Home / اسپيشل افيئر / کنوڻ جي چمڪاٽ ۽ لالٽين وارو پوڙهو
above article banner

کنوڻ جي چمڪاٽ ۽ لالٽين وارو پوڙهو

ارشاد ميمڻ

ورهاڱي جي نتيجي ۾ جڙيل مسلم رياست جيڪي صدما ڏنا، انهن مان هڪڙو هيءُ به هئو. صادقين جهڙي ڀلوڙ ۽ يگاني مصور کي خطاط ڪري ڇڏيائين. ڏوڪڙن جو ڪمال هئو ته ماحول جو اثر پڻ. 50 واري ڏهاڪي تائين عورتاڻي بدن جي ونگن ۽ ورن ۾ آفاقيت تلاش ڪندڙ فنڪار کي ڪڙڪ نوٽن جي مزي عربي لفظ ۽ کجي جي پتن چٽڻ تي اچي بيهاريو. 70 ۽ 80 جي ڏهاڪن جي ڳالهه آهي. هن معاشي ترقي ته ڪئي پر صادقين جي اندر جو آرٽسٽ کرڙيون هڻي مري ويو. مذهبي انڌ ۾ هنر ۽ فن منجهه تفاوت مٽجي ختم ٿيو. گُل جي انسان کان هٽي رڳو گهوڙن جا ڏونئرا پينٽ ڪرڻ ۾ مشغول رهيو. ٻيا ننڍا وڏا آرٽسٽ پرميشور جا مختلف اچار ڪاغذ ۽ ڪينواس تي اتاريندا رهيا. راوي کي کل ايندي آهي جڏهن سهڻا اکر لکڻ کي آرٽ سڏيو ويندو آهي. ڪنهن حال ۾ به اهو فن نه آهي. هنر آهي، بس. روئڻ ايندو اٿس ڏيهاڙي صبح جو، نوڪري تي ويندي رستي ۾ هڪ وڏي عمارت تي جڏهن بورڊ پڙهندو آهي- صادقين انسٽيٽيوٽ آف ڪيليگرافي. حقيقت کان انڪاري ڪين ٿبو. هو تمام وڏو چترڪار هئو. انتهاپسند معاشري جي مزاج کي ڄاڻيندي پاڻ کي روڪيائين. سندس آڱرين ۾ اسٽروڪ لڳائڻ جي جا طاقت هئي تن کي اکرن جي وڪڙن کي سنوارڻ لاءِ ڪتب آندائين. 

لفظ جن وٽ ڏيڻ ڪاڻ ڪو به فنڪاراڻو پيغام نه هئو. خلق جي جيئدان کي وڌيڪ ڌپيارو ڪرڻ ۾مددگار ثابت ٿيا. صادقين کي فنڪار هئڻ ناتي جنهن سماجي تبديلي خاطر مکيه ڪردار ادا ڪرڻو هئو، سندس رول ان سڌاري ۾ رنڊڪ سندو ٿي بيٺو. ساڳي ڪار آرٽ جي ٻين شعبن سان پڻ ٿي. ڪلاڪار گُهٽجي گُهٽجي پاتال ڀيڙا ٿيا.

Picture1

ليکڪ کي مٿي ڄاڻايل تڪليف جو احساس وڌيڪ شدت سان ٿيو جڏهن هندستاني مصور مقبول فدا حسين جي مختصر پر 280صفحن تي پکڙيل آتم ڪٿا پڙهي پوري ڪيائين. ڪتاب ۾ انيڪ چتر پڻ شامل آهن جيڪي ايم ايف حسين جهڙي باڪمال فنڪار جي اچرج ڏياريندڙ سگهه رکندڙ اسٽروڪ جا ڪارناما آهن. سيڪيولر معاشرا فن جي اوسر ۾ ڪيئن سهائتا ڪندڙ ثابت ٿا ٿين، کيس نهاري سمجهه ۾ ايندڙ آهي. عام ڪاڳرن کان ويندي خطن جي لفافن کي کولي اندرئين پاسي تحرير ڪيل حياتي جي ڪهاڻي، ننڍن ننڍن بابن تي مشتمل آهي. پر هر ننڍو فصل هن جي اسڪيچز ۾ نمايان نظر ايندڙ طاقتور لڪيرن وانگر جهنجهوڙي ڇڏيندڙ آهي. کيس نه فقط ليڪن ۽ رنگن جي استعمال ۾ مثالي مهارت حاصل آهي پر اکرن ۽ لفظن کي پروئڻ ۾ پڻ سندس مٽ شايد ئي ڪو هجي. حسين کي سامهون ويهاري، صادقين جي بربادي جو ماتم ڪجي، جيڪر. مقبول جي آتم ڪٿا بهرحال به اهڙو ڪتاب جيڪو اوهان کي گوڏا کوڙي پڙهي پورو ڪرڻو پوندو ۽ آخر ۾ ائين لڳندو ڄڻ آکاڻي شروع ئي هاڻ ٿي آهي. هن لکڻي کي روايتي تبصرو ڄاڻڻ بجاءِ، راوي جي تنهن جلد جي سنگت ۾ گذريل چئن پهرن دوران دماغ ۾ ايندڙ ويچارن کي توهان آڏو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڄاتو وڃي ته مهرباني ٿيندي.

پنجٽيهه سال گذريا هوندا جو هڪ ٻار ٻهراڙي جي اسڪول جي ڇٻر تي، ٻين شاگردن سان گڏ ڪلپ بورڊ مٿان لڳايل سفيد ڪاغذ تي، پهريائين پينسل ۽ پوءِ واٽر ڪلر سان زندگي جو گل چٽي رهيو هئو. آرٽ سان سندس اها آڳاٽي ڏيٺ هئي. استاد غوث بخش سومرو رڳو ڊرائنگ ماسٽر نه پر موچارو مصور پڻ هئو. آبجيڪٽو ۽ اسٽل تصويرون ٺاهڻ مهل کيس چڱي ريت ياد آهي. هدايت اها ته فوٽ پٽي کانسواءِ لڪير ڪڍڻي آهي ۽ بلڪل سڌي ڪڍڻي آهي. اک ۽ آڱرين جي ان سنگم جونتيجو چڱو مليو. اڄ ڏينهن تائين ساڳيو ٻار بنا ڪنهن اسڪيل بار يا رول جي صفا سڌي ليڪ پائي ويندو آهي. نه رڳو ايترو پر جي لڪيرن کانسواءِ پنو ڏيوس ته لکڻ مهل به لائينون هيٺ مٿي، ٽيڏيون نه ٿيندس. هڪ ڀيري نواب شاهه جي خواجا هاءِ اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر جي نوڪري لاءِ ويو. انٽرويو وٺندڙ استاد، چترڪاري ۾ چڱو نالو ڪمايل هئو. چڪاس خاطر آبجيڪٽو ٺاهڻ جي پريشاني ۾ پهريائين بورڊ رکيائين ۽ پوءِ سرون، ديڳڙي ڳولهڻ لڳو. ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوار سندس چنتا ڄاڻي، گهڻي خفي ۾ پوڻ کان روڪيس ۽ ٺاهڻو ڇا آهي- پڇيائينس. بليڪ بورڊ، ان مٿان ٻه سرون رکي، ديڳڙي هجي ۽ منظر ڪنڊائتو- امتحان وٺندڙ وراڻيو. دير ئي ڪا نه لڳي. ڊرائنگ تيار. استاد حيران. ايئن واٽر ڪلر جو ڪم به ڪري ڏيکاريائينس.

رنگ واٽر ۾ هجن يا آئل وارا، تصوير ۾ شيڊ ڏيکارڻ مهل ڀرواري روشني يا ڪلر کي گڏائي استعمال ڪرڻو هوندو آهي. مهارت کپي ٿي. ٻار کي ڪجهه سمجهه ڀريو ٿيڻ بعد نصير ملاح جي فن کي غور سان ڏسڻ جو موقعو مليو. نصير تمام گهٽ عمر ۾ رولاڪي جي عادتن سبب ايران وڃي نڪتو. فارس جي گهرن اندر ڇت ۽ ديوارن تي گلڪاري جو رواج آهي. هو سا ڪرت ڪندو رهيو. واندڪائي وقت واچن جي مرمت پڻ. اتان موٽ کائي سرڪاري اسڪول ۾ ڊرائنگ ٽيچر جي نوڪري ورتائين. پين ورڪ ۾ ڪافي سال هٿ آزمائين. حيدرآباد ۾ فتاح هاليپوٽي جي نگراني ۾ به رهيو. ٻار هن وٽ اتي وڃي نڪتو. ساڳي احاطي ۾ عجب راڳي قمر سومري جي رهائش هئي. کيس ويجهو پائڻ عبادت وانگر محسوس ٿيس- پيارو پيارو سور ڏئي ويو. هڪڙو پيارو ماڻهو. ٻالڪ کي نصير ملاح ۾ انيڪ اميدون هيون. ڏک جهڙي ڳالهه ته ملاح جي سيني ۾ رهندڙ فنڪار ٿڌو ٿي ويو. پير پهڻ ٿي ويس. نسري نه سگهيو. وڌي وڌي به ڇا ڪري ها؟ اسان جي ڪرپٽ سماج کي مصوري به ڇا ڪري ها؟ اسان جي ڪرپٽ سماج کي مصوري ڪهڙي سجاڳي ڏيندي- سوال آهي.

ٻار کي ٻيو آرٽسٽ گڏجي ٿو. پير بخش لاڙڪ. هو لاڙڪ صاحب جي صحبت ۾ ڏينهن رات، سالن جا سال گذاري ٿو. علم، ادب، موسيقي ۽ پينٽنگ. سندس تربيت ٿيندي رهي ٿي. هفتن جا هفتا آرٽ کي ڪينواس يا هارڊ بورڊ تي جنم وٺندي نهاري ٿو. پير بخش نائف ورڪ ۾ محو آهي ۽ هو فنڪار کان ٻه قدم پوئتي ويٺو پراسرار مهانڊو يا لينڊ اسڪيپ اڀرندو پسي ٿو. کيس آئل ۾ پورٽريٽ ٺاهڻ جو شوق جاڳي ٿو. ڄامشوري ميڊيڪل ڪاليج جي هاسٽل روم ۾ لڪي برش وهائيندو رهي ٿو.

ڇوڪر مصور نه ٿي سگهيو. موسيقي جي دنيا جو نا لائق شاگرد ۽ علم، ادب جي اڃ نصيب ۾ مليل نمراد طالب اهو ٻار اوهان سان مخاطب آهي. معاملا انجام تائين نه پهتا ۽ ٻالڪ حياتي جي رڻ ۾ ڀٽڪندو رهيو.

سن ٻه هزار ڌاري اجمل ڪمال جي آج ڪتاب گهر وٽان کيس بي سي سنيال جي آٽو بايوگرافي نالي Vertical Woman ملي ٿي. وڏا فنڪار جيئن پنهنجي آرٽ ۾ يگانا هوندا آهن تيئن سندن قلم به انوکي نموني وهندو آهي. شاعرن جو نثر پڙهجي ته واهه واهه. مصوري تحرير جو روپ وٺي تڏهن پڻ ڏندين آڱريون، بت تراش ۽ پينٽر سنيال جي آتم ڪٿا به ڄڻ ته هن جي ڪا عظيم تخليق، رچنا. هر سٽ ۾ ڪلا ڀريل. ٻار ان ڪتاب کي هڪ ساهي پورو ڪيو ۽ ايندڙ تيرهن سال ڳولها ۾ رهيو. ڪڏهن اجمل ڪمال ته ڪڏهن احمد سليم کان پڇندو رهيو.

ڪراچي، لاهور ۽ اسلام آباد جي بوڪ شاپس ۾ نوسيندو رهيو. ورٽيڪل وومن، بي سي سنيال جي زندگي جي آکاڻي جو صرف اڌ قصو آهي. ورهاڱي گهڙي، لاهور کان انڊيا لڏڻ تائين. چون ٿا ته پاڻ ٻيو ڀاڱو لکڻ کان اڳ 1960ع جي آسپاس ديهانت ڪري ويو. هن اکيون ٻوٽيون ڄڻ آرٽ ساڻ کنيو ويو.

ڳالهه کي ڊگهو نه ڪجي. ڄاڻايل ٻار کي هينئر مقبول فدا حسين جي آتم ڪهاڻي هٿ آئي آهي. پڙهي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ موج ۾ آهي. ڪتاب هندي ۾ لکيل آهي ۽ پاڻ وٽ ان جو بهتر ۽ نج اردو ترجمو وڪامجي ٿو. فڪشن هائوس تان خريد ڪري پڙهندا. پنهنجي حياتي ۾ تبديلي ڀائيندا.ليکڪ اوهان کي ان کان چڱي صلاح نه ٿو ڏئي سگهي.

احوال ختم ڪرڻ کان اڳ فوٽ نوٽ. ايم ايف حسين ڏيڍ سال جو آهي جو ماءُ وفات ڪريس ٿي. لالٽين مرمت ڪندڙ ڏاڏو هن جي پالنا پنهنجي بلي کڻي ٿو. ٻارن کي ساڃاهه ڀريو ٿيڻ بعد امڙ جو منهن مهانڊو ذهن ۾ نه ٿو اچي. نه وري، تنهن زماني ۾ فوٽو ڪڍرائڻ جو رواج هئو. حسين جي ٺاهيل تصويرن ۾ اڇي رئي ويڙهيل، چهري جي نڪ نقشي کان آجي عورت نمايان آهي. ٻيو آبجڪيٽ جيڪو اوهان کي وٽس هر هنڌ ملندو سو آهي لالٽين. پير بخش لاڙڪ راوي سان سدائين طوفاني رات سمئه کنوڻ جي چمڪاٽ ۾ لالٽين هٿ ۾ کنيو آسمان ڏانهن ڳنڀيرتا وچان نهاريندڙ ٻڍڙي جي پينٽنگ ٺاهڻ جي خواهش جو اظهار ڪندو رهيو. ويهن کان مٿي سال ٿيا هوندا. ليکڪ لاڙڪ صاحب سان ملاقات نه ٿي آهي. کاهي راهو ۾ ترسيل مصور اميد ته اها تصوير تخليق ڪري چڪو هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو