Home / سنڌ افيئر / ڀٽو ڪٽنب جون تصويرون تاريخ جي ڪٻاڙ خاني حوالي!
above article banner

ڀٽو ڪٽنب جون تصويرون تاريخ جي ڪٻاڙ خاني حوالي!

نسيم بخاري

ڀٽو خاندان جي يادگار لمحن کي هزارين تصويرن ۾ محفوظ بڻائيندڙ آغا فيروز جي شڪار پور جيم خانه ۾ چپ چاپ ٿيل نمائش جيڪو نياپو ڏئي وئي آهي اهو انتهائي المناڪ آهي. سياسي عشق، شخصي سحر، نظرياتي نينهن ۽ فڪري ديوانگي تان روح کڻائي ڇڏيندڙ آهي.

ڇهن ڏينهن تائين جاري ڀٽو خاندان جي تصويري نمائش کي ڏسڻ لاءِ هتان جي جيالن لڙي ليئو پائڻ به مناسب نه سمجهيو، نه ان نمائش جي انعقاد کان اڳ ان جي ڪا مشهوري ٿي نه ڪو اخبار ۾ اشتهار هليو نه وري ڪنهن ٽي وي چينل يا ڪيبل تي ڪو ٽِڪر هليو نه ڪو پڙهو ڏياريو ويو نه وري ڪنهن کي ڪو اطلاع ڏنو ويو.

ڀٽو خاندان جي فيملي فوٽو گرافر جيڪب آباد فيسٽيول ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي اسپيڪر آغا سراج دراني جي ڀاءُ موسيٰ خان کي شڪارپور ۾ عام ماڻهن کي ذوالفقار علي ڀٽو، شاهنواز ڀٽو، نصرت ڀٽو، مير مرتضيٰ ۽ محترمه بينظير ڀٽو جي اهم تصويرن ڏسڻ جي حوالي سان موقعو فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي هئي ۽ هن ڊي سي شڪارپور کي فون ڪري هن جي مدد جي ڳالهه ڪئي هئي ته فيروز سمجهيو هو ته شڪارپور پ پ جو ڳڙهه رهيو آهي هتان جا جيالا اکيون وڇائي سندس آڌر ڀاءُ ڪندا. هن هتان جي ڀٽن، پٺاڻن، سومرن، قاضين ۽ ميراڻي جا وڏا قصا ٻڌا هئا هن کي پڪ هئي ته اهي ماڻهو جڏهن پنهنجي راض سان گڏ ٿيندا ته لکين ماڻهو هڪ سمنڊ ۽ هڪ سيلاب جيان ڪڙڪي پوندا. هو ساڍن پنج هزار تصويرن سان جڏهن هتي پهتو ته هن کي ڪنهن کنگهيو به نه، تمام گهڻين تصويرن سان سجيل شاميانن باوجود کنڊ جي ٻورين ۾ سٿيل ڪيتريون ئي تصويرون ڍڳ يا ڍير جي صورت ۾ عبرت جو ڏيک ڏينديون رهيون.

آغا فيروز “افيئر” کي ٻڌايو ته هن جون پندرنهن هزار ڀٽو خاندان جون تاريخي تصويرون نيگٽيو پيون آهن ڪڏهن ته بيگم نصرت ڀٽو، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو هن کي سدائين پاڻ سان هيليڪاپٽر ۾ ساڻ گهمائيندا هئا پر اڄ ته ڪو، پڇي ئي ڪو نه ٿو. هو وڌيڪ چوي ٿو ته مون کي ڪا لالچ ناهي. جيڪڏهن ڀٽو خاندان جون تصويرون ڪنهن ميوزيم ۾ محفوظ ٿي وڃن ته ان کي آءُ زندگي جو وڏو قدر ۽ انعام سمجهندس مون کي لڳندو ته ڄڻ اڌ پاڪستان سوکڙي طور مليو آهي. فيروز جي دعويٰ آهي ته گذريل پنجن سالن ۾ هن ڪشمير کان ڪراچي تائين انهن يادگار تصويرن جون پنهنجي خرچ تي 52 نمائشون ڪرايون آهن.

40

هو چاهي ٿو ته عوام کي ڀٽو خاندان جون يادگار تصويرون ڏيکاري انهن جي سياسي عشق ۾ شدت پيدا ڪري ڇو ته ڀٽو خاندان کانپوءِ پيپلز پارٽي ۾ اعليٰ قيادت جي پاليسين جي نتيجي ۾ جيڪا عام ماڻهو ۾ مايوسي پيدا ٿي آهي ڪٿي اها خلق کان ڀٽن جو ناءُ نشان ئي نه ڀلائي ڇڏي؟

هن ٻڌايو ته کيس صلاح ڏني وئي ته ڀٽو ۽ بينظير جي ورسي جي موقعن تي ڳڙهي خدا بخش ۾ نمائش جي ٽڪيٽ رکي، هو چاهي ها ته ايئن ڪري تمام گهڻا پئسا ڪمائي ها پر کيس اها لالچ ناهي. اهو ئي سبب آهي جو اڄ ڏينهن تائين هن بلاول سان ملاقات نه ڪئي آهي نه وري بلاول هائوس يا آصف علي زرداري کيس ڪڏهن ياد ڪيو آهي.

هو چوي ٿو ته ڀٽو کي ڏکي وقت ۾ جڏهن سڀ اڪيلو ڪري ويا هئا تڏهن هو ان سان مسلسل رابطي ۾ رهندو هو. آمر ضياءُ الحق جي دور ۾ ڀٽو خاندان جي تصويرن کي لڪائڻ لاءِ هن کي وڏا جتن ڪرڻا پيا. فيروز کي پنهنجي بي قدري جي ڳڻتي ناهي پر ڀٽوز جي تصويرن جو الڪو ضرور آهي جيڪي تباهه ۽ برباد ٿي رهيون آهن جن جو ڪو به والي وارث ٿيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ جن ۾ جيالن جي اک ئي نه ٿي ٻڏي.

“افيئر” کي هن اهو به ٻڌايو آهي ته کيس اهو ڏک به ناهي ته سندس چار گريجوئيٽ پٽ بيروزگار آهن. هن کي اها آس به ناهي ته ڀٽو خاندان جي تصويرن جو کيس ڪو اجورو ڏنو وڃي پر اها پريشاني ضرور آهي ته وقت جي وار ۾ عاليشان ۽ شاهڪار تصويرون تاريخ جي تهه خاني ۾ دٻجي رهيون آهن.

1975ع کان ڀٽو خاندان سان سلهاڙيل آغا فيرز ٻڌائي ٿو ته حقيقت ۾ هو نصرت ڀٽو جو ترجمان هو. هو بيگم صاحبه لاءِ گائيڊ جو ڪم به ڪندو هو، هن کي فارسي سميت ستن ٻولين تي دسترس هئي. بيگم ڀٽو کي اردو نه ايندي هئي ان ڪري هن کي هڪ اهڙي ماڻهو جي ضرورت هئي جيڪو ان لاءِ مددگار ثابت ٿئي. بيگم ڀٽو سان هن جي آخري ملاقات مرتضيٰ ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ستر ڪلفٽن تي ٿي هئي. جڏهن هوءَ سخت صدمي ۾ هئي هن کان جڏهن پڇيو ويو ته بلاول ڀٽو پاران سنڌ سرڪار جي پئسن تي ملهايل ثقافتي فيسٽيول وارن پندرنهن ڏينهن وارين تقريب ۾ به کيس ڪٿي تصويرن جي نمائش جي دعوت نه ملي ته هن ٻڌايو ته هو ڪنهن کي ياد ئي نه رهيو آهي ان ڪري آساني سان نظر انداز ٿي ويو.

هو چوي ٿو ته کيس کڏ ۾ ڦٽو ڪيو پر هن کي جيڪا وقت جي ڪٻاڙ خاني ۾ ڀٽوز جي تصويرن وڃائجي وڃڻ واري پيڙا آهي ان ارمان ۽ ان احساس جو لحاظ رکيو وڃي.

هو چوي ٿو ته منهنجي تمنا آهي ته جيستائين جيئرو آهيان ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڀٽوز جا فوٽو عوام کي ڏيکاريندو رهان جنهن لاءِ ٽرانسپورٽ ۽ نمائش جي لاءِ مناسب هنڌ ۽ ٿوري گهڻي قدر شناسي جي ضرورت آهي.

ڀٽو خاندان جي تصويرن جو وزن 70 مڻ آهي ۽ جيڪڏهن ڪاريون ڪاپيون صاف ڪرايون وڃن ۽ انهن کي وڏو ڪرائي فريم ۾ مڙهايو وڃي ته اهو وزن اڃا به وڌي ويندو. آغا فيروز پ پ جي موجوده قيادت کان سخت مايوس آهي هن کي اهو وڏو رنج آهي، ته ڀٽوز جي تصويرن جي حوالي سان جيالن کي ڪا دلسچپي ناهي. هن ٻڌايو ته شڪارپور تصويرون کڻائي اچڻ لاءِ پنج مزدورن جي محنت ۽ وري تصويرون کڻائڻ لاءِ ٽرانسپورٽ تي 60 هزار روپيا خرچ ٿيا آهن پر هن جي تري تي ڊي سي ڏهه هزار رکي هڪ طرح سان هن تي ڄڻ ته نه لاهي سگهڻ جيترو ٿورو ڪيو آهي. هن کي اهو به ارمان آهي ته جنهن جذبي سان هو جنون جي حد تائين تصويري نمائشن جو مشن کڻي سير سفر ڪندو رهي ٿو ان حساب سان کيس ميڊيا مان نه ڏئي رهي آهي. هو چاهي ٿو ته آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو ضلعي صدرن ۽ چونڊيل نمائندن کي سندن تڪن ۾ ڀٽو خاندان جي تصوير نمائشن جا بندوبست ڪرڻ جون هدايتون ڪن ته هن کي پنهنجي مقصد ۾ ڪاميابي ملي سگهي ٿي. پر سوال اهو آهي ته انهن کي خود ئي انهن ڦوٽن ڏسڻ جو وقت ناهي، جن ڀٽوز کي سياسي دڪان هلائڻ لاءِ هڪ ڪاروباري سوچ سان ڪئش ڪرايو آهي جن انهن جي رت سان وک وک تي مفاهمت ڪئي آهي تن جي تصويرن جي پرواهه به ڪهڙي ٿي سگهي ٿي؟ آغا فيروز چريو ماڻهو آهي هن خوامخواهه ۾ ٻٻرن کان ٻير گهرڻ جو رٿيو آهي. هن کان چريائپ چنڊ کي مٺ ۾ قيد ڪرڻ جون ڪوششون ڪرائي رهي آهي. هو انڌن جي شهر ۾ آرسيون وڪڻڻ ٿو چاهي. هو گهڻيون اميدون رکي، مطالبا ڪري هڪ طرح سان خود کي دوکو ڏئي رهيو آهي.

هو ديوانو آهي کيس خبر ناهي ته هن جي دانهن کي ڪهڙي رنگ روپ ۾ ڏٺو وڃي ٿو ۽ ان جا ڪهڙا مقصد ۽ نتيجا ڪڍيا وڃن ٿا. هن کي اهو اونو ناهي ته هن جي تاريخ کي ڪير رقم ڪندو پر هن ڪئمرا جي اک سان جيڪا تاريخ محفوظ ڪري ڇڏي آهي ان جي اجڙڻ ۽ وکرڻ واري ڪيفيت سندس ۾ ڪيئي ڪربلائون برپا ڪري ڇڏيون آهن، هو گهڻو ڪجهه ٻڌائڻ چاهي ٿو. هن جي دل ۾ گهڻا راز آهن. جن کي هو پاڻ سان گڏ قبر ۾ کڻي وڃڻ نٿو چاهي. هن جون ڪڍيل تصويرون ته تاريخ آهن ئي آهن پر حقيقت ۾ هو پاڻ خود هڪ وڌي تاريخ آهي هڪ جيئري جاڳندي تاريخ جنهن طرف ڪنهن جو ڪو به ڌيان نه آهي.

bukharinasim@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو