Home / ڪرنٽ نيوز / امن ڳالهين مان ثابت ٿي ويو طالبان بندوق جي زور تي شريعت لاڳو ڪرڻ نٿا چاهين: عمران خان
above article banner

امن ڳالهين مان ثابت ٿي ويو طالبان بندوق جي زور تي شريعت لاڳو ڪرڻ نٿا چاهين: عمران خان

تحريڪ انصاف جـَي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ڳالهين واري عمل مان ثابت ٿي ويو آهي ته طالبان بندوق ذريعي شريعت لاڳو نٿا ڪرڻ چاهين، امن جي چاٻي قبائلين وٽ آهي، انهن کي به شامل ڪرڻ گهرجي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان عمران خان چيو ته حڪومت سان ڳالهين مان ثابت ٿي ويو آهي ته طالبان جو هڪ ئي مطالبو آهي ته آمريڪي جنگ کان عليحدگي اختيار ڪئي وڃي ۽ اهو ئي مطالبو تحريڪ انصاف گذريل 10 سالن کان ڪري رهي آهي. هن چيو ته طالبان سان ڳالهيون ڪامياب ٿي چڪيون آهن، ڇو ته کين خبر پئجي وئي آهي ته ڪهڙا ماڻهو ملڪ ۾ امن چاهين ٿا ۽ ڪهڙا ملڪ دشمنن جي هٿن ۾ کيڏي رهيا آهن. عمران خان چيو ته الله پاڪ ڪري ڌرين ۾ جنگبندي برقرار رهي ۽ ڳالهيون مڪمل طور ڪامياب ٿين، جنهن سان ملڪ ۾ امن ايندو ۽ پاڪستان ترقي ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه چيو ته حڪومت ۽ طالبان ۾ جنگبندي جو عمل جاري آهي، پر عورتن، ٻارڙن ۽ ٻڍڙن کي ائين ئي ڇڏڻ گهرجن. عمران خان چيو ته طالبان کي به پوليو ورڪرز تي حملا بند ڪرڻ گهرجن ۽ جيڪي ماڻهو قبضي ۾ آهن، انهن کي به آزاد ڪرڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو