Home / اسپيشل افيئر / ڀارت: وينڊي جو ڪتاب پابنديءَ هيٺ!
above article banner

ڀارت: وينڊي جو ڪتاب پابنديءَ هيٺ!

ڪجهه ڏهاڙا اڳ دنيا جي وڏن اشاعتي ادارن مان هڪ، پينگوئن طرفان آمريڪي اسڪالر وينڊي ڊوني گر جي ڪتاب The Hindu: An Alternative History کي ضايع ڪرڻ جي پڪ ڏيارڻ کان پوءِ ڀارت ۾ نئون بحث هلي رهيو آهي. هاڻ اتي اهو سوال شد مد سان پڇيو ٿو وڃي ته اظهار جي آزادي جي هن زماني ۾ اهڙيون پابنديون ڪيتريون اثرائتيون ٿي سگهن ٿيون. ٻيو اهم نڪتو جيڪو کنيو ٿو وڃي اهو هي آهي ته ڇا ڪنهن به بنياد تي ڪنهن به گروهه وٽ اهو جواز موجود آهي ته هو ڪنهن به علمي ڪم جو علمي جواب ڏيڻ بدران مذهب کي آڙ بڻائي اعتراض ڪرڻ واري کي زبردستي چپ ڪرائي ڇڏي. هن کان اڳ جئه پور ۾ ٿيندڙ لٽريري فيسٽيول ۾ سلمان رشدي کي شرڪت ۽ تقرير به ڪرڻ نه ڏني وئي. تسليمه نسرين کي به ڀارت کان شڪايت آهي. وينڊي جي ڪتاب جي باري ۾ جهڙو رويو اختيار ڪيو ويو آهي. انهي ڪري هن باري ۾ ڪيئي سوال سامهون آيا آهن. اها ڳالهه تمام گهڻي اهم آهي ته هن ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ اهڙو گوڙ نه ٿيو جهڙو سلمان رشدي ۽ تسليمه نسرين جي باري ۾ ٿيو هو. جڏهن ته هاڻي سڄي عالمي ميڊيا ۽ پاڻ انڊيا جي اندر به بحث شروع ٿي چڪو آهي گهڻن ماڻهن جو خيال آهي جن ۾ ليکڪا به شامل آهي، جيڪو ڪافي حد تائين درست به آهي ته هاڻي انٽرنيٽ ۽ سماجي رابطن جي ٻين ويب سائيٽس جي ذريعي هن ڪتاب جي پڙهندڙن جو تعداد وڌي ويندو.

32

“شڪشا بچايو اندولن” نالي غير معروف هندو تنظيم جي صدر ديناناٿ بترا طرفان عدالت ۾ هن ڪتاب بابت ڪيس داخل ڪيو ويو هئو. دينا لاءِ تڪرار کڙا ڪرڻ يا انهن سان نبرڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي. هن کان اڳ به هو هندستاني تعليمي بورڊ کي به عدالت ۾ وٺي ويو هو. هن جي مخالفت ۽ قانوني چاره جوئي کان پوءِ تعليمي نصاب ۾ جنس جي تعليم شامل ڪرڻ جو فيصلو واپس ورتو ويو هو. جڏهن “ٽائمز” کانئس هن ڪتاب تي اعتراض جي باري ۾ پڇيو ته هن جو چوڻ هو ته “ليکڪه جي نيت ٺيڪ ناهي ۽ هن جو مقصد هندو مت کي بدنام ڪرڻ آهي ان کان سواءِ سندس ٻولي به معياري نه آهي” ديناناٿ هن ڪتاب جي باري ۾ مثال ڏيندي چيو ته “ ليکڪا جي چوڻ مطابق جڏهن هندستان ۾ رام راڄ قائم ٿي ويندو. گانڌي جي سوچ مطابق هتي مسلمان ۽ عيسائي نه رهي سگهندا. اسان ۽ توهان کي خبر آهي ته گانڌي جو خيال ان باري ۾ ايڪتا پيدا ڪرڻ وارو آهي نه ڪي ٻين کي مارڻ وارو “انهي سلسلي ۾ اڳتي هلي هن جوچوڻ هو ته “ليکڪا مطابق جڏهن سنسڪرت ۾ مقدس شيون لکيون پئي ويون ته ان وقت هندو معاشري ۾ جنسي طور کليل آزادي هئي. هن جي ڪتاب جي سرورق تي ڪرشن ڀڳوان اگهاڙين عورتن جي ڪلهن تي ليٽيل ڏيکاريو ويو هو. هن شيولنگم کي، جنهن جي سڄي انڊيا ۾ لکين ماڻهو پوجا ڪندا آهن، جنسي عضوي جي طور تي پيش ڪيو آهي. هن گانڌي تي الزام هنيو آهي ته هو نوجوان ڇوڪرين سان گڏ سمهندو هو.

ايئن ته سڄي انڊيا ۽ اولهه ۾ هن ڳالهه تي وڏي تنقيد ڪئي ٿي وڃي ته ڇو ڪنهن جي آزادي کي صلب ڪيو ويو آهي. هن ڳالهه تي پينگوئن انڊيا کي شديد تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي. ڀارت جي پهرين بڪر پرائز” کڻڻ واري ليکڪا ارون ڌني راءِ جنهن جا ڪتاب به پينگوئن انڊيا مان ئي ڇجندا رهيا آهن. پنهنجي پبلشر کي لکيل هڪ خط ۾ شديد تنقيد جو نشانو بڻايو آهي. هن پينگوئن انڊيا کي ياد ڏياريو آهي ته “توهان دنيا جي سڀ کان قديم اشاعت گهر جو حصو آهيو، توهان ڪيترائي عظيم ڪتاب شايع ڪيا آهن ۽ انهن جي لکارين جو دفاع پڻ ڪيو آهي، جن تي ڪيترن ئي ماڻهن کي اعتراض هئا ليڪن پبلشر طور توهان پنهنجي ذميواري نڀائي. هاڻي اوچتو ڇا ٿي ويو آهي جو اوهان پبلشر طور هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا آهن؟ ڪهڙي شيءِ توهان کي اظهار راءِ جي آزادي جي دفاع کان پري رکيو؟ پينگوئن انڊيا ۽ خود ڪتاب جي ليکڪا ان سلسلي ۾ اصل ولن ان قانون کي قرار ڏنو آهي، جنهن جي ڪري اشاعت گهر عدالت کان ٻاهر سودي بازي تي مجبور ٿي پيو آهي. ڪتاب جي ليکڪا جنهن جو والد پاڻ به پبلشر هو، ان ڳالهه جو اعتراف ڪري ٿي ته سندس پبلشر هن ڪتاب کي بچائڻ لاءِ چئن سالن تائين جدوجهد ڪئي ليڪن آخر ڪار ملڪي قانون آڏو کيس هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا. ان کانسواءِ هن جو اهو به چوڻ هو ته ڪنهن به ڪتاب لاءِ ڪنهن جي زندگي خطري ۾ نٿي وجهي سگهجي. پبلشر جو چوڻ آهي ته “هو اظهار جي آزادي تي مڪمل طور يقين رکي ٿو ۽ اڳتي به اهڙا ڪتاب شايع ڪندو رهندو، جنهن تي ماڻهن کي اعتراض به ٿي سگهن ٿا. هن ڪتاب جي سلسلي ۾ ملڪي قانون سبب اسان مجبور آهيون”.

ياد رهي ته هن ڪتاب جي سلسلي ۾ جنهن قانون جو ذڪر اسان کي بار بار ٻڌڻ لاءِ ملي ٿو ان جي ڪهاڻي به ڏاڍي دلچسپ آهي. هي 1920ع جي ڳالهه آهي جڏهن پريس کي مليل آزادي سبب هر قسم جو سيڪيولر ۽ ترقي پسند مواد شايع ٿيندو هو. ليڪن جڏهن راجپال نالي ڪنهن ليکڪ حضور صه بابت ڪتاب لکيو جنهن ۾ حقيقتن تي ٻڌل بحث ڪيو ويو هو.ليڪن اها ڳالهه مسلمانن کان هضم نٿي ۽ انهن مان ڪنهن غازي علم الدين نالي انتهاپسند راج پال کي ماري وڌو، ان کانپوءِ انگريزن اظهارراءِ جي آزادي بابت قانون جي حوالي سان ڪجهه سختيون ڪيون. سيڪشن (A) 295 تحت ڪنهن به ماڻهو کي ٻئي ڪنهن جي مذهبي جذبن کي مجروح ڪرڻ تي ڏنڊ ۽ قيد جون سزائون ڏئي سگهجن ٿيون. ان ئي ڪاري قانون جو سهارو ٺي وينڊي جو ڪتاب ضايع ڪيو پيو وڃي.

وينڊي ڊوني گر نيويارڪ جي رهواسڻ آهي ۽ علمي دنيا جو هڪ معتبر نالو پڻ آهي. وينڊي لکڻ پڙهڻ جو ڪم 1960ع کان شروع ڪيو، کيس آمريڪا ۾ غير سائنسي علمن جي غير معمولي ماهرن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو.وينڊي درجنين ڪتابن، مقالن جي ليکڪا آهي. هوءَ خاص طور هندو ازم، مذهبي تاريخ، سنسڪرت لٽريچر ۽ ديو مالا تي مهارت رکي ٿي. وينڊي آڪسفورڊ ۽ هارورڊ جهڙين يونيورسٽين جي شاگردياڻي رهي آهي. 2009ع ۾ هن تڪراري ڪتاب جي ڇپجڻ کان اڳ ۾ هن ڪتاب لاءِ پڻ سڄي دنيا جي هندو ڪميونٽي طرفان کيس ساراهيو ويندو رهيو آهي. هاڻي به هن ڪتاب تي پابندي باوجود سنسڪرت ۽ هندو ازم بابت سندس مهارت تي ڪنهن کي به شڪ نه آهي. بنگالي ليکڪا تسليمه نسرين وينڊي جي ڪتاب تي پابندي مڙهڻ جي حوالي سان احتجاج ڪندي چيو آهي ته “هندستاني لبرل طبقي جا ٻٽا معيار آهن، اهي پنهنجي پسند جي ڪتابن تي ئي پابندي جي حوالي سان احتجاج ڪندا آهن، باقي خاموش رهندا آهن.”

© International Media

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو