Home / ڪرنٽ نيوز / جسقم شهيد مقصود ۽ سلمان جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي گهر سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران پاڪستان ۾ شفاف سياسي نظام قائم ڪرڻ جي عنوان هيٺ قومي ڪانفرنس
above article banner

جسقم شهيد مقصود ۽ سلمان جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي گهر سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران پاڪستان ۾ شفاف سياسي نظام قائم ڪرڻ جي عنوان هيٺ قومي ڪانفرنس

Photo_374ملڪي سياسي قيادت جسقم اڳواڻ شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌي جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ جي گهـُـر ڪري ڇڏي، اڳواڻن شفاف ۽ جمهوري سياسي نظام لاءِ نئون چونڊ سرشتو اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته آزاد اليڪشن ڪميشن توڙي تڪبندين لاءِ اڻڌري ڪميشن قائم ڪئي وڃي. ڪراچي جي مقامي هوٽل ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي پاران پاڪستان ۾ شفاف سياسي نظام قائم ڪرڻ جي عنوان هيٺ قومي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. ڪانفرنس ۾ سيد جلال محمود شاهه، مشاهد الله سيد، غوث علي شاهه، سينيٽر طلحه محمود، يوسف مستي خان، ڪامران ٽسوري ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مسلم ليگ قاف جي سيڪريٽري جنرل سينيٽر مشاهد الله سيد جو چوڻ هو ته پاڪستان جي سياست ۾ تبديلي اچي رهي آهي. هن چيو ته سنڌي قوم سياسي شعور رکي ٿي، جڏهن ته هـُو سائين جي ايم سيد جي شخصيت مان متاثر آهي. مشاهد الله سيد چيو ته پاڪستان خطي ۾ اهم حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته خطي ۾ آمريڪا ۽ چين وچ ۾ نئين سرد جنگ شروع ٿيڻ واري آهي. ف ليگ اڳواڻ ڪامران ٽـِسوري چيو ته پير پاڳاري 10 جماعتي اتحاد کي بچائڻ لاءِ سنڌ جي اقتدار جي قرباني ڏني، جڏهن ته عام چوندن کانپوءِ 10 جماعتي اتحاد جي گڏجاڻي ناهي ٿي. جي يو آءِ سينيٽر طلحا محمود چيو ته گذريل عام چونڊن ۾ ملڪي تاريخ جي بدترين ڌانڌلي ٿي، جيڪا اڃا تائين ماڻهن کي سمجهھ ۾ ئي نه ٿي اچي. هن چيو ته پاڪستان جو وڏو مسئلو ڪرپشن آهي، جڏهن ته ڪرپٽ ماڻهن ۾ هٿ نھ وجهڻ بھ ڪرپشن آهي. نيشنل پارٽي جي اڳواڻ مير حاصل خان بزنجي چيو ته پاڪستان ٺهڻ کان اڳ اردو پسنديده ٻولي هئي پر آزادي کانپوءِ صورتحال تبديل ٿي وئي آهي. هن چيو ته 1947ع کانپوءِ حڪمران 50 سالن تائين آمريڪا جا گــُڻ ڳائيندا رهيا. مير حاصل بزنجي چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ قومن کي تسليم نه ٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته رياست جي رٽ هاڻي حڪمرانن جي هٿ ناهي رهي. جماعت اسلامي جي اڳواڻ لياقت بلوچ جو چوڻ هو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق سنڌين ۽ بلوچن جو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ تبديلي سياسي سوچ جي تبديلي سان ايندي، جڏهن ته ملڪ ۾ بدامني ۽ مهانگائي چوٽ چڙهيل آهي. ان موقعي تي ملڪ ۾ شفاف ۽ جمهوري سياسي نظام قائم ڪرڻ لاءِ آزاد اليڪشن ڪميشن، پراڻين ووٽر لسٽن بدران نئون چونڊ نظام بايو ميٽرڪ سسٽم جوڙڻ ۽ تڪبندين لاءِ آزاد ڪميشن جي قيام جا ٺهراءَ منظور ڪيا ويا. سياسي پارٽين پاران اهو به ٺهراءُ منظور ڪندي مطالبو ڪيو ويو ته جيئي سنڌ قومي محاذ جي شهيد اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌي جي قتل جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو