Home / ڪرنٽ افيئر / ڊار تي ڊالرن جي برسات ڪٿان پئي ٿئي؟
above article banner

ڊار تي ڊالرن جي برسات ڪٿان پئي ٿئي؟

شجاع الدين قريشي

هڪ هفتي اندر آمريڪي ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپئي جي اگهه ۾ تيزي سان واڌ ۽ 98 روپين تائين ڊالر جي پهچڻ سبب سڄي ملڪ جا بئنڪر، واپاري توڙي تجزئي نگار حيران آهن. ڪجهه مهينا اڳ جڏهن آمريڪي ڊالر عروج تي پهچندي 108 روپين جي حد تي پهتو هو تڏهن ئي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اها دعويٰ ڪئي هئي ته ڊالر ترت موٽ کائي 98 روپين تي پهچندو. ان وقت ڪنهن سندس ڳالهه تي نه رڳو اعتبار نه پئي ڪيو بلڪه ڪجهه ماڻهن مٿس چٿرون به ڪيون. انهي حد تائين جو سندس پارٽي جي هڪ اڳوڻي همراهه ۽ هاڻي قومي اسيمبلي جي ميمبر شيخ رشيد ته اها دعويٰ ڪري ڇڏي ته جيڪڏهن ڊالر 98 روپين تي پهتو ته هو سياست ڇڏي ڇڏيندو. پوءِ ايئن ٿيو ۽ حيرتناڪ ڳالهه اها آهي ته اهو مهينن نه پر هفتن ۾ ٿيو. ايئن ٿيڻ کانپوءِ مسلم ليگ “ن” جي هڪ اڳواڻ کيس سياست ڇڏڻ جو چيو پر اسحاق ڊار کيس قومي اسيمبلي جي سيٽ نه ڇڏڻ جو مشورو ڏنو.
هاڻي اها ڳالهه ڪا راز نه رهي آهي ته پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ اوچتو واڌ ملڪ ۾ ڊالر وڏي پئماني تي اچڻ سبب ٿي آهي. ان سلسلي ۾ اهم مامرو هڪ دوست مسلمان ملڪ طرفان هڪ هفتي اندر پاڪستان کي 1.5 بلين ڊالرز جو پراسرار فنڊ ملڻ پڻ آهي. اها رقم ڪو قرض آهي يا امداد، اهو اڃا تائين واضح نٿي سگهيو آهي، پر اها رقم اسٽيٽ بينڪ جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿي چڪي آهي. ايئن پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ئي. امڪان اهي آهن ته مارچ جي آخر تائين پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 10 بلين آمريڪي ڊالر برابر ٿي ويندا، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي آءِ ايم ايف کان 550 ملين ڊالر پڻ وصول ٿي ويندا.
واضح رهي ته اسٽيٽ بينڪ اهي مليل پئسا هڪ ڌار اڪائونٽ ۾ رکيا آهن، جنهن کي “پاڪستان ترقياتي فنڊ” جو نالو ڏنو ويو آهي. سرڪاري ذريعن چواڻي اها رقم ترت ٻيڻي ٿي ويندي ڇو ته مذڪوره اڪائونٽ ۾ جلد 1.5 بلين ڊالرز ٽرانسفر ڪيا ويندا. ليڪن معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته روپئي جي ملهه ۾ واڌ جو رڳو اهو سبب نه آهي. “پاڪستان تيل جي مد ۾ ادائگيون ڪرڻ لاءِ ملڪ کان ٻاهر ڪي جوڳا انتظام ڪيا آهن، جيڪي ناڻي جي ذخيرن ۾ ظاهر نٿا ٿين. “ليڪسن انويسٽيمينٽ جي چيف انويسٽمينٽ آفيسر خرم شهزاد “افيئر” کي ٻڌايو. ڊالر جي ويجهڙ جي مهينن ۾ جهجهي آمد ٿي آهي، باوجود ان جي پاڪستان کي آءِ ايم اي کي هلندڙ سال ئي 2 بلين آمريڪي ڊالرز جون ادائيگيون ڪرڻيون آهن.

18
“پاڪستاني روپئي جي اگهه ۾ نالي ۾ نهال واڌ ڪو مثبت عمل نه آهي. ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته هن سال جي آخر تائين 100 روپين ۾ هڪ ڊالر ميسر هوندو.” خرم شهزاد چوي ٿو. اقتصادي استحڪام لاءِ ايڪسپورٽ ۾ واڌ ضروري آهي. جڏهن ته امن امان جي صورتحال پڻ بهتر ڪرڻ جي گهرج آهي.
ٻئي طرف پاڪستان کي ويجهڙ ۾ ئي اڳ ۾ ڪوليشن سپورٽ فنڊ جا رڪيل 550 ملين ڊالرز پڻ مليا آهن. جڏهن ته اپريل جي منڍ ۾ 3-G جي نيلامي مان پڻ پاڪستان کي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 2 بلين ڊالرز جي واڌ جو امڪان آهي. جڏهن ته ڪجهه بئنڪر پاڪستاني روپئي جي مصنوعي واڌ سبب سمجهن ٿا ته ان سان معيشت کي ٽيڪ اچڻ بدران نقصان ٿيندو. هڪ بينڪر چواڻي روپئي جي ملهه ۾ وقتي طور واڌ آئي آهي، اها مستقل برقرار نه رهي سگهندي. ڊالر جي اگهه ۾ گهٽتائي سبب امپورٽ جي طلب ۾ واڌ آئي آهي. جنهن ڪارڻ ناڻي ۾ واڌ ۾ اضافو ٿيندو. ايڪسپورٽرن کي پڻ نقصان کڻڻو پوندو. ٻئي طرف واپارين ۽ امپورٽرز جو خيال آهي ته روپئي جي ملهه ۾ واڌ جو عام ماڻهو کي فائدو ٿيندو.
“اهو درست نه آهي ته ايڪسپورٽرز کي نقصان ٿيندو، ڇو ته اهي اڳواٽ ئي ڪافي نفعو حاصل ڪري چڪا آهن. 10 کان 15 سيڪڙو ڊالر جي ملهه ۾ گهٽتائي جو مٿن ڪو خاص اثر نه پوندو، ان ڪري ڳڻتي جي ڳالهه نه آهي“. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جو صدر محمد هارون “افيئر” کي ٻڌائي ٿو. هن وڌيڪ چيو ته هاڻي اها حڪومت جي ذميواري آهي ته روپئي جي ملهه جو فائدو عوام تائين پهچائي ڇو ته عام طور ريزڪي سطح تي ان جو فائدو عوام کي ناهي پهچايو ويندو.
اهو نه وسارڻ کپي ته ڊالر جي اگهه ۾ لاٿ ۽ روپئي جي اگهه ۾ واڌ سبب پيٽرول سان لاڳاپيل مصنوعات، امپورٽ ٿيندڙ شيون جهڙوڪ اليڪٽرانڪس، داليون ۽ مشينري جي اگهن ۾ پڻ لاٿ متوقع آهي. جيتوڻيڪ حڪومت روپئي جي ملهه ۾ واڌ جو سموري ڪريڊٽ کڻڻدي ان کي معاشي بهتر ڪارڪردگي ۽ جي ڊي پي ۾ واڌ سان ڀيٽي رهي آهي، گڏوگڏ حڪومت جي اها دعويٰ پڻ آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين طرفان پڻ رقمون موڪلڻ ۾ واڌ آئي آهي ۽ ايڪسپورٽ به بهتر ٿي آهي. جڏهن ته داخلي طور به ناڻي جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي.
ليڪن ڪجهه معاشي ماهر ان کي “ڪاسميٽڪ” قرار ڏئي رهيا آهن سندن نظر ۾ اها بهتري پاڪستان ڊيولپمينٽ فنڊ جي ڪري ٿي آهي، باقي حڪومت طرفان 3-G ۽ 4-G ٽيليڪميونيڪيشن جي نيلامي جي مد ۾ 5 بلين آمريڪي ڊالرز ملڻ جي امڪان کي رد ڪن ٿا. “هر ماڻهو کي خبر آهي ته پاڪستان 3-G جي نيلامي ۾ مشڪل سان ٻه بلين ڊالرز حاصل ڪري سگهندو”. معاشي ماهر ڊاڪٽر شاهد صديقي ٻڌائي ٿو.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار هڪ عالمي ميگزين کي انٽرويو ڏيندي پاڪستاني معيشت جو غلط تاثر ڏنو آهي، ڇو ته هن پاڪستان پيٽروليم ۽ او جي ڊي سي جي خانگائڻ ذريعي ٻاهرين ناڻي اچڻ جي ڳالهه ڪئي، جڏهن ته اهي ٻئي ادارا منافعي بخش آهن. انهن ٻنهي ادارن گذريل سال حڪومت کي 2 بلين روپين جو نفعو ڏنو. پرائيوٽائيزيشن جو پسئو هڪ وقت لاءِ هوندو آهي، ان کانپوءِ حڪومت پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا وڌائڻ لاءِ ڇا ڪندي؟ هو سوال ڪري ٿو. هن چواڻي پرائيوٽائيزيشن سبب ڊگهي مدي لاءِ ملڪ کي نقصان پوندو جڏهن ته حڪومت هڪ دوست مسلمان ملڪ کان 1.5 بلين ڊالرز ملڻ بابت عوام کي آگاهه نه پئي ڪري. جڏهن ته دنيا ۾ ڪير ڪنهن کي مفت ۾ لنچ ئي نٿو ڪرائي ته پوءِ ڪير ايترا ڏوڪڙ ايئن ڇو ڏئي ڇڏيندو؟
هن جو اهو پڻ چوڻ هو ته اهو عين ممڪن آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڊونرز پاڪستان کي اهو چون ته هو شام ۾ ٿيندڙ ويڙهه ۾ فوجي مدد ڪري. “جيڪڏهن ايئن ٿيو ته اسان جا پاڙيسري ملڪ ايران سان لاڳاپا خراب ٿيندا. جڏهن ته ايران سان اسان جا ايران- پاڪستان گئس پائيپ لائين تي پڻ لاڳاپا مونجهاري جو شڪار آهن. ڊاڪٽر صديقي چوي ٿو ته دليلن ۽ انهن جي رد ۾ ٿيندڙ ڳالهين باوجود روپئي جي اگهه ۾ ڊالر جي ڀيٽ ۾ واڌ سبب هر هنڌ چرچو آهي ۽ اهو ٿوري عرصي ۾ 10 سيڪڙو وڌيو آهي. روپئي جي ملهه ۾ آيل واڌ سبب پاڪستان پيٽروليم بل ۽ پرڏيهي قرضن جي رقمن ۾ ان جو فائدو وٺي سگهجي ٿو.“ خرم شهزاد ٻڌائي ٿو. هن چواڻي روپئي جي ملهه ۾تازي واڌ سبب بينڪر ۽ ايڪسپورٽرز ۾ ڳڻتي جي لهر آهي. ڇو ته روپئي جي ملهه ۾ مصنوعي تڪڙي واڌ ڪنهن به ريت معيشت کي ڊگهي مدي لاءِ فائدو نه ڏئي سگهندي. ان ڪري روپئي جو ملهه ڊالر جي ڀيٽ ۾ 98 روپيا هجڻ گهرجي، ان کان وڌيڪ نه.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو