Home / اسپيشل افيئر / ڳالهيون ڪير خراب ڪري رهيو آهي؟
above article banner

ڳالهيون ڪير خراب ڪري رهيو آهي؟

نديم ايف پراچا

نيٺ پاڪستان حڪومت سمجهداري ۽ هوشمندي جو مظاهرو ڪندي ان ڳالهه تي اتفاق ۽ راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي ته تحريڪ طالبان پاڪستان (TTP) جي ڇانو هيٺ گڏيل ٿيل “حقيقي” اسلامي نظام ۽ انصاف مهيا ڪرڻ کي ممڪن بڻائڻ جي هٿياربندجدوجهد ڪندڙ مختلف گروپن سان خلوص ۽ سنجيدگي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي. ان سان گڏوگڏ ڪجهه قوتن مذڪوره ڳالهين جي شروع ٿيڻ کان اڳ ئي انهن کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ۾ تشدد جا واقعا شروع ڪري ڇڏيا آهن.

ان ڳالهه جي اڳڪٿي تحريڪ انصاف جي عمران خان ان وقت ئي ڪري ڇڏي هئي جڏهن ڪجهه ڏينهن اڳ وزيراعظم امن منصوبو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. ان موقعي تي پي ٽي آءِ جي هڪ سينيئر اڳواڻ ڊاڪٽر شيرين مزاري خبردار ڪيو هو ته ڪا “ٽين قوت” هر حال ۾حڪومت ۽ ٽي ٽي پي امن ڳالهين ۾ خلل وجهڻ لاءِ دهشتگرد حملا شروع ڪري ڇڏيندي. هن جو چوڻ هو ته اها ڳالهه کيس ان غيبي آواز ٻڌائي آهي جيڪو کيس پنهنجي مٿي ۾ ٻڌڻ ۾ اچي ٿو ۽ گڏوگڏ ان آواز ان ڳالهه کان به خبردار ڪيو آهي ته ان حوالي سان مان ڪمبل کي ڇڏيان ٿو، پر ڪمبل مون کي نٿو ڇڏي. وارو معاملو به ٿي سگهي ٿو.

هتي اها ڳالهه ياد ڏيارڻ ضروري آهي ته جڏهن وزيراعظم ٽي ٽي پي سان امن ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ ڪئي ته ان جي ڪجهه ئي منٽن کانپوءِ ڪراچي ۾ بم حملي ۾ رينجرز جا ڪيترائي اهلڪار موت جو کاڄ ٿي ويا. جيڪا ڳالهه رپورٽ ۾ نه ٻڌائي وئي اها اِها هئي ته الطاف حسين حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي هئي. ڪراچي ۾ اسان جي نمائندي تصديق ڪئي آهي ته اختيارين اسڪاٽ لينڊ يارڊ ۽ بي بي سي سان رابطو ڪيو آهي ۽ کين الطاف حسين خلاف ايڪشن کڻڻ لاءِ چيو آهي. ان ئي ڏينهن بي بي سي ٻڌايو ته رينجرز خلاف استعمال ڪيل بم الطاف حسين ذاتي طور تيار ڪيو هو ۽ پوءِ اهو ڊاڪٽر فاروق ستار ذريعي اسمگل ڪرايو ويو، جيڪو رينجرز جي گاڏي وٽ فيصل سبزواري نصب ڪيو هو.

اسڪاٽ لينڊ يارڊ، حڪومت کي پڪ ڏياري آهي ته اهي ان معاملي ۾ سنجيدگي سان جاچ جوچ ڪندا. اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته برطانيا جي مشهور مسلم فلاحي اداري حزب التحرير کان به الطاف حسين کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ مدد ورتي وڃي.

لنڊن مان اسان جي نمائندي جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حزب التحرير، بي بي سي سان گڏجي هڪ اهڙي دستاويزي فلم ٺاهيندي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي پاڪستان، عراق، شام ۽ سوڊان ۾ ڪاررواين بابت ٻڌايو ويندو.

وزيراعظم نواز شريف طرفان اعلانيل امن منصوبي جي ٻن ڏينهن کانپوءِ حڪومت ٽي ٽي پي سان ڳالهين لاءِ چئن ميمبرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي ڇڏي.

تحريڪ طالبان پاڪستان ان قدم جي گرمجوشي سان آجيان ڪئي ۽ ان گرمجوشي جي مظاهري ۾ عمران خان کي پنهنجي ڪميٽي جو ميمبر نامزد ڪري ڇڏيو.

عمران خان ان آڇ تي نهايت عاجزي ۽ انڪساري جو مظاهرو ڪندي ٽي پي جا ٿورا مڃيا ته انهن کيس اهڙي اعزاز سان نوازيو جيڪو ڊاڪٽر شيرين مزاري موجب امن نوبل پرائز حاصل ڪرڻ جهڙو اهم ۽ سٺو آهي.

تنهن هوندي به عمران خان پوءِ شائستگي سان پنهنجي مصروف شيڊول جي ڪري ان آڇ کي رد ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ٻارن لاءِ ڊرون مخالف فملون ڏيکارڻ، اڻلڀ ٿيندڙ هاٿين جو بچاءُ ۽ پشاور کي لڳ ڀڳ بند ڏيڻ شامل آهي ته جيئن خيبرپختون خواهه جا پوليو ورڪرز، گهٽ ۾ گهٽ اڌ درجن کن ٻارن کي پوليو ڦڙا پياري سگهن. ان کانسواءِ سندن شيڊول ۾ ٽوئيٺ ڪرڻ به شامل آهي.

خيبرپختون خواهه ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت ويجهڙ ۾ ئي صوبي ۾ ڪيترن ئي پوليو ورڪرز جي قتل جي سلسلي ۾ ملوث ماڻهن بابت ڪجهه ثبوت حاصل ڪري ورتا آهن.تحريڪ انصاف جي هڪ وزير شاهه فرمان مطابق پوليو ورڪرز کي شڪيل آفريدي برگيڊ نالي هڪ تنظيم پاران نشانو بڻايو پيو وڃي.

فرمان ويجهڙ ۾ ئي هن رپورٽر کي ٻڌايو ته عين ممڪن آهي ته ان تنظيم کي ارب پتي ناول نگار سلمان رشدي طرفان افغانستان ۾ نيٽو فورسز جي چرچ تي فنڊ مهيا ڪيا ويندا هجن ته جيئن حڪومت تي شڪيل آفريدي کي آزاد ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌايو وڃي.

آفريدي کي پاڪستاني اختيارين تڏهن گرفتار ڪيو هو جڏهن هن اسامه بن لادن کي ايبٽ آباد ۾ ڳولڻ لاءِ سي آءِ اي جي مدد ڪئي هئي. فرمان جو چوڻ هو ته ان حقيقت جي باوجود اسامه اتي موجود ئي نه هو ۽ هو هاڻي به جيئرو آهي.آفريدي هيئنر به پاڪستانين جي نظر ۾ مجرم آهي.

جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هن وقت اسامه ڪٿي آهي؟ تڏهن فرمان چيو هو ته ڊاڪٽر مزاري ان آواز جو انتظار ڪري رهي آهي جيڪو فقط کيس ئي مٿي ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو آهي، ته جيئن اهو کيس اسامه جي موجودگي واري هنڌ بابت ٻڌائي. هن اهي ڳالهيون ميزبان ماهره خان جي ٽي وي پروگرام “ ٽڪ لائٽر مائينڊ آف لائيف” ۾ ڳالهائيندي ڪيون.

جڏهن عمران خان شائستگي سان ٽي ٽي پي ڪميٽي جو حصو بڻجڻ کان معذرت ڪئي ته ٽي ٽي پي ٻه ٻيا نالا تجويز ڪيا، هڪ انصار عباسي ۽ ٻيو اوريا مقبول جان. عباسي ٽيليويزن جي مشهور شخصيت آهي جنهن کي اڪثر ٽاڪ شوز ۾ قانوني، ڪرپشن، اخلاقي مامري/مامرن تي جن سان سندس ڪو تعلق به نه هجڻ گهرجي، پنهنجي ماهراڻي راءِ ڏيندي ٻڌو ۽ ڏٺو ويندو آهي.

اوريا هڪ سرڪاري ملازم آهي جيڪو اردو جي مشهور ناول نگار نسيم حجازي جا ناول تمام گهڻا پڙهندو آهي. خاص طور تي اهي ناول جن ۾ طاقتور گهوڙن تي سوار قديم فوجي، گهوڙن تي ئي سوار ٻين قديم سپاهين کي قتل ڪندا آهن.

بهرحال تحريڪ طالبان کي پاڪستان نيٺ هڪ ٽه رڪني ڪميٽي تائين محدود رکڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ۾ ڪجهه ڊيڄاريندڙ شڪلين وارا ماڻهو به شامل آهن. ليڪن مذڪوره ٻنهي ڪميٽين جي ملاقات کانپوءِ هڪ ڏينهن اڳ هڪ امام بارگاهه ويجهو آپگهاتي حملو ٿي ويو. جيئن ئي ڳالهين جي مخالفن تحريڪ طالبان کي ان حملي جو ذميوار ڪوٺڻ شروع ڪيو. هڪ ٽي وي چئنل اکين ڏٺن شاهدن جا انٽرويو ورتا، جن اها دعويٰ ڪئي ته انهن اسڪولي يونيفارم پاتل هڪ نوجوان ڇوڪري کي ڌماڪي کان ڪجهه سيڪنڊ اڳ امام بارگاهه ڏانهن ويندي ڏٺو هو. انهن مان ٻن اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته “ هو ملالا وانگر لڳي رهي هئي.”

۽ پوءِ ان ئي ڏينهن ڪراچي ۾ ريلوي ٽريڪ تي ڌماڪو ٿي ويو، جنهن سان لاهور ويندڙ هڪ ٽرين پٽڙي تان لهي وئي. هتي به اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ هو ته انهن ڌماڪي کان ڪجهه منٽ اڳ ۾ اسڪول يونيفارم پاتل هڪ نوجوان ڇوڪريءَ کي ٽريڪ تي هلندي ڏٺو.

جماعت اسلامي جي هڪ اڳواڻ ڪجهه رپورٽرن کي ٻڌايو ته پردي پٺيان لڪل هڪ دهشتگرد تنظيم، ملاله تعليمي فنڊ نه رڳو انهن ٻن حملن جي رٿابندي ڪئي بلڪه اهي سرانجام به ڏنا. هن جو چوڻ هو ته حڪومت اها ڳالهه ڄاڻي ٿي ليڪن ان کي رڳو ان ڪري ڳجهو رکيو پيو وڃي جو اها گڏيل قومن کي ناراض نٿي ڪرڻ چاهي.

جڏهن ڪجهه رپورٽرن ان حوالي سان گهرو وزير چوڌري نثار کان پڇيو ته هن سندس چوڻ هو ته هو ان معاملي تي في الحال ڪو به تبصرو نٿو ڪري سگهي، تنهن هوندي به هن ٻڌايو ته حڪومت ٻن امڪانن جو جائزو وٺي رهي آهي. جنهن ۾ بنگلاديش جي ڳجهي اداري جو ملوث هجڻ به شامل آهي.

جڏهن رپورٽر ٽي ٽي پي جي اهڙن حملن ۾ ملوث هجڻ جي حوالي سان سوال ڪيا ته نثار صاحب جو چوڻ هو ته “مهرباني ڪري ايترو جلدي نتيجا نه ڪڍو پاڪستاني عوام ۽ معيشت هينئر تائين ان سڪتي مان ٻاهر نه اچي سگهيا آهن جيڪي کين بنگلاديشي حڪومت طرفان عبدالقادر ملان کي ڦاسي چاڙهڻ سبب پهتو”

خوفناڪ دهشتگرد حملن جي ٻن ڏينهن کانپوءِ مبصرن حڪومت جي اندروني ذريعن ۽ ڊاڪٽر مزاري جي مٿي ۾ ٻڌندجندڙ آواز ان ڳالهه تي متفق ٿيا ته انهن ڌماڪن ۾ ملاله جو هٿ آهي.

حقيقت ۾ حڪومت جا اندروني ذريعا ۽ هڪ ٽي وي اينڪر چون ٿا ته هاڻي کين ان ڳالهه جو يقين ٿي ويو آهي ته پاڪستان ۾ 2002 ۾ ٿيندڙ حملن ۾ 90 سيڪڙو جي پٺيان ملاله جو هٿ آهي.

ٽي وي جي هڪ مشهور شخصيت جي دعويٰ آهي ته “ هن ڳالهه جو سراغ ۽ شاهديون هن ڪتاب ۾ موجود آهن. هوءَ بل گيٽس ۽ بان ڪي مون سان گڏ ڪم ڪري رهي آهي. ٿي سگهي ٿو ته هن سان گڏ مصباح الحق به هجي، جنهن ويجهڙ ۾ ئي دبئي اندر ملاله سان گڏ چانهه پيتي هئي.”هن اهو به چيو ته اسڪاٽ لينڊ يارڊ کي يقيني طور تي ان جي جاچ ڪرڻ گهرجي.

چيو پيو وڃي ته لبرل مبصر ڊاڪٽر پرويز هودٻائي حڪومت کي خاموشي سان درخواست ڪئي آهي ته ملاله سان ڳالهيون ڪيون وڃن. هو دٻائي جو چوڻ آهي ته هو ساڻس ڳالهيون ڪرڻ لاءِ تيار آهن. حڪومت کيس پڪ ڏياري آهي ته اها ان مامري تي غور ڪندي ۽ اهو به چيو وڃي ٿو ته هن ملاله جي ٻن اهم نقادن سان پڻ رابطو ڪيو آهي ته جيئن کين ان ڪميٽي جو حصو بڻائي سگهجي جيڪا حڪومت ملالا سان ڳالهه ٻولهه لاءِ قائم ڪرڻ چاهي ٿي. تنهن هوندي به انهن ٻنهي همراهن انڪار ڪري ڇڏيو آهي بلڪه انهن وزيراعظم تي زور ڀريو آهي ته هو فوجي جهازن وسيلي سوات ۾ ڇوڪرين جي اسڪولن تي بمباري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري.

اهو ئي سبب آهي جو حڪومت “ملالا فيڪٽر” کي ڳجهو رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ليڪن اهي جن کي اندروني معاملن جي خبر آهي انهن کي انهي ڳالهه جي پڪ آهي ته حڪومت لاءِ انتهائي ضروري آهي ته اها ان خلاف ڪارروائي ڪري ۽ کيس پاڪستان ۾ حملا ڪرڻ کان روڪي ته جيئن حڪومت ۽ ٽي ٽي پي ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهن.

ملالا هينئر تائين منهنجي ڪنهن فون ڪال جو جواب ڏيڻ کان ڪترائي رهي آهي. ڪجهه ماڻهن جو چوڻ آهي ته هوءَ پنهنجي اڳين چال جي پلاننگ ڪري رهي آهي ۽ هن ڀيري ان ۾ ٻه ڊرونرز به شامل هوندا. ڇاڪاڻ جو آمريڪن گهٽ ۾ گهٽ ٻن ڊرونز جو ڪنٽرول سندس هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو آهي، جن جا ڪوڊ نالا آهن ڪامران اڪمل ۽ عمر اڪمل.

پشاور جي هڪ ڳوٺڙي ۾ هڪ اکين ڏٺي شاهد اسان جي رپورٽر کي ٻڌايو ته هن اسڪول يونيفارم پاتل هڪ ڇوڪري کي هڪ ميزائل پنهنجي اسڪول جي ٿيلهي ۾ وجهندي ڏٺو. جڏهن هن ٻارڙي کان پڇيو ويو ته هوءَ اسڪول بيگ ۾ ڇا کڻي وڃي رهي آهي. تڌهن هن ٻڌايو ته ان ۾ ٽافيون ۽ چوسڻ واريون مٺيون گوليون آهن ۽ پوءِ خوشي وچان اسرائيلي ترانو ڳائيندي اتان رفو چڪر ٿي وئي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو