Home / اسپيشل افيئر / ڪراچي ادبي ميلو: 70 هزار ماڻهن جو ڪاڄ
above article banner

ڪراچي ادبي ميلو: 70 هزار ماڻهن جو ڪاڄ

مرلي ڌر

سوويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ ملڪ ۾ کاٻي ڌر جي سياست ۽ سوچ وارا ماڻهو ڪيترو ئي وقت ڊپريشن واري صورتحال ۾ هليا ويا هئا. ڪجهه ماڻهن پنهنجا دڳ الڳ ڪيا ته ڪجهه توبهه تائب ٿي ويا. ڪن وري اهو چوڻ شروع ڪيو ته انهن جيڪو ڪجهه ماضي ۾ ڪيو اهو سڀ غلط ڪيو. گذريل ڪجهه سالن کان خاص ڪري جڏهن پرنٽ، اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا آزاد ٿي ته انهن ماڻهن وري ساهه کڻڻ شروع ڪيو ۽ هاڻي ٻيهر چرپر شروع ٿي وئي آهي. ڪراچي لٽرري فيسٽيول مان پهرين کان وٺي پنجين تائين ڏسندو ٿو اچان. پهرين ان ۾ ماڻهن جو تعداد ايترو نه هيو، سنڌي اديب به ايڪڙ ٻيڪڙ شامل ٿيندا هيا. ايستائين جو مون ٻه ٽي ڀيرا سوچيو ته ان تي لکجي پر اهو سوچي نه لکيم ته گهٽ ۾ گهٽ ڪم ته چڱو آهي. چڱي ادبي سرگرمي آهي ان کي تنقيد جو نشانو بڻائڻ درست نه ٿيندو. هن پنجين فيسٽيول ۾ مون ڏٺو ته سنڌي اديب گهڻي تعداد ۾ شامل هئا. انهن کي مان به ڏنو ويو، پر اڃا به چڱو ٿيندو جو ٻين ٻولين جي ليکڪن کي به ان ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ انگريزي ۽ اردو کان سواءِ ٻين ٻولين جا ڪتاب به ان ۾ شامل ڪيا وڃن. اهو سڀ ڪجهه آهستي آهستي ٿيڻ جي اميد ڪندي اهو چوڻ کان رهي نه ٿو سگهجي ته اهو جيڪو ڪجهه ٿئي ٿو شاندار آهي. ڏيهه، پرڏيهه جا ليکڪ ان ڪاڄ ۾ شامل ٿيا. آڪسفورڊ انتظاميه موجب لٽرري فيسٽيول جي ٽن ڏينهن ۾ 70 هزار ماڻهن شرڪت ڪئي جيڪو تمام وڏو انگ آهي.
آءُ ڊاڪٽري مصروفيتن ڪري فقط آچر جي موڪل کي ئي ڪم آڻي سگهيس. امداد حسيني جي ڪتاب “ڌوپ ڪرن” جيڪو شاعري جو مجموعو آهي ان تي ڳالهه ٻولهه ٿي. سحر امداد ان کي ماڊريٽ ڪيو ۽ فهميده رياض ان جي مک مهمان هئي. فهيمده رياض چيو ته جنهن خوبصورتي سان امداد اردو ۾ شاعري ڪئي آهي اها قابل ستائش آهي. فهميده رياض ڪجهه نظم پڙهي ٻڌايا سحر امداد، امداد حسيني کي ڪجهه نظم پاڻ به پڙهڻ لاءِ چيو. امداد حسيني فيض احمد فيض جي شعري مجموعي جو سنڌي ترجمو به ڪيو آهي ان ڪتاب تي به ڳالهايو ويو . فهميده رياض چيو ته امداد اهو ترجمو ڏاڍو خوبصورتي سان ڪيو آهي ۽ فيض جي شاعري ڄڻ سنڌي زبان ۾ لکيل شاعري جو تاثر ٿي ڏي. ان کانپوءِ مان سعيد حسين خان جي لکيل ڪتاب جي مهورت ۾ شامل ٿيس خان صاحب ترقي پسند ليکڪ آهي، سندس اهو ڪتاب Across the sess: incrrigible Drift. ڪجهه سوانح عمري آهي ته ڪجهه وري اڄڪلهه جي حالتن تي تبصرو. سعيد صاحب چيو ته اسين اقليتن جي خلاف ته محاذ کوليو آهي پر اڄڪلهه مسلمان، ملسمان جو رت ٿو وهائي. ان جو خيال هو ته ڳالهه وس کان ٻاهر نڪتل آهي ۽ هن جي خيال ۾ ته هاڻ هڪ کان وڌيڪ تضاد هڪ ٻئي سان ٽڪراءُ ۾ آهن. سوالن جوابن جو دور به هليو. مون پڇيو مانس ته ڇا ميڊيا جو ڪو رول بڻجي ٿو. چيائين ته ميڊيا جيڪڏهن چاهي ته بهتري اچي سگهي ٿي پر ان جي خيال ۾ ميڊيا پاڻ سنئين دڳ تي ڪونهي.
هڪ سيشن تصوف بابت به رکيل هو، جنهن ۾ ثروت محيالدين ڳالهايو ۽ اهو سيشن مسعود لوهار ماڊريٽ ڪيو. ثروت پنجابي ڪلاسيڪل شاعري تي مهارت رکندڙ ماهئي جي شاعره آهي. جلال الدين رومي جو شهر قونيا گهميل اٿس. ثروت چيو ته تصوف جون چار مکيه ڌارائون آهن، سڀ کان اوائلي صوفي بابا فريد هو(ننڍي کنڊ ۽ پنجاب ۾) تصوف بابت پهريون دستاويز (لکت ۾) علي هجويري عرف داتا گنج بخش جو عشق المحجوب (فارسي ۾) آهي. ثروت جي خيال ۾ صوفي پهريائين شريعت (قاعدي) جي پوئواري ڪندڙ آهي بعد ۾ هو طريقت (روحانيت) جون منزلون طئي ڪندو آهي. مسعود لوهار، تصوف بابت گهري مطالعي سبب هن سيشن سان خوف نڀايو.
افغانستان تي هڪ سيشن ۾ جنهن ۾ رياض محمد ۽ اي جي نوراني شامل هئا. ڊيورن لائين جو ذڪر ٿيو. رياض محمد جو چوڻ هيو ته افغانستان ۽ خيبرپختون خواهه جا عوام جي رشتا پاڻ ۾ لازوال آهن، اهي ختم ڪو نه ٿا ٿي سگهن. انهن رشتن کي ڪا به ٻاهرين ايجنسي متاثر ڪو نه ٿي ڪري سگهي. ان جو چوڻ هيو ته پاڪستان کي انهن رشتن کي ڏسندي قدم کڻڻا پوندا ۽ ڪنهن به ڌڙي جي طرفداري کان پاسو ڪرڻو پوندو. ڇو ته ڪو به جهيڙو فقط پاڪستان ۽ افغانستان کي ئي نقصان پهچائيندو.
هن وڌيڪ چيو ته ڊيورنڊ لائين کي ختم ڪو نه ٿو ڪري سگهجي، اهو ڪري سگهجي ٿو ته بارڊر کي سٺو مينيج ڪجي، چاهي بايوميٽرڪ سسٽم تحت يا ڪنهن ٻئي طريقي سان، رياض وڌيڪ چيو ته ويسٽ کي هاڻ افغانستان کي پهريان وانگر ڇڏڻ نه گهرجي. ان جي پوئواري ڪرڻ گهرجي. ڪرزئي ويندي ويندي جي ايس ٽي تي صحيح ڪري پنهنجي کاتي ۾ اها خواري ڪو نه ٿو کڻڻ چاهي. هن سيشن ۾ آمريڪا جو سفير به شامل ٿيو. جنهن کان اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت حسين انٽرويو ڪيو. ڊاڪٽر عشرت حسين سفير کي چيو ته آمريڪا جا ماڻهو اهو ٿا چون ته آمريڪا پاڪستان کي جهجهي امداد ٿو ڏئي جيڪا ذيان ٿي ٿئي ۽ ٻئي طرف پاڪستان جو عوام اهو ٿو سمجهي ته اسين آمريڪا جا ٻچو نگڙا آهيون ۽ آمريڪا جڏهن چاهي اسان کي ڪجهه ڏوڪڙ ڏئي استعمال ڪندو آهي.
آمريڪا امداد ڏيڻ جي بجاءِ پاڪستان کي ڪاروبار ڇو نه ٿو ڏئي. سفير ان جي جواب ۾ چيو ته اهڙي قسم جون سازشي ٿيو ريون ٻنهي طرف رائج آهن، جنهن جو ڪو وجود ڪونهي، هن چيو ته آمريڪا هر وقت پاڪستان جي مدد ڪئي آهي. عشرت حسين چيو ته پاڪستان هميشه چوندو آهي ته آمريڪا جيڪا امداد چوندو آهي اوتري ڏيندو ڪونهي ۽ هن چيو ته ڏيڍبلين ڊالر امداد ٿي ملي جڏهن ته سفير چيو ته پاڪستان کي 300 ملين ڊالر جي امداد ٿا ڏين.
ان کانپوءِ سوال جواب ٿيا، ماڻهن ڪيترا ئي سوال پڇيا، هڪ همراهه چيو ته، آمريڪا پاڪستان جي مقابلي ۾ انڊيا کي وڌيڪ اهميت ٿو ڏئي. سفير وراڻيو ته ايئن ناهي آمريڪا پاڪستان کي به مختلف پراجيڪٽس ۾ مدد ڪري ٿو، هن ڄامشوري ۽ اٽڪ جو ذڪر ڪيو. هن ونڊ انرجي ۾ مدد جو به ذڪر ڪيو. هڪ همراهه پڇيو ته آمريڪا پاڪ ايران گئس پائپ لائين جي مخالفت ڇو ٿو ڪري جنهن تي هن چيو ته دراصل ايران جي نيوڪليئر مسئلي جي ڪري آمريڪا ايران تي ڪجهه پابنديون مڙهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايران سان آمريڪا جا لاڳاپا بهتري طرف وڃي رهيا آهن. هڪ همراهه آمريڪي سفير کان پڇيو ته افغانستان کان وڃڻ کانپوءِ ڇا آمريڪا اسان جا ٽٽل روڊ ٺهرائي ڏيندو. سفير هاڪار ۾ جواب ڏنو ۽ چيائين ته خيبرپختون خواه ۽ بلوچستان ۾ روڊن جي مرمت جو پلان تيار ڪيو آهي. محمد حنيف جيڪو ايڪسپلوڊنگ مينگوز ۽ ليڊي دي ايليس ڀٽي جهڙن مشهور ناولن جو تخليڪار آهي. ان کي به ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو مليو. هو هڪ ئي وقت فڪشن ۽ نان فڪشن ٻنهي تي مهارت ٿو رکي. ڏاڍو ڀيانڪ ۽ ڳالهائڻ ۾ تڪڙو پئي لڳو. همراهه ترقي پسند خيالن جو مالڪ آهي مذاق مذاق ۾ سچ چئي ويو.
هڪ همراهه پڇيس ته ضياءُ الحق کي فيصل مسجد جي اندر ڇو دفنايو ويو، ان کي ڪڍي ٻاهر ڇو نه دفنايو ويو انهي تي محمد حنيف چيو ته اهو اوهان ٿا سمجهو ته ان کي دفنايو اٿن، حقيقت ۾ هو اسان کي دفن ڪري ويو آهي. هڪ همراهه اقليتن سان زيادتي جو ذڪر ڪيو ۽ ٻڌايائين ته 7 ۽ 11 سالن جي ٻن هندو ڇوڪرين جو مذهب تبديل ڪرايو ويو، ان متعلق اوهان جي ڇا راءِ آهي، محمد حنيف چيو ته هاڻ هندن جو تعداد وڃي گهٽ بچيو آهي ۽ جيڪڏهن اها رفتار ايئن ئي رهي ته حساب ڪتاب جلد ئي پورو ٿي ويندو. محمد حنيف ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي ڳالهايو. هن چيو ته هو صحافي آهي، ايڪٽيويسٽ ڪونهي، ان کي جڏهن به ڪو پنهنجو مئسلو ٻڌائيندو آهي ته هو تحقيق کانپوءِ ان تي قلم کڻندو آهي ۽ ان تي ايمانداري سان لکندو آهي، اهو ان جو فرض آهي ۽ ان جو اجورو به ملندو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ ته هو اردو ۾ ڇو نه ٿو لکي، هن چيو ته جيڪا شيءِ جنهن زبان ۾ ٺهي ايندي هو ان تي لکندو. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن جو ناول ايڪسپلوڊنگ مينگوز اردو ۾ ترجمو ٿي ويو آهي هو ان جي اڄڪلهه ايڊيٽنگ پيو ڪري.
هڪ سيشن هندستان مان آيل مهاتما گانڌي جي پوٽي راج موهن گانڌي جو به هو، جنهن ۾ ظفر جوڻيجو جو گانڌي جي زندگي بابت ترجمو ڪيل ڪتاب جي پڻ مهورت پڻ ٿي. اهو سيشن ظفر جوڻيجي ماڊريٽ ڪيو.
سائين امر جليل به هن پروگرام ۾ شامل هيو. هن پنهنجي هڪ ڪهاڻي انگريزي ۾ پڙهي، شاهه محمد پيرزادو ان جو ماڊريٽر هيو. ان جي ڪهاڻي جو عنوان هيو گلوگگلي. ڪهاڻي پنهنجو مٽ پاڻ هئي. ان کانپوءِ سوالن جوابن جو سلسلو شروع ٿيو. امر جليل ته ڄڻ ڊيڄاري ڇڏيو. هن چيو ته پاڪستان وڏي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي. فقط لٽريچر سان ان ۾ بهتري ڪو نه ايندي. هن چيو ته 20 ڪروڙ ماڻهن جي ملڪ ۾ فقط 12 کان 15 لک اخبارون ٿيون وڪامجن، جيڪڏهن ڪو اديب هزار ڪاپيون ڪنهن ڪتاب جون ڇپرائيندو آهي ته 500 هو مفت ۾ ورهائيندو آهي ته جيئن ماڻهو هن کي پڙهن. اهڙي هنڌ لٽريچر ڪيئن ٿو بهتر ٿي سگهي. هن جو چوڻ هو ته هن ملڪ جا مالڪ اڃا ٻيا آهن ۽ هو پنجن ڏهن سالن ۾ اچي پنهنجي جاءِ والاريندا. هي سامهون جيڪي آهن، فقط ڏيکاءُ آهن. اصل مالڪ ٻيا آهن. هن چيو ته اسان جو مالڪ بکيو ۽ بيمار آهي. هڪ نوجوان ايترو مايوس ٿيو جو امر جليل صاحب کان پڇيائين ته هو ڇا ڪري، ڇا هو سڀ ڪجهه ڇڏي ڏي ۽ گهر وڃي ويهي، امر جليل هونئن ته اتساه، ڏياريندڙ ليکڪ آهي. هو اوڻاين ۽ خرابين کي ڏاڍو خوبصورتي سان پيش ڪندو آهي. هن جون لکڻيون ڏاڍيون متاثر ڪندڙ آهن. هو هن دفعي ڏاڍو مايوس لڳو ۽ چيائين ته ڪجهه ٿيڻو نه آهي. اهو ڏاڍو ڏکو ئيندڙ هيو.
هونئن ته اڪثر ليکڪن انهي ڳالهه جو اظهار ڪيو. حالتون ڏاڍيون خراب آهن، اسين پوئتي پيا وڃون تعليم جي ٻيڙي ٻڏل آهي، معاشرو پٺتي ڏانهن پيو وڃي. ملڪ پوئتي پيو وڃي. اهو ڪجهه ٻڌو سين. هڪ ڳالهه مون کي ضرور اتساهيو ته هن دفعي ماڻهو تمام گهڻا ڏسڻ ۾ آيا. ماڻهن جنهن چاهه سان سيشن اٽينڊ ڪيا ان جو ڪو مثال ڪونهي.
هرهال، هر ڪمرو صافا ڀريل هو، ان ڳالهه مون کي اتساهه ڏياريو ته چڱو وقت ضرور ايندو، حالتون بهتري ڏانهن وينديون. هونئن به تاريخ جو چرخو چرندو رهندو آهي. اڳتي وڌندو رهندو. ڪا به شيءِ ساڪت ۽ جامد ڪونهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو