Home / اسپيشل افيئر / سائنس جي اسلامائيزيشن ۽ پيٽرو ڊالر
above article banner

سائنس جي اسلامائيزيشن ۽ پيٽرو ڊالر

نديم ايف پراچا

مون کي اڄ به انهن ٻن پوليس وارن جي ڳالهه ٻولهه ياد آهي جيڪا مون 1990ع ۾ پنهنجي ڏاڏي جي آفيس جي ٻاهران ٻڌي هئي. ڳالهه ٻولهه پنجابي ۾ ڪجهه هن ريت هئي.

پهريون پوليس وارو: پاڪستان ائٽم بم ٺاهڻ وارو آهي.

ٻيو پوليس وارو: نه، منهنجي خيال ۾ اسان وٽ اڳ ۾ ئي ائٽم بم موجود آهي.

پهريون پوليس وارو: هاڻي نه آهي، ڇاڪاڻ جو مون ٻڌو آهي ته بم ٺاهڻ وارا ائٽمز اسان وٽ نه آهن.

ٻيون پوليس وارو: اسان وٽ نه آهن؟

پهريون پوليس وارو: نه، اسان ائٽمز چين کان گهرائي رهيا آهيون.

ٻيون پوليس وارو: ها چين وٽ ته گهڻا ائٽمز آهن، ان لاءِ ته آمريڪا، پاڪستان چين دوستي جو مخالف آهي.

پهريون پوليس وارو: ها، هو نٿو چاهي ته چين پاڪستان کي ائٽم بم موڪلي.

هي سادا پوليس ڪانسٽيبل نيو ڪليئر فزڪس تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا. خدا ڄاڻي سندن اڳيان ائٽم ڪهڙي بلا هئي، ممڪن آهي اهي انهن کي اسٽيل جا بال بيرنگ سمجهندا هجن، جن کي هڪ وڏي ڌاتو واري خول ۾ وجهي اڇلايو وڃي ته ڦاٽي پوندا هجن.

117

باوجود ان جي سندن اها ڳالهه ٻولهه سرد جنگ جي دور جي مخصوص سياسي خفقان تي ٻڌل هئي، اهي سادا اڌ پڙهيل لکيل همراهه ائٽم بم جي هئڻ جو جواز ڳولهڻ جي مخلصاڻي ڪوشش ڪري رهيا هئا، بهرحال ان حوالي سان جيڪا ڳالهه کل جوڳي آهي ان جو تعلق سادن ماڻهن سان نه پر نام نهاد سائنسدانن سان آهي. 

ڊاڪٽر پرويز هود ٻائي جو ڪتاب (اسلام اينڊ سائنس: ريليجس ارٿو ڊوڪسي اينڊ بيٽل فار ريشنلٽي 1991) مسلم سماج ۾ غير سائنسي سوچ جي حوصله افزائي تي افسوس جو اظهار آهي. جيڪڏهن ڊاڪٽر پرويز هودٻائي پنهنجي پهرين ڪتاب: “اسلام اينڊ سائنس: رليجس ارٿوڊوسڪي اينڊ بيٽل فار ريشنلٽي: ۾ ان جو ذڪر نه ڪري ها ته شايد هيٺ ذڪر ۾ آيل تاريخ، تاريخ جي پنن ۾ گم ٿي وڃي ها.

مسلم ملڪن ۾ اسڪالر شپ جي تاريخ ۾ “عالمي سائنس” ۽ سوچ جي زوال تي افسوس جو اظهار ڪندي هڪ باب ۾ پرويز هودٻائي اسان کي ٻڌائي ٿو ته ڪهڙي ريت 1980ع جي ڏهاڪي جي وچ ڌاري تيل جي دولت سان مالا مال ڪجهه عرب ملڪن ۽ پاڪستان ۾ ضياءُ الحق آمريت لکين رپيا خرچ ڪري “اسلامي سائنس” جي موزو نيت لاءِ اسلام آباد ۾ شاهاڻو سيمينار منعقد ڪيو هو.

1970ع جي ڏهاڪي جي پڄاڻي کان اڳ اسلامي سائنس مان مراد اٺين ۽ چوڏهين صدي جي وچ ۾ مسلم ماهرن ۽ عالمن جي هڪ وڏي انگ جي رياضي، جاميٽري،فلڪيات، ڪيمسٽري ۽ فلسفي جي تعين ۾ تحقيق هئي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئي سگهون ٿا ته “عالمي سائنس ” تي اهڙن غير جابندار ماڻهن ڪم ڪيو جيڪي اتفاق سان ملسمان به هئا.

ازبڪستان جي راڄڌاني ۾ نائين صدي جي مشهور مسلم رياضيدان موسيٰ الخوازمي جي مجسمي مٿان ٻار چڙهيا ويٺا آهن. 1970ع جي ڏهاڪي جي پڄاڻي تائين اسلامڪ سائنس جو تصور فقط ڍونگ بڻجي رهجي ويو. 

اهو سڀ ڪجهه وڏي حد تائين تيل سان مالا مال سعودي بادشاهت جي دفاغ جي اختراع هئي. سعودي حڪومت کي ان ڳالهه جي ڳڻتي هئي ته اولهه جي تعليمي نظام ۽ ماڊلز، آزاد مفڪر ۽ سيڪيولرسٽ (اهڙن خيالن کي فروغ ڏئي رهيو آهي جنهن جي ڪري مذهبي بنيادن تي قائم بادشاهت کي خطرو ٿي سگهي ٿو) سٺ ۽ ستر جي ڏهاڪي دوران وڌندڙ انقلابي نيشنلزم ۽ سوشلزم کان گهٻرائي سعودي عرب حڪومت اهڙن منصوبن ۾ “پيٽرو ڊالر” لڳائڻ شروع ڪيو جيڪو همعصر اسلامي فڪر کي اولهه جي سائنس جي برابر آڻي سگهي.

اهو خيال يقيني طورساراهه جوڳو هو. ليڪن افسوس اسلامي ملڪن ۽ تعليمي نصاب ۽ تدرسي معيار کي هاڻوڪي دورمطابق ٺاهڻ ۽ اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ پئسو لڳائڻ بدران اهو پيٽرو ڊالر، سائنسدان “ حال” ڪرڻ ۾ خرچ ڪيو ويو، جن جو ڪم اهڙا ثبوت گڏ ڪرڻ هو جن مان اهو ثابت ٿي سگهي ته“ سيڪيولر سائنس ۽ سوچ” اسلامي سائنس کان گهٽ آهي.

سٺي معاوضي ۽ سهولتن جي لالچ ۾ اولهه، پاڪستاني ۽ عرب سائنسدان ۽ ڊاڪٽر، سعودي عرب ۾ “ اسلامي سائنس” جي نون قائم ڪيل ادارن ۾ پهچڻ شروع ته ٿي ويا، ليڪن ڪنهن کي به ان ڳالهه جو ادراڪ نه هو ته آخر “ اسلامي سائنس” ڪهڙي جهرڪي جو نالو آهي.

مشهور ليکڪ ۽ سائنسدان ضياءُ الدين سردار به انهن مان هڪ هو. پنهنجي ڪتاب Desperately seeking Paradise ۾ هو لکي ٿو ته : کيس جڏهن احساس ٿيو ته سعودي وارن کي فقط سائسندان جي ٻهروپ ۾ خبطي کپن ته هو سعودي عرب ڇڏي هليو آيو. نيٺ 1976ع ۾ مورس بخيل جو ڪتاب (The Bible, Quran and Science ) اسلامي سائنس جي نئين تصور سان پيش ڪيو ويو. ان ڪتاب مسلمان دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو، گڏوگڏ ڪيترائي مسلم سائنسدان وائڙا ٿي ويا ته آخر مورس بخيل ڇا ٿو چوڻ چاهي. ڪتاب ڏاڍو دلچسپ آهي. ان ۾ اها دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ماڊرن اولهه جي سائنسدانن جي دريافت ڪيل مختلف سائنسي نشاندهين جي اڳڪٿي اڳ ۾ ئي قرآن ۾ ڪيل آهي. ان هوندي به جيڪڏهن ڪير ٿورو غور ڪندو ته کيس خبر پوندي ته اها دعويٰ ڪندڙ مورس بخيل ڪو سائنسدان نه هو.

مورس بخيل هڪ فرانسيسي معالج هو، جنهن کي 1973ع ۾ سعودي باشاهه، شاهه فيصل جو ذاتي ڊاڪٽر مقرر ڪيو ويو هو. مورس جون اهي دعوائون ڪنهن عملي مشاهدي تي ٻڌل نه هيون بلڪه ڪجهه قدامت پرست، قديم ڪٽر مسلم عالمن جي مخصوص فڪر جي غير تنقيدي قبوليت جو نمونو هيون.

بخيل، کي مسلم ۽ اولهه جي سائسندانن سخت تنقيد جو نشانو بڻايو، خاص طور مسلم سائنسدانن مورس تي اهو الزام مڙهيو ته هو مسلمان نوجوانن کي گمراهه ڪري رهيو آهي ۽ انهن ۾ جديد روايتي سائنسي مطالعو ختم ڪرڻ جي حوصلا افزائي ڪري رهيو آهي، ڇو ته جيڪڏهن ڪيمسٽري، فزڪس، اسٽرونومي ۽ بايولاجي جي باري ۾ سموري معلومات جيڪڏهن اندازن موجب قرآن ۾ ئي موجود آهي ته پوءِ سائنسي مطالعي جي ضرورت باقي ڪهڙي ٿي بچي؟

سندس نقادن جو چوڻ هو ته بنيادي طور تي قرآن اخلاقي رهنما آهي، جيڪو دراصل ماڻهن کي پنهنجي چؤ طرف موجود خدا جي تخليق کي سمجهڻ جي ترغيب ڏئي ٿو ۽ اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سائنس ۽ فلسفي جو مطالعو ڪيو وڃي. جيتوڻيڪ بخيل جو ڪتاب ڪمزور بنيادن تي لکيل هو، جڏهن به ان کي روايتي عملي سائنس جي سامهون آندو ويو. ان ملسمانن جي گهڻائي جي فڪري طرز عمل کي تبديل ڪيو.

77

هڪ فرانسيسي ڪرسچن ڊاڪٽر جي دلچسپ دعوائن کان متاثر ٿيندڙ مسلمانن اهو به ڏسڻ جي زحمت نه ڪئي ته مذڪوره شخص سعودي بادشاهت جو پگهاردار ملازم هو. اها حڪومت جيڪا مسلم دنيا ۾ پکڙيل قومپرست تحريڪن کان موجود خطرن ۽ مسلمانن ۾ سيڪيولرازم ۽ سوشلزم جي وڌندڙ اثر رسوخ (1950ع جي ڏهاڪي کان 1970ع جي ڏهاڪي جي وچ وارو عرصو) کي گهٽائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل هئي. آئيڊيا اهو هو ته جيڪڏهن سياست جي اسلامائيزيشن ڪري سگهجي ٿي (مودودي، قطب ۽ پوءِ خميني) ته پوءِ سائنس ۾ اڳتي هلي معيشت (بئنڪنگ) لاءِ به ايئن ممڪن آهي.

ٻي مهاڀاري جنگ کانپوءِ تعليمي ۽ معاشي قدمن ذريعي يهودين جي اقتصادي ۽ سياسي ترقي کي مجبوري طور تسليم ڪندي عرب دنيا پنهنجو ترقياتي تصور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. 

ليڪن اها ترقي وڏي تعداد ۾ اعليٰ تعليم يافته ۽ ماهر مسلمان تيار ڪرڻ لاءِ نه هئي، بلڪه پاڻ کي سائنسدان ۽ اقتصادي ماهر چوائيندڙن طرفان پلپلي، پنهنجو پاڻ پڏائڻ واري سائنسي ساراهه تي يقين رکندڙ ڪٺ پتلين جي تياري هئي. ۽ پوءِ ايئن ٿيو ته بخيل جي مسلم انداز فڪر، عالمي سائنس تي “سيڪيولر سائنس” جو ليبل هڻي ڇڏيو. جنهن کي يهودي مسلمانن کي نيچ ڪرڻ لاءِ تخليق ڪيو هو. بخيل جي مداحن کي سندس ٿيوري جي غير حقيقي ميڪ اپ تي ڪو اعتراض نه هو (اهي ان کان بي خبر هئا) ڪيترن ئي ماڻهن جو هاڻي به چوڻ آهي ته سائنسي حقيقتن کي مقدس ڪتابن مان ثابت ڪرڻ رڳو مسلمانن جو ئي ڪم آهي. مسلمانن کان اڳ ڪجهه هندو ۽ عيسائي عالم به اها دعويٰ ڪري چڪا آهن ته سندن لاڳاپيل مقدس ڪتاب، سائنٽيفڪ طور ثابت ٿيندڙ مامرن لاءِ استعاري اڳڪٿين جو درجو رکن ٿا. انهن ان جي شروعات ارڙهين ۽ اڻيويهن صدي ۾ ئي ڪري ڇڏي هئي جڏهن ته مسلمانن کي اهو خيال ويهين صدي ۾ آيو.

ان جو هڪ مثال جوهانس هينرچ جو ڪتاب (Scientific vindication of Christianity : 1887) آهي. جڏهن ته موهن راءِ جو ڪتاب (Vedic Physics: Scientific origin of Hinduism ) پڻ مخصوص مذهبن جي پوئلڳن طرفان اهڙي ئي تصوراتي دعوائن تي ٻڌل ڪوشش آهي.

1997ع جي ڏهاڪي ۾ ايران جي اسلامي انقلاب ۽ افغانستان جهاد جهڙن واقعن جي پسمنظر ۾ مسلمان ملڪن ۾ نيم سيڪيولر / ترقي پسند خيالي گهٽجڻ شروع ٿي ويو. اسلامي سائنس جو تصور، قديم ۽ جديد مسلمان سائنسدانن جي ڪاوشن سان تبديل ٿي اڻ تصديق ٿيل ۽ خيال بڻجي رهجي وئي. 

ان پسمنظر ۾ فطري ڳالهه هئي ته پاڪستاني آمر جنرل ضياءَ الحق سعودي اثر رسوخ ۽ مالي امداد استعمال ڪري 1986ع ۾ اسلام آباد ۾ سائنسدانن جو سيمينار ڪرايو. اسلامي سائنس جا ڪرشما ظاهر ڪندڙ انهن نام نهاد سائنسدانن جي گڏ ٿيڻ جو مقصد جنن وسيلي توانائي ۽ بجلي حاصل ڪرڻ ۽ جنت جي رفتار ماپڻ تائين محدود رهيو.

اهي سيمينار اسٽار ٽريڪ ڪنوينشنز جهڙا هئا ليڪن حقيقت ۾ انهن جي مشهوري ۽ “ اسلامي سائنس جي شروعات لاءِ وڏي قدم” طور ڪئي وئي. جنهن جو ظاهري طرح پيغام اهو ئي هو ته خدا جي تخليقن کي سمجهڻ لاءِ ڪتاب پڙهڻ يا ليب ۾ تجربا ڪرڻ جي ضرورت آهي. بس توهان مقدس ڪتاب پڙهي وٺو. قديم دور جي مسلمان سائنسدانن يا عبدالسلام، آئنسٽائن ۽ اسٽيفن هاڪنگ کي وساري ڇڏيو. بس پنهنجي پا‎ڙي جي ڪنهن جِن سان رابطو ڪريو ۽ توانائي جي سمورن مسئلن مان نجات حاصل ڪريو.

1980ع جي ڏهاڪي ۾ مسلمان حڪومتون انهن مشغلن ۾ پنهنجو پئسو ۽ توانائي خرچ ڪرڻ ۾ رڌل هيون جڏهن ته سندن طرفان پنهنجي خواندگي جي شرح وڌائڻ جون ڪوششون به جاري هيون. اهو عمل مسلم دنيا کي مذهبي ڪوتاهه نظري ۽ غير سائنسي جهڪاءُ طرف وٺي ويو. ويهين صدي ۾ منطق ۾ يقين رکندڙ مسلم اسڪالرز ان ڳالهه تي زور ڏيندا رهيا ته قرآن هڪ قاعدو، سائنس جو ڪتاب گهٽ ۽ مسلمانن لاءِ فقط اخلاقي گائيڊ وڌيڪ آهي. جنهن ۾ خدا پنهنجي ٻانهن کي اها آزادي ڏني آهي ته اهي وڌ مان وڌ علم حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجون ذهني صلاحيتون ڪتب آڻين.

ايراني ليکڪ ولي رضا نصر جو هاڻوڪي رجحان تي افسوس ڪرڻ بلڪل درست آهي، جتي اڪثر مسلمان عالمي سائنسي فائدا حاصل ڪرڻ ۾ ته تيزي ڏيکاريندا آهن ليڪن ان پويان موجود منطقي سائنسي سوچ کي مڃڻ کان انڪاري آهي ۽ اهو سچ به آهي. مثال طور پاڪستان ۾ رهندڙ ماڻهن جي گهڻائي کي ان ڳالهه جي خبر ناهي ته پاڪستان جو اڪيلو نوبل انعام حاصل ڪندڙ ڊاڪٽر عبدالسلام کي آخر انعام ڪهڙي ڳالهه تي مليو هو؟ ليڪن گهڻا اهڙا ماڻهو آهن جيڪي هارون يحيٰ ۽ ان جهڙن ٻين ليکڪن جو حوالو ڏئي سگهن ٿا، جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته بگ بينگ ٿيوري ۽ اهڙن ئي ٻين فيڪٽرن جو ذڪر مقدس ڪتاب ۾ موجود آهي.

شڪر آهي جو اهڙي بيوقوفي پاڪستاني رياست جي ايجنڊا ۾ شامل نه آهي. پوءِ به اهڙا نمونا گهڻو ڪري مين اسٽريم ميڊيا ۽ فورمز تي سائنس جي نالي تي بڪواس ڪندي نظر اچي ويندا آهن. ليڪن اهڙن ماڻهن ۾ رڳو خبطي ناهن هوندا بلڪه اهڙا معزز سائنسدان به آهن جن بخلين روايتون اختيار ڪري ان کي نائن اليون سازشي ڍونگ سان ملائي ڇڏيو.

اهڙا ٽي وي چينل هڪ پاسي، جتي عاقل ۽ بالغ همراهه ميٽر کنيو جناتي توانائي کي ڳوليندا نظر ايندا آهن ۽ اها حقيقت وڌيڪ ڳڻتي جو ڪارڻ آهي ته ملڪ ۾ تعليم ۽ سائنسي حلقن جي اعليٰ عهدن تي فائز ماڻهو به ان حوالي سان ڪجهه عجيب نظرين جي آن رڪارڊ پيشڪش ۽ تصديق ڪندي نظر اچن ٿا.

ان سلسلي ۾ نقادن جو چوڻ آهي ته اهڙا ماڻهو حقيقت ۾ پنهنجي دعوائن وسيلي ايمان جو مذاق بڻائي ڇڏين ٿا ڇو ته سائنسي سچايون مذهبي ۽ فڪسڊ نه آهن. اهي گهڻو ڪري ارتقائي ۽ تبديلي ڏانهن مائل رهن ٿيون. مثال طور ماضي جي ڪجهه مسلمان سائنسدانن جو چوڻ آهي ته نيوٽن جي ڪشش ثقل وارو قانون اڳ ۾ ئي قرآن پاڪ ۾ موجود آهي، ليڪن جڏهن آئنسٽائن نيوٽن جي قانون کي غلط ثابت ڪيو ته کين پنهنجو موقف تبديل ڪرڻو پيو. ڇا ان جو مطلب اهو ٿيو ته مقدس ڪتاب به غلط آهي؟

ويجهڙ ۾ ئي جڏهن لاهور جي هڪ ڪاليج جي وائيس چانسلر اها دعويٰ ڪئي ته بگ بينگ ٿيوري جو ذڪر مقدس ڪتاب ۾ موجود آهي، تڏهن هن اها ڳالهه سولائي سان نظر انداز ڪري ڇڏي ته اڪثر سائنسي ٿيورين وانگر اها ٿيوري به فڪسڊ ۽ مذهبي ناهي، انهي حد تائين جو اهي جيڪي ان تي رد نٿا ڪن اهي به ان کي غور ڪري رهيا آهن.

جيئن جيئن سائنسدان ان جي گهرائي تائين ويندا، ممڪن آهي اها ٿيوري به غلط ثابت ٿي وڃي، پوءِ جناب وائس چانسلر ڇا چوندا؟ اهو لاڙو رکندڙ مسلمان نقادن جو چوڻ آهي ته اهڙا ماڻهو جيڪي سائنسي حقيقتن کي مقدس ڪتاب جو حصو ٻڌائن ٿا.

اهي مسلمانن ۾ عملي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ عمل جي ميدان ۾ وڃڻ يا ليبارٽري ۾ پنهنجون ٿيوريز آزمائڻ جي حوصلا شڪني ڪن ٿا، انهن کي ان ڳالهه تي افسوس آهي ته اهي لاڙا نه رڳو مسلمان دنيا ۾ سائنس لاءِ عظيم نقصان آهن بلڪه ان سان اسانجو ايمان به متاثر ٿي رهيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو