Home / ڪرنٽ افيئر / ڪراچي کي ڪوئيٽا بڻائڻ جي سازش
above article banner

ڪراچي کي ڪوئيٽا بڻائڻ جي سازش

سمير منڌرو

ڪراچي کي غير محفوظ شهر بڻايو پيو وڃي. جنهن حساب ۽ سنجيدگي سان حڪومتي ادارن کي ڪم ڪرڻ گهرجي اهو شهر جي موجوده حالتن مان نظر نٿو اچي. ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪنهن سوچيل سمجهيل سازش تحت ڪراچي کي ڪوئيٽا بڻايو پيو وڃي. اڳ عام شهري ماريا ويندا هئا ته ان کي وڏي شهر ۾ ايترا واقعا ٿيڻ معمول چئي چپ ڪرايو ويندو هو. پر هن نام نهاد آپريشن کان پوءِ عام ۽ خاص جو ڪو فرق نه رهيو آهي. ڊاڪٽر، انجنيئر، پوليس وارن يا ڪنهن واپاري جو قتل ته معمول بڻجندو پيو وڃي. ظاهري طور اهو پيو راڳ آلاپيو وڃي ته آپريشن کي منطقي انجام تي پهچايو ويندو ۽ ڪراچي کي ڏوهارين ۽ هٿيارن کان پاڪ بڻايو ويندو. پر اصل ۾ ايئن نه آهي، جتي قانون جي بالادستي هئڻ گهرجي ۽ هڪ محافظ کي ڏسي عام شهري تحفظ ۽ اطمينان جو آسرو ڪن، اتي عام ماڻهو هنن محافظن کان نفرت ڪرڻ لڳو آهي ته ڏوهارين کان وڌيڪ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪارن کان خوف ٿو لڳي.

آپريشن کان اڳ رينجرز جو قبضو مخصوص هنڌن يعني ڪجهه سرڪاري عمارتن جي گرائونڊن تي هيو ۽ اهي انهي چوديواري جي اندر تائين محدود هوندا هئا. پر آپريشن جي آڙ ۾ وفاقي حڪومت جڏهن کان هنن کي غير آئيني اختيار ڏنا آهن تڏهن کان هنن جوانن انهن بلڊنگن جي چوطرف به قبضا ڪرڻ شروع ڏنا آهن. عوم رستن کي عام لاءِ بند ڪيو ويو آهي. ڪو پيادل به جي اتان گذري ٿو ته هن کي “خاص” لفظ ٻڌايا وڃن ٿا. اڳ رينجرز مخصوص ۽ ايمرجنسي واري صورتحال ۾ بيهاري ويندي هئي. پر هاڻ ته هنن ٽريفڪ اهلڪارن وارا ڪم به شروع ڪري ڏنا آهن. ڪنهن دڪان اڳيان جي ڪا گاڏي يا رڪشا ڏسن ٿا ته اول ته ڊرائيور يا مالڪ جي سرعام ڪٽائي ڪن ٿا ۽ جيڪر اهو نٿو ملي ته انهي دڪاندار تي لٺ جو زيپٽ شروع ٿا ڪن.ڪو ماڻهو جيڪڏهن هنن جي پهچڻ يا گذرڻ دوران هيڏانهن هوڏانهن لوڻا ٿو هڻي يا نڪرڻ جي ٿو ڪري ته همراهه کي اڌ مئو ڪري گهليو ٿا وڃن. ڏوهارين کي يا ته ماريو ڇڏين يا مفلوج بڻايو ٿا ڇڏين. ڪو عام به هنن جي پڪڙ ۾ ٿو اچي ته ڏوڪڙن کانسواءِ نٿا ڇڏين. گهرن ۾ ڪاهي ٿا پون ته چادر ۽ چوديواري جي ڪا پرواهه نٿا ڪن. عورتن کي وارن کان گهلڻ ۽ گاريون ڏيڻ جا واقعا به سامهون اچي رهيا آهن. اوچتو جن علائقن ۾ آپريشن ڪن ٿا ۽ انهي دوران جن گهرن ۾گهڙن ٿا ته اتان سون ۽ پئسا چوري ٿيڻ جا واقعا به ٿي رهيا آهن. دڪانن ۾ دخل مان پسئا به غائب ڪريو ڇڏين. رات جو دير سان ڪو شهري جي هنن جي چنبي ۾ اچي ٿو ته هن جا پئسا ۽ موبائل ته گم ٿين ئي ٿين تذليل به عام ٿيندي ٿي وڃي.

 14

ائين ناهي ته هو آپريشن بند ڪن ۽ ڏوهارين کي پڪڙڻ ڇڏي ڏين. پر مارڻ جو هنن کي ڪو به قانون اجازت نٿو ڏي. ڪنهن عورت، ٻار ۽ ٻڍڙي جي بيعزتي ڪرڻ جا هنن کي ڪي به اختيار ناهن . ڪراچي ۾ ڄڻ مارشل لا لاڳو ٿيل ٿي لڳي جنهن جي ڪمانڊ رينجرز ۽ سگهارن ادارن جي هٿن ۾ ڏني وئي آهي. عام ماڻهو طرفان وڌندڙ نفرت انهن ڏوهارين جي پارٽين طرفان شروع ٿيندڙ مهم کي وڌيڪ تقويت ڏيندي ٿي وڃي جن مان ڪراچي جو مزدور ۽ شريف ماڻهو بنهه بيزار هو. ماڻهو چون ٿا ته هنن کان وري به اهي ڏوهاري ڀلا هئا.

رينجرز طرفان ٿيندڙ زيادتين جي دانهن لاءِ ڪو به طريقو يا ادارو ناهي ٺاهيو ويو. ميڊيا تائين به اهو ئي پهچي ٿو جيڪو هي چاهين ٿا. ڪيمرا جي اک جي پهچ نه هئڻ ڪري ڪيترائي سرفراز شاهه هنن جو نشانو بڻجي چڪا آهن. شهر جي مختلف علائقن ۾ گشت دوران ڪي جوان نقاب ۾ عام ٿا نظر اچن جنهن سان خوف جي لهر وڌيڪ وڌي ٿي. اعليٰ اختيارين تائين به اهڙي قسم جون ڪي شڪايتون پهتيون آهن. جنهن کانپوءِ اهو شوشو عام ڪيو ويو آهي ته رينجرز جي گاڏين ۽ وردين کي استعمال ڪيو پيو وڃي.

مشرف دور کان اڳ نه ڪوئيٽا جون اهي حالتون هيون، نه بلوچستان جون جيڪي اڄ آهن. ڄاڻي واڻي اهڙيون حالتون پيدا ڪيون پيون وڃن جيئن فوج، ايف سي ۽ رينجرز کي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اتي رهڻ جو جواز مهيا ڪيو وڃي ته جيئن سويلين ادارن جي رسائي کي محدود ڪري سگهجي.

اڄ نه صرف ڪوئيٽا بلڪه سموري بلوچستان ۾ سويلين حڪومت جو ڪو ڪنٽرول نظر نٿو اچي. جيڪڏهن واقعي هنن جوانن کي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي ته ڇا هنن ڪو واضح فرق ڪري ڏيکاريو آهي؟ نه بلڪل به نه. ويتر حالتون خراب ٿيون آهن ۽ خراب ٿينديون وڃن. عام شهرين کي جن جوانن تي فخر هئڻ گهرجي انهن کان هو پري ڀڄڻ لڳا آهن.

ساڳي صورتحال ڪراچي جي آهي ۽ جيڪڏهن ڪنهن اک نه پٽي ته سڄي سنڌ هنن جي اثر هيٺ هوندي. سهراب ڳوٺ کان ڪراچي ۾ داخل ٿيو يا گهگهر ڦاٽڪ کان هڪ نظر غور سان ٻنهي پاسي ڏسندا ته تازو ٺهيل قلعا نظر ايندا، جيڪي غير قانوني طور تي روڊ سان لڳو لڳ ٺاهيا ويا آهن. اهي قلعا شهر جي مخلتف علائقن ۾ اڏجن پيا ۽ شايد جلد هر موڙ ۽ هر چونڪ تي اهي اڏجي چڪا هجن. شهر جي مختلف علائقن جي ديوارن تي اڳ ئي اسان لکيل ڏٺو آهي ته هن ديوار جي ويجهو جيڪو به نظر آيو ته گولي هنئي ويندي پر لڳي ٿو ته هاڻي سمورو شهر اهڙين “ خبردارين” سان ڀرجي ويندو. هي ڪراچي آهي ڪو سرحدي علائقو ناهي جنهن ۾ اهڙا قلعا ٺاهيا وڃن. فرض ڪيو ته هتي دهشتگردن پنهنجا مضبوط ٺڪاڻا ٺاهيا آهن ته هنن علائقن ۾ آپريشن ڪلين اپ ٿيڻ گهرجي. هنن نون اڏجندڙ قلعن مان لڳي ٿو ته هي شهرين طرفان کان ڪافي پاسن عرصي تائين کان بڻيل آهي.

هڪ دهشتگردن طرفان، ٻيو قانون لاڳو ڪندڙ محافظن طرفان جن کي اها به خبر ناهي ته هو جن جا محافظ آهن انهن جا قانوني ۽ آئيني حق هنن کان وڌيڪ مضبوط آهن.

هن تياري مان لڳي ٿو ته هي آپريشن وڏي وقت تائين جاري رهندو ۽ بنيادي حق شهرين جا مفلوج رهندا. جنهن جو فائدو وري به انهن کي ملندو جن مان اسين سڀ جان ڇڏائڻ ٿا چاهيون.

ايئن ناهي ته ڪي قانون لاڳو ڪندڙ ادار دهشتگردن جي نشاني تي ناهن پر گذريل چئن مهينن ۾ جيڪي اهلڪار نشانو بڻايا ويا آهن انهن جو تعلق ڪراچي شهر سان گهٽ آهي. 14 فيبروري واري پوليس بس حملي جو ئي مثال وٺو. سڀ جا سڀ سنڌي آهن. جن اهلڪارن کي ٽارگيٽ بڻايو ويو آهي انهن جو تعلق سنڌ جي ٻين علائقن سان آهي يا پنجاب سان هي سڀ اتفاق ناهي. هڪ پلاننگ ٿي ڏسجي جيئن ڪراچي کان ڪشمور تائين سمورو ڪنٽرول بوٽ وارن کي سونپيو وڃي.

جلد ئي طالبان کي اهو ٽاسڪ به ڏنو ويندو ته ڪراچي کان سواءِ سنڌ جي ٻين علائقن ۾ به دهشتگردي جا واقعا ڪيا وڃن ته جيئن اهو جواز بڻائي همراهن کي انهن علائقن جو ڪنٽرول به ڏنو وڃي. ايئن نه ٿئي ته اهڙي صورتحال کي اسان ڏسون پر ڪراچي ۾ لڳل مني مارشل لا انهي جي آڙ ۾ وڌندڙ ڪنٽرول ڪو چڱو سنوڻ ناهي. باقي اسان واري سنڌ حڪومت ته اڳ ئي پنهنجن ڌنڌن ۾ مشغول آهي ۽ ايندڙ چار سال به ايئن ئي رهندي. سو اپڻي گهوٽ ته نشا ٿيوئي… وڌيڪ پاڻ سمجهو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو