Home / بلوچستان / گڏيل حڪومت جا اتحادي، ڪڏهن خوش ڪڏهن ناراض
above article banner

گڏيل حڪومت جا اتحادي، ڪڏهن خوش ڪڏهن ناراض

ارشاد مستوئي 

بلوچستان ۾ امن، استحڪام، خوشحالي ۽ گڊ گورننس جون حڪومتي دعوائون هوا ۾ وکري چڪيون آهن. پنهنجي عمر جي اٺين ڏاڪي تي قدم رکندڙ گڏيل حڪومت ۾ شامل اتحادي پارٽين جا وزير مشير، اختيارن ۽ سهولتن جي ڇڪتاڻ ۾ الجهيل نظر اچن ٿا. جڏهن ته نظر انداز ڪيل مسلم ليگي وزيرن ته اجتماعي طور استعيفائون ڏيڻ ۽ حڪومت کان الڳ ٿي آزاد بئنچن تي ويهڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون. ليڪن وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ بلوچستان جو وزيرا عليٰ پنهنجي ساٿين سميت لاهور جي رائيونڊ محل ۽ اسلام آباد جي ياترا ڪئي، جنهن ڪم ڪري ڏيکاريو. صوبائي وزير داخله مير سرفراز بگٽي کي به استعيفيٰ نه ڏيڻ جو بيان ڏيڻو پيو جڏهن ته ٻئي پاسي اجتماعي استعيفائون ڏيڻ لاءِ تيار پارلياماني ليڊر نواب ثناءُ الله زهري جي اچڻ جو انتظار ڪندڙ مسلم ليگي اسيمبلي ميمبرن کي ان وقت وڏو ڌڪ لڳو جڏهن بلوچستان جو وڏو وزير پنهنجي ياترا جي ٻئي مرحلي ۾ اسلام آباد کان سڌو ڪراچي پهتو ۽ اتان زهري هائوس وڃي نواب ثناءُ الله زهري سان ملاقات ڪئي ۽ کيس عمري جي ادائيگي تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي بلوچستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مير عبدالقدوس بزنجو، صوبائي گهرو وزير ۽ مسلم ليگ ن جو اڳواڻ مير سرفراز بگٽي، مسلم ليگ (ن) جا اسيمبلي ميمبر سردار صالح ڀوتاڻي، غلام دستگير باديني به موجود هئا.

ان موقعي تي وزيراعليٰ ، ثناءُ الله زهري سان صوبي جي سياسي صورتحال سميت ٻين مامرن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. حڪومتي حلقن جو چوڻ آهي ته سمورا معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ ڪنهن به قسم جا اختلاف باقي نه آهن ليڪن ڪجهه مسلم ليگين طرفان اڃا به خدشن ۽ تحفظات جو اظهار ڪيو پيو وڃي.

وزيراعليٰ بلوچستان ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ۽ مسلم ليگ ن جي صوبائي صدر نواب ثناءُ الله زهري جي ملاقات کي نيشنل پارٽي جي هڪ اهم عهدايدر مثبت قرار ڏيندي چيو آهي ته برف پگهري چڪي آهي جڏهن ته مخالف ڌر جي اڳواڻ ۽ جعميت علماءِ اسلام جي پارلياماني ليڊر مولانا عبدالواسع جو خيال آهي ته مستقبل ۾ اهو سياسي بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪندو ڇو ته بلوچستان ۾ نيشنل پارٽي ۽ مسلم ليگ جو اتحاد غير فطري آهي. نيشنل پارٽي صوبي جي نمائندگي جي دعويٰ ته ڪري ٿي ليڪن بلوچستان کي درپيش مسئلن جي لاءِ نيشنل پارٽي ڪجهه نه ڪيو آهي، باقي قومپرست هجڻ جي دعويدار ضرور آهي. حڪومت ٺهڻ کي به ذري گهٽ اچي هڪ سال پورو ٿيو آهي ليڪن بلوچستان ۾ ڪي به ترقياتي ڪم نه ٿيا آهن جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ گذريل حڪومت 65 ارب روپين جا ترقياتي ڪم ڪرايا هئا.

images

مولانا عبدالواسع بلوچستان ۾ ڪاشغر ريلوي لائين موٽروي روٽس تي تحفظات جو اظهار ڪري ٿو“ ٻئي طرف حڪومت جي اٺن مهينن جي ڪارڪردگي کي انتهائي مايوس ڪندڙ قرار ڏنو پيو وڃي. ٽارگيٽ ڪلنگ، بم ڌماڪن ۽ پر تشدد واقعن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا گهٽتائي نه آئي آهي. ڊيرابگٽي، خضدار، ڪوهلو، آواران، مشڪي، پنجگور سميت مخلتف علائقن ۾ تشدد جاواقعا لاڳيتو جاري آهن. جنهن تي سنجيده حلقن جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت ۾ شامل اتحادي پاريٽن طرفان بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي جون دعوائون هوا ۾ اڏامي ويون آهن. حڪومت ۾ پڻ شامل اتحادي ڌرين کي عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ سان ڪو سروڪار ناهي. ٻئي طرف سيڪيورٽي خدشن سبب بلوچستان اسيمبلي جي ميمبرن ليويز فورسز ۾ ٽي سئو اهلڪار ڀرتي ڪرائي ڇڏيا جڏهن ته وزيرن لاءِ بليٽ پروف گاڏيون گهرائڻ جو آپشن به ويچار هيٺ آهي. انتهائي ڄاڻو ذريعن موجب بلوچستان جي مخصوص حالتن سبب ڀرتي ڪيل ليويز اهلڪارن جي پگهار 19 هزار مقرر ڪئي وئي آهي. جن کي پگهارون گهرو کاتي ۽ قبائلي مارن واري کاتي طرفان ادا ڪيون وينديون. جڏهن ته حڪومتي ميمبرن کي بليٽ پروف گاڏين مهيا ڪرڻ لاءِ چار رڪني ڪميٽي به ٺاهي وئي آهي. ڪميٽي جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ صوبائي ڪابينه جي اجلاس ۾ بليٽ پروف گاڏين خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني ويندي.

ذريعن چواڻي بليٽ پروف گاڏين ۽ سيڪيورٽي انتظاميه کا اثرائتو بڻائڻ تي تقريبن ڏيڍ ڪروڙ روپيا هڪ اسيمبلي ميمبر تي خرچ ايندو. جيڪا رقم يقيني طور تي بلوچستان جهڙي پوئتي پيل صوبي جي معيشت تي ٻوجهه هوندو. جڏهن ته هن کان اڳ بلوچستان ڪابينه جي اجلاس ۾وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن جي پگهارن ۽ رعايتن ۾ واڌ جي فيصلي کانپوءِ بلوچستان اسيمبلي ۾ اهو بل منظور ڪيو ويو آهي، جنهن کانپوءِ اسيمبلي ميمبرن جون پگهارون 20 مان وڌائي 60 هزار روپيا ڪيون ويون آهن. وزيراعليٰ جي پگهار 35 هزار مان وڌائي هڪ لک، اسپيڪر جي پگهار 37 هزار مان وڌائي هڪ لک ڪئي وئي آهي. جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر جي پگهار 32 هزار ۽ صوبائي وزيرن جي پگهار 30 هزار مان وڌائي 90،90 هزار روپيا ڪئي وئي آهي. سنجيده سياسي حلقن جو چوڻ آهي ته مخلوط صوبائي حڪومت امن امان ۽ لاپتا ما۾ڻهن جي آزاد ي ۽ ناراض بلوچن کي پرچائي قومي ڌارا ۾ آڻڻ جون دعوائون ته ڪيون پر اهڙو ڪجهه نه ٿيو. رهندو کهندو به اتحادي جماعتون پاڻ ۾ الجهيل آهن جنهن ڪري بلوچستان ۾ امن، ترقي ۽ خوشحالي وارو خواب تعنبير ٿيندي نظر نٿو اچي.

ٻئي طرف ڪوهلو جي علائقي ماوند ۾ نامعلوم هٿياربندن بلوچستان جي دلبر شاعر مست توڪلي جي مزار کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. ارڙهين صدي جو توڪل علي مست، بلوچستان جي محبوب شاعر مست توڪل جي نالي سان مشهور آهي. هن جي شاعري مان فطرت جي حسن جي خوشبو اچي ٿي ۽ عشق بي قرار جي تپش سان ڀرپور آهي. ان کانسواءِ ان ۾ ڌرتي تان سرگهورڻ جهڙا جذبات پڻ نظر اچن ٿا. ڪوهلو جي علائقي تمب ۾ واقع مست توڪلي جي مزار کي نامعلوم ماڻهن طرفان باهه ڏيڻ سبب مست توڪلي جي مزار کي اندر توڙي ٻاهر ڪافي نقصان پهتو آهي.

بلوچستان جي علمي، ادبي ۽ سياسي حلقن محبوب شاعر مست توڪلي جي مزار کي باهه ڏيڻ جي واقعي جي سخت نندا ڪئي آهي. انهن جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جا واقعا ڪرائڻ جو مقصد بلوچستان جهڙي امن ۽ محبت جي ڌرتي تي انتهاپسندي کي هو اڏيڻ آهي، جيئن صوبي ۾ وڌيڪ نفرت ۽ ڇڪتاڻ پئدا ٿئي. ساڃاهه وندن حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته ان واقعي ۾ ملوث شرپسندن کي ترت گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي.

سياسي نبض شناس جو چوڻ آهي ته مست توڪلي جي درٻار کي باهه ڏيڻ ڪو معمولي واقعو نه آهي جنهن کي نظر انداز ڪري ڇڏجي بلڪه اهو ايندڙ خطرن کان آگاهه ڪري ٿو، جن جو رستو روڪڻ لاءِ سنجيدگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڇو ته اهو واقعو دراصل بلوچستان ۾ مذهبي متڀيد، تنگ نظري، انتهاپسندي ۽ مذهبي ڪٽرپڻي کي وڌيڪ منظم ڪرڻ جي سازش آهي.

بلوچستان حڪومت طرفان لوڪل گورنمينٽ آرڊيننس جي منظوري جي ڪري اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان مونجهاري جو شڪار آهي. آرڊيننس ۾ موجوده مونجهاري کي دور ڪرڻ ۽ نظرثاني لاءِ اليڪشن ڪميشن بلوچستان حڪومت سان لکت ۾ رابطو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بلوچستان ۾ سياسي بنيادن تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ بلوچستان اسيمبلي مان آڪٽوبر 2013ع ۾ بلدياتي آرڊيننس پاس ٿيو، جنهن هيٺ 7 ڊسمبر تي صوبي ۾ بلدياتي چونڊون ٿيون، تنهن هوندي به تڪڙ ۾ ان ٺهيل بلدياتي آرڊيننس ۾ مونجهارا هئا ان ڪري 30 جنوري 2014 تي هڪ ڀيرو ٻيهر ترميمي آرڊيننس پاس ٿيو، جنهن جي منظوري گورنر بلوچستان 4 فيبروري تي ڏني. تنهن هوندي به ان ۾ به ابهام سبب بلوچستان حڪومت شيڊول ٿري هيٺ مخصوص نشستن تي ڳجهي راءِ شماري ڪرائڻ جي تجويز ڏني. ذريعن ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، شيڊيول ٿري هيٺ خفيه راءِ شماري کان انڪار ڪندي بلوچستان حڪومت کي مونجهارا دور ڪرڻ لاءِ ليٽر لکڻ جو فيصلو ڪيو آهي. مونجهارا دور ٿيڻ جي صورت ۾ ميئر شپ، ڊسٽرڪٽ ڪائونسل چيئرمين ۽ چيئرمين ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ ڳجهي راءِ شماري جا مرحلا شروع ٿيندا. ترميمي آرڊيننس ۾ مونجهاري سبب اليڪشن ڪميشن کي پريشاني پنهنجي جاءِ تي ليڪن بلدياتي چونڊن کي ٻه مهينا گذري وڃڻ کانپوءِ به ٻيا مرحلا طئي نه ٿي سگهڻ جي ڪري بلوچستان ۾ مسئلن جا انبار لڳي ويا آهن ۽ عوام ذهني اذيت ۾ مبتلا آهي.

سنجيده حلقن جو چوڻ آهي ته گڏيل حڪومت ۾ شامل اتحادي ڌرين طرفان “ڪڏهن خوشي ته ڪڏهن غم” جي ريهرسل جيڪڏهن ايئن ئي جاري رهي ته پوءِ بلوچستان ۾ امن، ترقي، ۽ خوشحالي جو خواب تعمير نه ٿي سگهندو. محرومي وڌندي جيڪا ڪنهن وڏي سانحي کي جنم ڏئي سگهي ٿي.

ان ڪري اختيار ڌڻين کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجو موثر عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو