Home / ڪرنٽ نيوز / الطاف حسين غير جمهوري قوتن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه
above article banner

الطاف حسين غير جمهوري قوتن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي: خورشيد شاهه

600276-KhursheedShah-1378390807-827-640x480قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي جمهوريت جي حامي آهي، ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين غير جمهوري قوتن کي ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد شاهه چيو ته الطاف حسين کي سمجهڻ گهــُرجي ته ملڪ ۾ جمهوريت انتهائي مشڪل ۽ ڊگهي عرصي کانپوءِ آئي آهي. هن چيو ته غير جمهوري بيان ڏيڻ سان صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي، تنهن ڪري اهڙي بيانن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. خورشيد شاهه وڌيڪ چيو ته دهشتگردي سان ملڪ ۾ گهڻو نقصان ٿي چڪو آهي، ان ڪري طالبان سان ٿيندڙ ڳالهيون نظر اچڻ گهرجن. هڪ سوال جي جواب ۾ خورشيد شاهه چيو ته چوڌري نثار جا طالبان سان ڳالهين بابت بيان تبديل ٿيندا رهندا آهن، مخالف ڌر صرف ملڪ ۾ امن چاهي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو