٿي آهن پر هن ملڪ ۽ عالمي انساني حقن لاءِ آواز اٿاريندڙ ادارا به خاموش تماشائي بڻيل آهن، سنڌ جي سامونڊي ۽ خشڪي جي سرحدي علائقن مان ماڻهو کنڀڻ وارو ڪم اڪيلو انڊيا جا سيڪيورٽي فورس وارا نه پيا ڪن خود اسان واري ملڪ جي سامونڊي فوج ۽ رينجرز فورسز پڻ ساڳيو ڌنڌو ڪري رهي آهي. هي اسان وارا محافظ پڻ سير ڪريڪ کانسواءِ ٻئي اونهي سمنڊ مان ڀارتي ماهيگيرن کي کنڀي اچي پاڪستاني جيلن ۾ قيد ڪري ٿي.
اهڙي طرح سان ٻنهي پاڙيسري ملڪ جن جا پاڻ ۾ لاڳاپا تمام گهڻا ڇڪتاڻ وارا ، اهي جڏهن به سياسي ۽ سرحدي بنيادن تي ڪشمير واري تڪرار تان هڪٻئي سان اڪاوڙجن ٿا، تڏهن سنڌ ۽ هند جي ساحل تان بيگناهه ماهيگيرن کي گرفتار ڪريو وڃيو پنهنجي اذيتناڪ جيلن ۾ واڙين ٿا، جڏهن وري ٻنهي ملڪن جي قيدن جي مٽا سٽا ٿئي ٿي تڏهن ان سوديبازي ۾ وري به ڀارتي حڪومت کي سرسي حاصل ٿئي ٿي ۽ ڀارت پنهنجا گرفتار ٿيل ماهيگير انهي ڪري جلدي ڇڏايو وڃي جو ڀارت جا سڀئي سامونڊي ماهيگير رجسٽرڊ هوندا آهن ۽ ڀارتي سفارتخانو پنهنجي ماهيگيري قيدين جي نالن جي فهرست فراهم ڪندو آهي، جڏهن ته اسان جي اڻ رجسٽرڊ ماهيگير قيدين جي دفتر خارجه کي ڪابه ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ پنهنجي ملڪ جي شهرين سان اهڙي بي حسي ۽ عدم دلچسپي جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو مثال آهي ته پاڪستاني نيول سيڪيورٽي فورس، توڻي ڪوسٽ گارڊ وغيره جهڙن ملڪي محاظ ادارن وٽ به پنهنجي ملڪ جي قيدي بنايل ماهيگيرن جي نالن جي مڪمل لسٽ نه هوندي آهي، جيڪڏهن خبر به هوندي آهي تڏهن به انهن واسطيدار ذميوار ادارن ڀارتي سيڪيورٽي فورسز کان باضابطا طور تي ننڌڻڪن سنڌي ماهيگيرن جي آزادي لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي آهي، ان ڪري سير ڪريڪ وارو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هلندر تڪرار جو ڪوبه نبيرو، هيل تائين نه ٿيڻ ڪري ٻنهي ملڪن جا ماهيگير موت جي منهن ۾ آهن، اهي رڳو گرفتار نٿا ٿين پر ڪڏهن ڪڏهن ٻنهي ملڪن جون سامونڊي فوجون بنا ڪنهن اشتعال جي ماهيگيرن مٿان گولين جا مينهن وسائي کين ماريو ۽ زخمي ڪريو ڇڏين، ان ڏس ۾ انتهائي حيرت انگيز ۽ افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڄاڻايل تڪرار جو ڪارڻ بڻيل سير ڪريڪ وارو قديم ڊيلٽائي سامونڊي علائقو اڃا تائين 66 ورهين کان پوءِ به اڻ نبريل آهي، جڏهن ته 1965ع واري پاڪ ڀارت جي وچ ۾ رڻ ڪڇ واري ئي سرحدي تڪرار تان شروع ٿيل خونريز جنگ بعد ڀارت پاڪستاني حڪمرانن جي نااهلي سبب جنيوا معاهدي تحت سنڌ جي رڻ ڪڇ جي ڀر وارو سنڌ جي تاريخي ماڳن وارو هزارين چورس ڪلوميٽر جو علائقو جنهن ۾ سنڌ جو تختگاهه وارو شهر وڳهه ڪوٽ سنڌڙي بندر ۽ ڪونجسر جو کانٽو وغيره جهڙا علائقا پنهنجي سرحدي حدن ۾ آڻڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو، پر سير ڪريڪ وارو علائقي جو تڪرار نبري نه سگهيو ۽ سنڌ وٽان ٻنهي ملڪن جي سامونڊي حدن جا ڪي به نشان نه هڻڻ ڪري ٻنهي ملڪن جا غريب ماهيگير هر وقت عتاب هيٺ آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو