Home / سياسي افيئر / آدم ڳڻپ نه ٿيڻ جو نقصان سنڌ کي ٿيندو
above article banner

آدم ڳڻپ نه ٿيڻ جو نقصان سنڌ کي ٿيندو

nas ma

ملڪ جي ڇهين آدمشماري هڪ ڀيرو ٻيهر رولڙي جو شڪار ٿي وئي آهي، 1998ع ۾ پاڪستان جي پنجين آدمشماري ڪئي وئي هئي. ان کان اڳ 1981ع ۾ چوٿين آدم ڳڻپ ڪئي وئي هئي. ان حساب سان گذريل 32 سالن اندر پاڪستان ۾ رڳو هڪ آدم ڳڻپ ڪئي وئي آهي. جڏهن ته بين الاقوامي ضابطن موجب هر ڏهن سالن ۾ آدم ڳڻپ ڪرائڻ لازمي آهي. پاڪستان جي پسمنظر ۾ آدمشماري جي اهميت هيٺين حوالن سان سمجهي سگهجي ٿي.

ورڇ جوڳي ناڻي جو 82 سيڪڙو آدمشماري آڌار ورهايو ويندو آهي. آدمشماري جا تازا انگ اکر نه هجڻ سبب وسيلن جي ورهاست 16 سال پراڻي 1998ع واري آدم ڳڻپ مطابق ڪئي پئي وڃي، ان عرصي دوران صوبن اندر آبادي جي وڏي پيماني تي چرپر ٿي آهي، جنهن کي وسيلن جي ورهاست ۾ شامل نه ٿو ڪيو وڃي. مثال طور خيبرپختونخواهه صوبي اندر لڳاتار حالتون خراب هجڻ سبب وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ ٿي آهي ۽ ان جو هڪ وڏو حصو سنڌ پهتو آهي. ان واڌو آبادي جو سنڌ جي وسيلن تي بار پئجي رهيو آهي. پر سنڌ کي ورڇ جوڳي ناڻي مان ڪو به واڌو حصو نه ٿو ملي.

قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ نمائندگي جو به آبادي سان ڳانڍاپو هوندو آهي. آبادي جا صحيح انگ اکر نه هجڻ سبب اسيملبين جون سيٽون به ان حساب سان نه ٿيون مقرر ٿين.

مڪاني ادارن لاءِ تڪ بنديون آبادي جا صحيح انگ اکر نه هجڻ سبب نه پيون ٿي سگهن ۽ ان ڪري مڪاني ادارن جون چونڊون رولڙي جو شڪار ٿي ويون آهن.

ترقياتي رٿا بندي جو سمورو عمل درحقيقت آدمشماري جي آڌار تي ٿيندو آهي. بدقسمتي سان ڪافي سالن کان ترقياتي رٿائون ڪنهن رٿابندي آڌار نه ٿيون عمل هيٺ آنديون وڃن، تنهن هوندي به آبادي جي صحيح ڄاڻ سان ترقياتي رٿابندي بابت عقلي بنيادن تي بحث مباحثو ڪري صوبن اندر ترقياتي رٿائن بابت عوامي راءِ جوڙي سگهجي ٿي.

24

آدمشماري جي عمل دوران مختلف نوعيت جي ڄاڻ وسيلي مختلف علائقن ۾ عوامي مسئلن جي صحيح نشاندهي ڪري سگهجي ٿي ان عمل سان غربت، سهولتن جي اڻهوند/ اڻاٺ ۽ انفرا اسٽرڪچر جي ضرورت، مختلف شعبن ۽ انساني وسيلن جي گهرج وغيره جو به تعين ڪري سگهجي ٿو. اها ڄاڻ اڳتي هلي مڪاني ادارن جي هيٺين سطح تي سهولتن جي رٿابندي لاءِ ڪارائتي ثابت ٿي سگهي ٿي.

ان پسمنظر ۾ ڏسجي ته آدمشماري جو نه ٿيڻ ڪنهن ملڪ لاءِ هر لحاظ کان هاڃيڪار آهي. اخباري خبرن موجب تازو جڏهن شماريات واري کاتي طرفان آدمشماري کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي ميٽنگ لاءِ ايجنڊا تي وزيراعظم کي سندس پارٽي جي سياڻن صلاح ڏني ته ان معاملي کي بحث هيٺ نه آڻڻ ۾ ڀلائي آهي. کيس چيو ويو ته آدم ڳڻپ جي نتيجن سان سياسي ۽ لساني تڪرار ڪر کڻي سگهن ٿا. ان ڏس ۾ کيس بلوچستان اندر بلوچ، پٺاڻ، پختون خواهه ۾ هزاره، پٺاڻ ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ سرائيڪي، پنجابي تڪرار جو ڀئو ڏنو ويو. چيو وڃي ٿو ته ٻين سياسي پارٽين به ساڳين انديشن آڌار آدمشماري واري معاملي تي ماٺ ڀلي ڄاتي ۽ ان معاملي تي بحث جي ڪا گهر نه ڪئي.

ماضي جي آدمشماري جي انگن تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته درحقيقت ملڪي آبادي ۾ پنجاب جو سيڪڙو هر ڀيري اڳي کان گهٽجندو آهي. ان جي ابتڙ سنڌ جو ملڪي آبادي ۾ حصو هر ڀيري اڳي کان وڌندو آهي. ماضي جي آدمشماري جي انگن اکرن جو اهو وچور جدول نمبر 1 ۾ ڏنل آهي.

جدول نمبر ؛ 1 آدمشماري ۾ سنڌ ۽ پنجاب جو حصو (سيڪڙي ۾)

آبادي ۾ تبديلي جي ان روش کي هيٺين حقيقتن جي روشني ۾ سمجهي سگهجي ٿو.

پنجاب ۾ ويجهن ڏهاڪن اندر وچولو سرمائيدار ۽ ڪاروباري طبقو تيزي سان اسريو آهي. ان طبقي اندر ٻاهرين علائقن ۾ وڃي ڪاروبار ڪرڻ سندن معاشي سرگرمين جو لازمي حصو آهي، تنهن ڪري پنجاب مان ٻاهر وڃڻ جو رواج وڌيڪ آهي. رياستي ڍانچي جي سرپرستي ۽ واهر سبب پنجاب جي رهواسين کي ملڪ جي ٻين صوبن ۾ روزگار، زمينداري، نوڪرين وغيره ۾ وڌيڪ موقعا حاصل ٿيا، جنهن ڪري صوبي جي آبادي ٻين صوبن توڙي پرڏيهه ڏانهن ويندي رهي ٿي.

اسرندڙ سرمائيداريت ۽ واپار ڪندڙ وچولي طبقي پنجاب اندر تعليم کي پڻ عام ڪيو آهي، جنهن ڪري عورتن ۾ به تعليم ۽ ملازمتون ڪرڻ جو رواج وڌيڪ آهي. ان ڪارڻ عام طور تي ڪٽنب کي ننڍو رکڻ جو رويو وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. اهو ساڳيو رويو سنڌ جي شهرن ۾ به نظر اچي ٿو ۽ نوڪرين ۾ رڌل وچولي طبقي ۽ خاص طور تي عورتن ۾ آبادي جي فطري واڌ پڻ گهٽ آهي.

پنجاب ۾ آبادي جي گهاٽائي (Population Density ) يعني في چورس ڪلو ميٽر ايراضي ۾ رهندڙ آبادي باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آهي. 1998ع جي آدمشماري جي انگن موجب پنجاب جي في چورس ڪلو ميٽر تي 359 انسان آباد هئا. جڏهن ته سنڌ ۾ اهو انگ 216، پختون خواهه ۾ 238 ۽ بلوچستان ۾ رڳو 19 هو. آبادي جو اهو دٻاءُ وسيلن تي به دٻاءُ وجهي ٿو. ان صورتحال ۾ ماڻهن ۾ ٻين علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ جو رويو وڌيڪ هوندو آهي، ان صورتحال سبب پنجاب مان آبادي ٻين صوبن خاص طور سنڌ ڏانهن لڏ پلاڻ ڪندي رهي آهي، نتيجي ۾ هر ڀيري پنجاب جي آبادي جو سيڪڙو گهٽبو رهي ٿو.

سنڌ زرخير زرعي زمينن ۽ ڪراچي ۾ روزگار جي انيڪ وسيلن سبب انساني آبادي کي ڇڪيندي رهي ٿي. ان سبب سنڌ اندر آبادي ۾ غير فطري واڌ جي رفتار پڻ وڌيڪ رهي ٿي. سنڌ ۾ 30 کان 90 لک غير قانوني پرڏيهين جي آبادي جو ذڪر اسيمبلي جي فلور تي به ٿيندو رهيو آهي.

سنڌ جي آبادي جي گهڻائي ٻهراڙين ۾ رهي ٿي، هڪ تعليم جي اڻاٺ، ڄم روڪ جي سهولتن جي اڻهوند ۽ هڪ ٻه ڏهاڪا اڳ تائين زرعي معيشت جي سگهاري هجڻ سبب عام طور تي ڪٽنبن ۾ گهڻا ڀاتي هجڻ جي روايت سنڌ ۾ وڌيڪ سگهاري رهي آهي. پنجاب ۾ في عورت ٻارن جي شرح 3.8 سيڪڙو ۽ سنڌ ۾ 3.9 سيڪڙو آهي. ساڳي ريت سنڌ اندر عورتن ۾ ڄم روڪ جي جديد طريقن جو استعمال 25 سيڪڙو ۽ پنجاب ۾ 29 سيڪڙو آهي. اهي انگ ثابت ڪن ٿا ته سنڌ ۾ ڄم ۽ آبادي جي فطري واڌ جي شرح وڌيڪ آهي. ان سبب سنڌ ۾ آبادي جي واڌ جي شرح پنجاب کان وڌيڪ آهي.

ان پسمنظر ۾ اهو نتيجو واضح طور تي ڪڍي سگهجي ٿو ته نئين آدمشماري ۾ پنجاب کي نقصان ٿيندو. 2012ع ۾ آدم ڳڻپ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر گهر- ڳڻپ جي نتيجن کي ڏسندي وس وارن آدم ڳڻپ وارو ٻيو مرحلو شروع ٿيڻ ئي نه ڏنو، گهر ڳڻپ جي انگن کي سرڪاري طور تي پڌرو نه ڪيو ويو پر روزاني دي نيوز 31 مارچ 2012ع تي اهي انگ غير سرڪاري طور پڌرا ڪيا. انهن انگن موجب پنجاب جي آبادي جو ملڪي آبادي ۾ حصو 1998ع جي 55.7 سيڪڙي کان گهٽجي 47.3 سيڪڙو ٿي ويو هو. جڏهن ته سنڌ جو حصو 1998ع جي 23 سيڪڙي مان وڌي 28.3 سيڪڙو ٿي ويو آهي.

ملڪي آبادي ۾ حصو گهٽجڻ پنجاب کي سياسي طور بنهه قبول نه آهي. جڏهن پاڪستان ٺهيو ته اوڀر بنگال جي آبادي ملڪي آبادي جو 55.5 سيڪڙو هئي. جڏهن ته پنجاب جو حصو رڳو 27.2 سيڪڙو هو. ان صورتحال ۾ فوجي توڙي سولين نوڪرين ۽ ترقياتي وسيلن ۾ پنجاب جي ناجائز قبضي خلاف بنگالي لڳاتار متحرڪ رهيا. ان وقت پنجاب چالاڪي جو مظاهرو ڪندي Parity يعني برابري وارو اصول لاڳو ڪرڻ لاءِ جبري طور ون يونٽ ٺهرايو. ان انتظام هيٺ اولهه پاڪستان قائم ڪري چئني صوبن، خيرپور ۽ بهالپور رياستن کي هڪ زون بڻائي ان جو هيڊڪوارٽر لاهور ۾ رکي پنجاب، اولهه پاڪستان تي عملي طور والار ڪري ورتي.

جڏهن 1971ع ۾ بنگال الڳ ملڪ بڻجي ويو ته پنجاب برابري واري اصول تان هٿ کڻي ويو ۽ ناڻي جي ورڇ توڙي نوڪرين ۾ ڀائيواري کي آدمشماري جي بنياد تي ڪرائي ڇڏيو. 1972ع جي آدم ڳڻپ موجب ملڪي آبادي ۾ پنجاب جو حصو 57.6 سيڪڙو ٿي چڪو هو. ڇو ته بنگالين جي الڳ ٿيڻ کانپوءِ پنجاب جي آبادي اڪثريت ۾ اچي وئي هئي. ان صورتحال ۾ برابري جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ ۾ پنجاب کي فائدو نظر اچي رهيو هو. ان پسمنظر ۾ پنجاب پاران آدم ڳڻپ ۾ دلچسپي نه وٺڻ جي ڪارڻ کي سولائي سان سمجهي سگهجي ٿو. 2012ع جي گهر ڳڻپ جي شروعاتي انگن اکرن چٽو ڪري ڇڏيو آهي ته پنجاب کي آدم شماري ڪرائڻ سان نقصان ۽ سنڌ کي فائدو ٿيندو. اهو ئي سبب آهي جو پنجاب هن صورتحال ۾ آدمشماري نه ڪرائڻ چاهيندو. پنجاب جي بيورو ڪريسي کي جيئن ته پتو آهي ته آدمشماري کي اڻ ڄاتل مدي تائين ملتوي نه رکي سگهبو. تنهن ڪري ان فارمولو تي به ويچار ڪيو پيو وڃي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل کي اعتماد ۾ وٺي آئين جي انهن شقن کي بي اثربڻايو وڃي جن موجب ناڻي جي ورڇ، اسيمبلي جي سيٽن ۽ نوڪرين جي ڪوٽا کي آدمشماري جي معاملي کان الڳ ڪرايو وڃي. ان حل تحت صوبن جي ناڻي اسيمبلي سيٽن ۽ نوڪرين جي ڪوٽا کي موجوده سطح تي فريز ڪيو ويندو. ان فارمولي جو نقصان سنڌ کي ٿيندو.

هن صورتحال ۾ اصولي طور تي سنڌ حڪومت کي ملڪ اندر آدم ڳڻپ جو مطالبو ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته آدم ڳڻپ نه ٿيڻ جو سڀ کان گهڻو نقصان هن وقت سنڌ کي ئي ٿي رهيو آهي.

سنڌ ملڪ ٺهڻ کان وٺي ٽيڪس آمدني توڙي قدرتي وسيلن ۾ سڀ کان گهڻو حصو ڏيندي رهي ٿي. ٻئي طرف معاشي خوشحالي سبب آبادي جو مينهن به سنڌ ڏانهن رهي ٿو. ڌاري آبادڪاري جو دٻاءُ ان حد تائين وڌيو آهي جو 1998ع جي آدم ڳڻپ موجب سنڌ اندر سنڌي ڳالهائيندڙ 60 سيڪڙو هئا. جيڪڏهن سنڌ ڏانهن آبادي جي واڌ جي اها رفتار برقرار رهي ته سنڌ واسين لاءِ پنهنجي ڌرتي تي حق حڪمراني بچائڻ خطري ۾ اچي ويندو. هونئن به هاڻي سنڌ جا معاملا عملي طور غير مقامي ماڻهن جي ڪنٽرول هيٺ اچي ويا آهن. جنهن جو ڪارڻ سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ پارٽي جي سياسي نااهلي آهي پر جيڪڏهن سنڌي پنهنجي ڌرتي تي اڪثريت وڃائي ويٺا ته سنڌين جو قومي وجود به خطري ۾ اچي سگهي ٿو. ڊيموگرافي سنڌ واسين لاءِ انتهائي اهم چئلينج آهي، جنهن جا معاشي ۽ سياسي اثر ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ ڏکيا ثابت ٿي سگهن ٿا. انهن سمورن سوالن جا درست جواب به آدمشماري سان ئي ملي سگهندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو