Home / اسپيشل افيئر / ڪيجريوال جي استعيفيٰ: هندستاني سياسي جو رخ بدلائي ڇڏيندي؟
above article banner

ڪيجريوال جي استعيفيٰ: هندستاني سياسي جو رخ بدلائي ڇڏيندي؟

ارشاد ڪاغذي

دهلي ۾ لوڪ پال بل پاس ڪرائڻ ۾ ناڪامي کانپوءِ اروند ڪيجريوال جي استعيفيٰ سان گڏ عام آدمي پارٽي جي سرڪار ڊهي پئي. سوال هي آهي ته ان جو ذميوار ڪير آهي؟

ڪيجريوال جو رويو ۽ پاليسي يا سرمائيدار ۽ بدعنوان سياستدانن سان ٽڪر. گذريل ڪجهه ڏينهن کان انهن خلاف داخل ڪيس ايف آءِ آر جنهن جي ڪري هو سيٺين ۽ سرمائيدارن جي اک جو ڪنڊو بڻجي ويو ۽ اهي کيس وڌيڪ برداشت نه ٿي ڪري سگهيا. جن لوڪ پال بل جو معاملو نه به هجي ها ته به ٻيو ڪو به معاملو ۽ سبب پيدا ڪيو وڃي ها ۽ موقعو ۽ مهل ڳولي ڌڪ هنيو وڃي ها!

اروند ڪيجريوال جي پروفيشنل ۽ سماجي ڪيريئر جي جاچ ڪبي ته پروڙ پوندي ته هو تمام اعليٰ منتظم ۽ قابل شخص آهي. اروند ڪيجريوال 6 آگسٽ 1968ع ۾ هريا نه ۾ پيدا ٿيو، مڪينيڪل انجنيئر جي ڊگري سان گڏ قانون جو شاگرد رهيو. انڊين روينيو سروس ۾ جوائنٽ ڪمشنر انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ ڪجهه عرصو سرڪاري آفيسر رهيو. مختلف خانگي ادارن، سماجي ۽ انساني حقن جي تنظيمن ۽ تحريڪن ۾ تمام گهڻو سرگرم رهيو. ايمانداري، جانفشاني، سٺي ساک ۽ خدمتن جي ڪري ڪيترائي ايوارڊ حاصل ڪيائين ۽ ان مان مليل رقم خيراتي ادارن ۾ دان طور ڏنائين.

kajrewall

هن 2011ع ۾ انا هزاري جي اڳواڻي ۾ بدعنواني جي خلاف تحريڪ ۾ عملي طور حصو ورتو. دهلي، ڀارت ۽ سموري جڳ جهان ۾ ان تحريڪ گهڻي مڃتا ماڻي. 2012ع ۾ عام آدمي پارٽي جي نالي سان سياسي پارٽي قائم ڪري سياست جي ميدان ۾ پير پاتو. هو روايتي سياستدانن کان بنهه مختلف ۽ نرالو آهي. تمام سادو سليقي وارو سياسي مدبر آهي. ڊسمبر 2013ع جي رياستي اليڪشن ۾ دهلي جي سمورن تڪن تي اميدوار بيهاري عوام ۾ چونڊ مهم شروع ڪئي، اها مهم به نرالي قسم جي هئي ۽ اليڪشن جا اميدوار به نوان ۽ نوجوان هئا جن پهريون ڀيرو چونڊن ۾ حصو وٺي ڪاميابي حاصل ڪئي. چونڊ مهم ۾ ملڪي ۽ عالمي اشوز بدران مقامي مسئلن کي اوليت ۽ اهميت ڏني وئي. عوام جي اهم مسئلن جهڙوڪ: پاڻي، بجلي، گيس، ڪچين آبادين کي پڪو ڪرڻ ۽ سهولتون ڏيڻ، روزگار، گندگي ۽ بدعنوان سياست جو خاتمو. ايماندار، پاڪ صاف ۽ شفاف سياست ۽ سياسي ۽ چونڊيل عيوضين کي اڳتي اچڻ جو موقعو ۽ پليٽ فارم مهيا ڪيو. عورتن سان ڏاڍائي کي ختم ڪرائڻ جا واعدا ڪيا. روڊ رستا، اسڪول، اسپتالون ۽ ٻين ادارن جي تعمير ۽ ترقي ۽ ايستائين عوام جي سهولت لاءِ ڪاڪوس خانا تعمير ڪرائڻ، محلا ڀاشائون قائم ڪرڻ، مسلمانن، سکن ۽ شيڊول ڪاسٽ ۽ غريب ماڻهن جي ڀلائي ۽ بهتري، سهولت ۽ سکر لاءِ منشور پيش ڪيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جو واعدو ڪيو ويو. دهلي جي عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ عام آدمي پارٽي هڪ لک کان وڌيڪ رضاڪارن جي مدد سان عوام کي سجاڳ، منظم ۽ متحرڪ ڪيو ويو. گهر، گهر چونڊ مهم ۽ چندو گڏ ڪيو ويو. وڏن، جلسن ۽ جلوسن، ريلين ۽ تقريبن جي بدران ماڻهن سان سڌو سنئون رابطو قائم ڪيو.

هندستان جي اليڪشن ۾ وڏين پارٽين ۽ سياستدانن جي جلوسن، جلسن ۽ اليڪشن مهم ۾ ڪروڙين ۽ اربين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا ۽ ايڏي وڏي رقم پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ چئنلن جي حمايت وقت وٺي اشتهار بازي تي خرچ ڪئي ويندي آهي، پر عام آدمي پارٽي ايترو پئسو ڀري نه سگهي تنهن ڪري ميڊيا چينلن ۾ جڳهه حاصل نه ڪري سگهي. هندستان جي ميڊيا ڄاڻي ٻجهي ڪيجريوال ۽ سندس پارٽي کي ايتري اهميت نه ڏني. پر انهن جيڪي رايا، تجزيا، ۽ تبصرا ۽ سروي ڪئي تن ۾ بي جي پي ۽ ڪانگريس جي کٽڻ جي اڳڪٿي ڪئي ۽ عام آدمي پارٽي کي ڪجهه سٽون کٽڻ تائين محدود رکيو ويو، پر جڏهن دهلي جي اليڪشن ۾ عام آدمي پارٽي، بي جي پي جي لڳ ڀڳ سيٽون حاصل ڪيون ته سڀ ششدر رهجي ويا. بي جي پي مڪمل اڪثريت حاصل ڪري نه سگهي ۽ اقتدار ۽ سرڪار ٺاهڻ کان جواب ڏنو ۽ ڪانگريس عام آدمي جي حمايت جو اعلان ڪيو. ڪيترن ماڻهن ۽ ماهرن جو خيال آهي ته ڪانگريس هڪ پلان تحت اهو ڪم ڪيو ته جيئن هن کي دهلي تائين محدود ۽ بند رکيو وڃي ته جيئن آزادي سان هندستان جي ٻين علائقن ڏانهن اليڪشن مهم هلائي نه سگهن.

دهلي جي گورنر، هندستان جي صدر جي اجازت سان اروند ڪيجريوال کي سرڪار ٺاهڻ جي دعوت ڏني. جيڪا هن قبول ڪئي ۽ وڏ وزارت جو قسم ايوان بدران دهلي جي مشهور تاريخي رام ليلا ميدان ۾ کنيو، ان ئي ميدان تي انا هزاري سان گڏجي بدعنواني خلاف تحريڪ ۾ حصو وٺي ڪيجريوال مشهوري ماڻي هئي ۽ اڄ ان ساڳي تاريخي ميدان تي لکين ماڻهن جو سمنڊ موجون هڻي رهيو هو.

اروند ڪيجريوال گهر کان ميٽرول ٽرين ۾ چڙهي عام مسافرن جيان پنڊال ۾ پهتو. دهلي جو ستون چيف منسٽر بنا پروٽوڪول جي سفر ڪري اها هڪ نئين ۽ نرالي ڳالهه هئي ڇو ته هن جو نعرو هو ته “ اسان سڀ عام آدمي آهيون” هن حلف کنيو ۽ عوام کي خطاب ڪندي چيو ته “ منهنجي حلف برداري ڪرشمو ۽ عوام جي فتح آهي، نئين سرڪار عوام هلائيندي، وي آءِ پي ڪلچر ختم ڪيو ويندو. ڪنهن وزير کي ڳاڙهي بتي واري گاڏي ۽ پوليس اسڪواڊ نه ملندو.” هن وڌيڪ چيو ته “ بدعنواني ۽ اقربا پروري جي خلاف ۽ عوام کي سک پهچائڻ جي شروعات آهي. اڃا اڳتي وڌڻو آهي، جيڪڏهن هن شهر جا 3 ڪروڙ ماڻهو متحد ٿيا ته پوءِ بدعنواني جو جلد خاتمو ٿي ويندو. اسان ۽ توهان تبديلي آندي آهي بدعنوان جماعتن ۽ ڪرپٽ سياستدانن کي شڪست ڏئي عام آدمي جي سرڪار قائم ٿي آهي. آءُ ۽ منهنجا ساٿي قسم ۽ وچن ٿا ڪن ته رشوت خوري، بدعنواني ۽ گندي ۽ غليظ سياست جي پاڙ پٽي عوام جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ قدم کنيا ويندا. “ اروند ان موقعي تي عوام کان به قسم کڻايو ۽ وچن ورتو “ اسان وچن ٿا ڪريون ته پاڪ ۽ صاف معاشي ماحول لاءِ ڪرپشن کان پاڪ ٿي دهلي کي بدلائڻو پوندو” 

اروند، وڏ وزارت جي عهدي سنڀالڻ شرط پنهنجي اليڪشن ۾ ڪيل واعدن تي عمل ڪيو. ٽن ڪمرن جي جڳهه ۾ رهائش ڪئي، سرڪاري چيف منسٽر هائوس بدران معمولي فليٽ ۾ رهي عوام لاءِ دروازا کولي ڇڏيا ۽ ڪار ۾ سوار ٿي آفيس اچڻ وڃڻ لڳو. بنا ڪنهن پروٽوڪول جي ماڻهن جي شڪايت ۽ خاص طرح رشوت خوري جي خلاف ٽيليفون هيلپ لائين قائم ڪئي جنهن کيشڪايتون درج ڪرائڻ لاءِ چوويهه ڪلاڪ چالو رکيو ويو. بجلي ۽ گيس جي قيمت ۾ گهٽتائي ڪئي وئي، عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ سبسڊي جو اعلان ڪيو ويو. دهلي جي شهرين کي 667 لٽر پاڻي روزانو مهيا ڪيو ويو. مختلف ادارن ۾ ايماندار آفيسر مقرر ڪيا ويا. تعليمي سڌارن جو اعلان ڪيو ويو. “ بجلي انڌولن” جي متاثرن جا ڪيس ختم ڪيا ويا. 

kajrewall 2

ياد رهي ته 2013ع ۾ بجلي جي اگهن خلاف سول نافرماني جي تحريڪ هلائي وئي هئي جيڪا عام آدمي پارٽي مارچ 2013 کان شروع ڪئي هئي. اڳوڻي سرڪار ماڻهن مٿان ڪيس داخل ڪيا هئا ۽ بجلي جا ڳرا بل ڏنڊ ڏوهه جي صورت ۾ ماڻهن مٿان مڙهيا ويا هئا. عام آدمي پارٽي جي سرڪار اهي سڀ بل ۽ ڪيس معاف ڪري ڇڏيا. 

بي گهر ماڻهن لاءِ خيمن ۽ گرم ڪمبلن جو بندوبست ڪيو ويو. بجلي ۽ گيس ڪمپنين جي آڊٽ ڪئي وئي. عورتن کي حراسا ن ڪرڻ ۽ زوري زنا جي ڪيسن جي روڪٿام لاءِ فورس جوڙي وئي. دهلي ۾ منشيات ۽ زنا ڪاري جي اڏي تي هڪ وزير ڇاپو هنيو ۽ پوليس کي ڏوهارين کي گرفتار کي ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر پوليس اهو چئي جواب ڏنو ته ثبوت نه هجڻ ڪري گرفتار نه ٿو ڪري سگهجي.

جڏهن ته شهرين جي شڪايتن تي وزير موصوف اتي چڙهائي ڪئي هئي. جيئن ته دهلي مرڪز جي ماتحت آهي اتي پوليس به رياستي سرڪار جي ماتحت ڪونهي. دهلي کيUnion Territory ڪوٺيو وڃي ٿو. پوليس جي ان عمل خلاف شهرين، عام آدمي پارٽي ۽ وزيرن زبردست احتجاج ڪيو ۽ ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. وڏي وزير مرڪزي سرڪاري سان ڳالهايو پر ڪجهه نه وريو. اروند ڪيجريوال ڌرڻي واري هنڌ اچي احتجاج ۾ شريڪ ٿيو، پوليس کيس ان هنڌ ڏانهن وڃڻ کان روڪيو ۽ لاٺي چارج ڪري ڪيترائي شهري ۽ پارٽي ڪارڪن زخمي ڪيا. اروند ڌرڻي ۾ هڪ رات گذاري ۽ مرڪزي سرڪار آخر پوليس خلاف ڪارروائي 

ڪئي.

اروند ڪيجريوال جي سرڪار جي ڊهڻ جو مکيه سبب جيڪو پيش ڪيو ٿو وڃي اهو هي آهي ته ريلائنس انڊسٽريز جي چيف مڪيش امباڻي (جيڪو سنڌي آهي) پئٽروليم وزير مولي، اڳوڻو وزير مرلي ۽ ٻين خلاف دهلي جي اينٽي ڪرپشن بيورو FIR داخل ڪئي . سرڪار جي چوڻ مطابق ته گيس ۽ بجلي ڪرپشن جي ڪري اڳوڻي ڪيبينيٽ سيڪريٽري سر مينن، اڳوڻي سينيئر بيوروڪريٽ سارما، مشهور سپريم ڪورٽ جي وڪيل جا سوال ۽ رٽائرڊ نيوي چيف آر ايڇ ٿالاڻي جي شڪايت تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

ڪانگريس ۽ بي جي پي جي وزيرن ۽ اڳواڻن خاص ڪري امباڻي جي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ سان هندستان جي ڪرپٽ سياستدانن ۽ سرمائيدارن ۾ ٿرٿلو مچي ويو ۽ سڀ حرامخور متحد ٿي ويا ۽ نيٺ اهو ڪم ڪيو ويو جنهن جو انديشو هو.

اروند ڪيجريوال کي سڀ ڪجهه معلوم هو ته هي سڀ ڪرپٽ سياستدان گڏ ٿي سندس تختو اونڌو ڪندا پر هن جن لوڪ پال پيش ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ چيو هو ته ڪجهه به ٿي پوي، سرڪار رهي يا نه رهي، جيڪو واعدو ڪيو آهي اهو وفا ضرور ڪندس ۽ بل اسيمبلي ۾ ضرور پيش ڪندس. مون کي روڪيو ويو يا بل پاس نه ٿيو ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندس. ڪانگريس بي جي پي، ليفٽيننٽ گورنر، مرڪزي سرڪار، وڪيلن، سرمائيدارن ۽ ميڊيا طوفان کڙو ڪيو ته مرڪز جي پيشگي اجازت کانسواءِ ڪو به بل دهلي اسيمبلي ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي. پر ڪيجريوال ڪنهن جي به نه ٻڌي ۽ بل اسيمبلي ۾ پيش ڪيو.

“ڪانگريس جي حمايت” کانپوءِ دهلي ۾ جڏهن اروند، ڪيجريوال کي حڪومت ملي ته اهو بلڪل محسوس ڪيو ويو ته هي سڀ ڪنهن منصوبابندي تحت ٿي رهيو آهي، پر عام آدمي پارٽي ۽ ڪيجريوال سرڪار ٺاهڻ لاءِ ذهني طرح تيار هئا ته جيئن سرڪار ٺاهي دهلي جي عوام کي رليف ڏجي جن جو منشور ۾ واعدو ڪيو ويو آهي ۽ 48 ڏينهن جي مختصر عرصي ۾ جيڪي ڪم ڪيا جيڪي مٿي بيان ڪيا ويا آهن. اهي ڪم اڳ ڪڏهن به نه ٿيا هئا. عام آدمي پارٽي تي الزام آهي ته هن مرڪز کان منظوري حاصل ڪو نه ڪئي ۽ پنهنجي مرضي مطابق بل پيش ڪيو جيڪا قانون جي ڀڃڪڙي هئي. پر عام آدمي پارٽي هي دليل ڏئي رهي آهي ته ان جو جواب ڪو به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ته ان جي پيشرو شيلا ڊڪشٽ سرڪار گهٽ ۾ گهٽ 12 مالياتي بل مرڪز جي منظوري کانسواءِ پيش ڪيا هئا. ياد رهي ته جيئن ته دهلي رياست آهي، پر ان جي حيثيت مرڪز جي ماتحت زير اقتدار علائقي جهڙي آهي. ان ڪري اسيمبلي ۾ ڪوئي به بل پيش ڪرڻ کان پهريان پيشگي اجازت وٺڻ لازمي آهي. 

اروند ڪيجريول وڏي دانائي ۽ دانشمندي ۽ جرئت مندي جو مظاهرو ڪندي مرڪز کان پيشگي منظوري نه ورتي ۽ بل ايوان ۾ پيش ڪيو. هن اعلان ڪيو ته بل پاس نه ٿيو ته استعيفيٰ ڏيندس، هڪ دفعو نه پر هزار دفعا استعيفيٰ ڏيندس، اقتدار اچڻو وڃڻو آهي پر جيڪو واعدو ڪيو اهو ضرور وفا ڪندس.

“دهلي جي گورنر، اسيمبلي جي اسپيڪر کي لکي موڪليو ته جن لوڪ پال بل اسيمبلي ۾ پيش نٿو ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته مرڪزي سرڪار کان اجازت ڪو نه ورتي وئي آهي ۽ اسپيڪر سڀني ميمبرن کي اهو حڪم پڙهي ٻڌايو ته بل کي پيش ڪرڻ کان روڪيو ويو.

14 فيبروري تي اسيمبلي ۾ ڪانگريس ۽ بي جي پي ميمبرن نعرا ۽ هوڪارا ڪيا ۽ ڪجريوال کي چيو ته هي عام آدمي پارٽي جو جلسو ۽ ڌرڻو ناهي جو توهان جي مرضي هلي، قانون اجازت نٿو ڏئي. تنهن ڪري هي بل ايوان ۾ پيش نه ٿو ڪري سگهجي. گهڻي منهن ماري کانپوءِ ووٽنگ ڪرائي وئي بل جي حق ۾ 27 ۽ مخالفت ۾ 42 ووٽ پيا. 

عام آدمي پارٽي جي هڪ ميمبر کانسواءِ سمورا ميمبر متحد رهيا جڏهن ته ڪانگريس جنهن عام آدمي جي اخلاقي مدد ڪئي تنهن ٻن مهينن کان به گهٽ عرصي ۾ بيوفائي ڪئي ۽ پنهنجي اصلي روپ ۾ ظاهر ٿي وئي، اها روايتي سياست هندستان جي ڪرپٽ ۽ بدعنوان سياستدانن جي سازش جي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي.

هي حقيقت آهي ته جيڪڏهن اروند ڪيجريوال استعيفيٰ نه به ڏئي ها ته پوءِ به ان ڳالهه جو امڪان هو ته هن جي حڪومت کي وڌيڪ هلڻ نه ڏنو وڃي ها، ڇو ته هن جيڪي قدم کنيا، ڪيس ۽ FIR داخل ڪئي صنعتي ۽ ڪارپوريٽ خاندان جي خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي تنهن ڪري ضروري هو ته ڪيجريوال کي سبق سيکاريو وڃي، هونئن به مڪيش امباڻي بادشاهه گر آهي جيڪو بي جي پي ۽ مودي جو فنانسر آهي. ڪيجريوال جي استعيفيٰ جو ٻڌي ارون جيٽلي خوشي منجهان چيو ته “ هڪ ڀوائتي خواب جو خاتمو ٿيو!” 

ڇا هي خواب ختم ٿي ويو؟ شايد نه! دهلي ۾ عام آدمي پارٽي جي غير متوقو فتح کانپوءِ ملڪ جي عوام جون اميدون اڄ به قائم آهن. غريبن، بي پهچ ۽ پريشان عوام لاءِ عام آدمي پارٽي اڄ به اميد جو ڪرڻو آهي ۽ سرڪار ڊهڻ کانپوءِ اڃا به وڌيڪ ويساهه وڌيو آهي. هينئر وڌيڪ آزادي ۽ سرگرمي سان عام آدمي پارٽي پوري هندستان ۾ ايندڙ لوڪ سڀا جي اليڪشن ۾ ورڪ تيز ڪري ڇڏي آهي، اميدوارن جون اعلان ڪيو ويو آهي، “ٻهارو ڏئي گند صاف ڪرڻ جي تحريڪ” جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اليڪشن مهم زور شور سان هلائي حيران ڪندڙ نتيجي جي نويد ٻڌائڻ لاءِ پر ساهي رهي آهي ان ڪري سرمائيدار، سيٺيا ۽ بدعنوان سياسي اڳواڻ ۽ ڪرپٽ پارٽيون پريشان ٿي ويون آهن. عام آدمي جا ورڪر ۽ هندستان جو عوام هڪ ڀيرو ٻيهر دهلي جيان بي جي پي جي مودي جي پرڌان منتري جي پيش قدمي کي روڪي سگهي ٿو ۽ ڪانگريس کي پٺتي ڇڏي سگهي ٿو. عام آدمي پارٽي 40 کان 50 سيٽون حاصل ڪري ٿي ته “ بادشاهه گر” طور اڀري ايندي. ڪجهه عرصو انتظار ڪيو ته ڇا ٿو ٿئي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو