Home / ڪور افيئر / اتر کان ايندڙ ڌارين جي نئين لوڌ کي ڪير روڪيندو؟
above article banner

اتر کان ايندڙ ڌارين جي نئين لوڌ کي ڪير روڪيندو؟

نصير ميمڻ

حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ قبائلي علائقن ۾ بمباري شروع ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ اتر وزيرستان جي مختلف علائقن مان لڏ پلاڻ شروع ٿي وئي آهي. جنرل ضياءَ الحق جي مارشلا دور ۾ حيدرآباد جي جمعا بازار گرائونڊ ۾ کنڊ جي ٻن واپارين ڪالي خان ۽ انور خان کي ڦٽڪا هنيا ويا. جڏهن پهرين ڪالي خان کي ڦٽڪا لڳي رهيا هئا ته ان کي ڦٽڪا لڳندي ڏسي ٻي ٽڪٽڪيءَ تي چڙهيل انور خان ڊپ ۾ بيهوش ٿي ويو هو. بلڪل ساڳي طرح اتر وزيرستان ۾ آپريشن لاءِ ٿيندڙ بمباري کي ڏسي سنڌ واسي ڊپ ۾ بيهوش ٿي رهيا آهن، ڇو ته انهن علائقن مان لڏپلاڻ ٿيڻ جي صورت ۾ وڏي انگ ۾ عام ماڻهو توڙي دهشتگرد ٽولا اتان نڪري سنڌ اچي سگهن ٿا.

گڏيل قومن جي هڪ اداري جي ڪاٿي موجب آپريشن شروع ٿيڻ جي صورت ۾ 60 هزار ڪٽنب بي گهر ٿي سگهن ٿا. ماضي جو تجربو ٻڌائي ٿو ته فاٽا جي قبائلي علائقن مان لڏ پلاڻ ڪندڙ اڪثر ماڻهو سڀ منزلون، اڪري سنڌ ۾ اچي ساهه پٽيندا آهن. 2009ع واري سوات آپريشن جي نتيجي ۾ جڏهن لکين ماڻهو بي گهر ٿيا ته انهن جو هڪ وڏو انگ ڪراچي پهتو. اڄ ڪلهه ڪراچي ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ان عرصي دوران لڏي آيل ماڻهو ملوث آهن. ان وقت به سنڌ واسين دانهون ڪيون پئي ته ڌارين جي سنڌ ڏانهن ان يلغار کي روڪيو وڃي.

Picture6

سنڌ ڏانهن ڌاري آبادڪاري جي تاريخ پاڪستان ٺهڻ کان به پراڻي آهي. سنڌ ۾ بئراجن تي نيون زمينون آباد ٿيڻ سان اهي ڌارين کي الاٽ ڪيون ويون ۽ اهڙي طرح وڏي پيماني تي پنجاب مان ماڻهن جي سنڌ ڏانهن لڏپلاڻ ٿي. سنڌ تي اصل يلغار ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت ٿي. جڏهن لکن جي ڳاڻيٽي ۾ ماڻهو سنڌ پهتا ۽ ساڳي وقت لکن جي انگ ۾ سنڌي هندو، سنڌ مان لڏي ويا. ورهاڱي وقت ڪراچي جي آبادي اٽڪل ساڍا چار لک هئي، جنهن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙ 61 سيڪڙو ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادي ڇهه سيڪڙو هئي. 1951ع جي آدمشماري جي وقت اردو ڳالهائيندڙ آبادي 50 سيڪڙو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ 8.6 سيڪڙو هئا. مئي 1998ع تائين سنڌ ۾ ست لک پناهگير پهچي چڪا هئا. جڏهن ته پنجاب ۾ لڳ ڀڳ ٽي لک ماڻهو ڪميپن ۾ موجود هئا. انهن مان اڍائي لک کن ماڻهو کلئي آسمان هيٺ ويٺل هئا. مرڪزي حڪومت انهن مان هڪ لک ماڻهو سنڌ منتقل ڪرڻ ٿي گهريا. ايوب کهڙي، سنڌ جي وڏي وزير طور اعتراض واريو ته هاڻي سنڌ وڌيڪ پناهگيرن جو بار نه ٿي کڻي سگهي. ايوب کهڙي ڪراچي الڳ ڪرڻ جي مخالفت ۽ وڌيڪ مهاجر سنڌ ۾ منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي قائداعظم جي ناراضگي کنئي ۽ وڏ وزارت وڃائي. تڏهن کان وٺي سنڌ جي حڪمرانن جي ذهن ۾ شايد اها ڳالهه ويهي وئي آهي ته سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري جي مخالفت نه ڪرڻ گهرجي ڇو ته ان ڏوهه ۾ حڪومت وڃي سگهي ٿي. شايد اهو ئي ڪارڻ آهي جو 2009ع ۾ پيپلز پارٽي حڪومت سوات مان ايندڙن جي آجيان لاءِ ايڏي ته اڳري هئي جو انهن خلاف هڙتال جو سڏ ڏيندڙ قومپرستن تي سخت ناراض پڻ ٿي پئي هئي.

ٻاهرين صوبن مان ايندڙن جي حق جي وڪالت ڪندڙ آئين جي آرٽيڪل 15 ۽ 23 جا حوالا ڏجن ٿا. پهرين اچو ته پڙهون ته آئين جي انهن آرٽيڪلز ۾ ڇا چيل آهي:

Article 15 = Freedom of movement: Every citizen shall have the right to remain in, and subject to any reasonable restriction imposed by law in the public interest, enter and move freely throughout Pakistan and to reside and settle in any part there of.

Article 23: Provision as to property: every citizen shall have the right to acquire , hold and dispose of property in any part of Pakistan, subject to the constitution and any reasonable restriction imposed by law in public interest.

انهن ٻنهي آرٽيڪلز ۾ ملڪ اندر هر شهري کي چرپر، رهائش ۽ ملڪيت وٺڻ/رکڻ جو حق ڏنو ويو آهي. اڪثر ڪري سنڌ ۾ ڌاري آبادڪاري خلاف سنڌين جي احتجاج تي انهن آرٽيڪلز جو حوالو ڏنو ويندو آهي. آئين جي ٻنهي آرٽيڪلز ۾ البته هڪ ڳالهه واضح طور چيل آهي ۽ اها آهي “any reasonable restriction imposed by law in public interest”يعني عوامي مفادن وٽان ڪنهن به لڳايل مناسب پابندي سان انهن حقن کي مشروط ڪيو ويو آهي. ان ئي شرط هيٺ صوبائي حڪومتون خاص وقتن تي مذهبي ۽ فرقيوار مولوين جي صوبي يا ضلعي اندر اچ وڃ تي بندش وجهنديون آهن يا قلم 144 لاڳو ڪري جلسن جلوسن، تقريرن يا موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي بندش لاڳو ڪنديون آهن. 

هاڻي سوال اهو آهي ته عوامي مفاد ڪهڙي بلا جو نالو آهي. ڇا پنهنجي ڌرتي تي اصلوڪن رهواسين کي ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ جي انديشي خاطر ڌاري آبادڪاري روڪڻ عوامي مفاد جي دائري ۾ نه ٿو اچي؟ 1998ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ اندر سنڌي ڳالهائيندڙ 60 سيڪڙو، يعني ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ جي ڪنڌي تي پهتل آهن. هن حالت ۾ جڏهن هزارن جي انگ ۾ هندو لڏپلاڻ ڪري سنڌ ڇڏي رهيا هجن ۽ مٿان وري ٻين علائقن مان ڪٽڪ اچڻ لڳن ته پوءِ سنڌ واسين جو پنهنجي ڌرتي تي ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ جو انديشو سڀ کان اهم عوامي مفاد بڻجي وڃي ٿو. ساڳي طرح ان لڏپلاڻ ۾ رڳو آپريشن سٽيل غريب ۽ لاچار ماڻهو ئي نه ايندا پر انهن جي آڙ ۾ اهي سکيا ورتل دهشتگرد به آپريشن کان بچڻ لاءِ سنڌ جو منهن ڪندا جتي سندن محفوظ پناهه گاهون بڻجي چڪيون آهن. انهن دهشتگرد ٽولن جو پکڙجندڙ نيٽ ورڪ عام ماڻهن جي زندگي ۽ سڄي صوبي ۾ امن لاءِ خطرو پڻ آهي، تنهن ڪري انهن کي روڪڻ ٺيڪ عوامي مفاد وٽان هوندو ۽ ان ڪري بنهه آئيني به هوندو.

ڪجهه ٻيا همراهه وري اتي انسانيت ۽ مذهب کي وچ ۾ کڻي اچن ٿا. ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اهو انساني مسئلو آهي پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته فاٽا کان سنڌ ايندڙ همراهه گهٽ ۾ گهٽ ٻه هزار ميل سفر ڪري سنڌ اچن ٿا. ان وچ ۾ سندن پنهنجو صوبو پختون خواهه ۽ ملڪ جو وڏو صوبو پنجاب به اچن ٿا. انهن ٻنهي ۾ ڪروڙين پاڪستاني رهن ٿا ۽ اصولي طور انسانيت جي ناتي کين ئي سندن ميزبان ٿيڻ گهرجي. انهن صوبن ۾ رهندڙ به مسلمان ۽ پاڪستاني آهن. وٽن به ساڳيو مسلماني ۽ انساني جذبو هجڻ گهرجي. 

اصولي طور ڏٺو وڃي ته اهو آپريشن وفاقي حڪومت پاران ٿي رهيو آهي، تنهن ڪري ان آپريشن سبب لڏيندڙن کي باعزت طريقي سان هڪ ملڪي شهري جي حيثيت ۾ ويجهن علائقن ۾ ڪيمپون قائم ڪري رهائڻ گهرجي. ان قسم جي جنگي حالتن ۾ بي گهر ٿيندڙن جي واهر لاءِ ته گڏيل قومن جو انساني واهر وارو ادارو به مدد ڪندو آهي. ويجهن علائقن ۾ رهائش سان آپريشن سٽيلن لاءِ حالتون ٺيڪ ٿيڻ بعد پنهنجي ماڳن ڏانهن ورڻ به سولو ٿيندو. سندن واهر لاءِ سنڌ حڪومت جيڪڏهن ڪا مالي مدد ڪرڻ گهرندي ته ان کي سنڌ واسي انساني جذبي هيٺ ضرور موٽ ڏيندا. باقي انسانيت ۽ اسلام جي نالي ۾ لکين ماڻهن کي سنڌ ۾ آڻي ترسائڻ يا پکڙجي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو ڪو به جواز ناهي.

سنڌ سرڪار انهن متاثرن لاءِ فنگر پرنٽس ڪميپن جا جيڪي فيصلا ڪري رهي آهي، اهي بنهه ناڪاره ثابت ٿيندا. سنڌ سرڪار جي ڪرپٽ ۽ مڏي انتظامي مشينري ۾ ايتري اهليت ئي ناهي جو ان انساني ٻوڏ کي سنڀالي سگهن ۽ وري سندن گهرن ڏانهن واپس اماڻي سگهن.

صوبائي حڪومت وڏو ڇيهه ڪندي ته به ٻن هاءِ ويز تي چيڪ پوسٽون قائم ڪري سگهندي. جتي ايڪڙ ٻيڪڙ گاڏيون يا ماڻهو چيڪ ٿيندا پر ظاهر آهي ته هاءِ ويز تان روزانو سنڌ داخل ٿيندڙ هزارين گاڏين کي چيڪ ڪرڻ شايد ممڪن نه هجي. ساڳي وقت ماڻهن جي آمد جي ٽن ٻين اهم وسيلن يعني ريلوي، هوائي جهاز ۽ سامونڊي ٻيڙن وسيلي ماڻهن جي اچ وڃ تي ڪا به سختي ناهي. 

تنهن ڪري نه ٿو لڳي ته سنڌ حڪومت قبائلي علائقن مان ايندڙ ماڻهن جي نئين لوڌ ۽ دهشتگرد ٽولن جي سنڌ آمد کي منهن ڏئي سگهي. جيتوڻيڪ طالبان پاران جنگ بندي جو اعلان ڪيو ويو آهي. پر ماضي جي تجربي مان اندازو ٿئي ٿو ته اها جنگ بندي گهڻو وقت جٽاءَ نه ڪري سگهندي ۽ سنڌ ڏانهن ڌارين جي اها نئين لوڌ ضرور منهن ڪندي. سنڌ واسين کي گهرجي ته اهي سرڪار جي آسري تي رهڻ بجاءِ پنهنجي حقن ۽ وجود جي حفاظت لاءِ پاڻ اڳڀرائي ڪن. سياسي تنظيمون ضلعي سطح تي ڪارڪنن جون ڪيمٽيون ٺاهي ٻاهران ايندڙن کي سندن علائقن ۾ اچڻ ۽ ترسڻ کان روڪين. سرڪار پاران ٻاهران ايندڙن کي ڪيمپن ۾ رکڻ جو اعلان خطري جي گهنٽي آهي. ڪيمپون لڳائڻ جو اعلان ڌارين جي لوڌ کي دعوت ڏئي گهرائڻ آهي.

سنڌ سرڪار کي چٽن لفظن ۾ چوڻ گهرجي ته وفاقي حڪومت پاڻ اسلام آباد ۾ ڪيمپون لڳائي کين آباد ڪري ۽ سمورا صوبا انسانيت جي نالي سندن واهر ۾ هٿ ونڊرائن، باقي هڪ ڀيرو هزارين ماڻهو سنڌ پهتا ته سندن واپسي تقريبن ناممڪن بڻجي ويندي.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو