Home / ڪرنٽ نيوز / سعودي امداد ۽ شيخ رشيد جي معاملي تي مخالف ڌر جو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس مان واڪ آئوٽ
above article banner

سعودي امداد ۽ شيخ رشيد جي معاملي تي مخالف ڌر جو قومي اسيمبليءَ جي اجلاس مان واڪ آئوٽ

f280f9139dfb8d70c4f3e740a4f1018b_XLمخالف ڌر جي پارٽين ڏيڍ ارب ڊالر جي سعودي امداد ۽ شيخ رشيد کي پرڏيهه سفر  کان روڪڻ جي معاملي تي قومي اسيمبلي ۾ احتجاج کانپوءِ اجلاس مان واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پيپلزپارٽي جي ميمبر نفيسه شاهه ڏيڍ ارب ڊالر جي سعودي امداد تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسپيڪر کيس ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏني، جنهن تي پيپلزپارٽي جا ميمبر اُٿي بيهي رهيا، تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو ته دنيا ۾ ڪير به ڪنهن به مقصد کانسواءِ پئسو ناهي ڏيندو. عالمي سطح تي شيعه سني ويڙهه ڪرائي پئي وڃي، 1980 جي ڏهاڪي ۾ اسان پئسا وٺي مجاهد بڻايا ۽ 2001 ۾ انهن کي دهشتگرد قرار ڏنو ويو. عوام جو حق آهي ته اُها پڇي ته تحفي جي ڇا قيمت آهي. شيخ رشيد چيو ته اسلام آباد ايئرپورٽ تي جيڪو سلوڪ ساڻس ٿيو، اهڙو سلوڪ حڪمرانن سان هڪ به هڪ ڏينهن ٿيندو. جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، تحريڪ انصاف ۽ ٻين مخالف ڌر جي ميمبرن اجلاس جو واڪ آئوٽ ڪندي ٻاهر هليا ويا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو