Home / اسپيشل افيئر / سنڌي ٻولي ۽ ٻولين جي اقتصاديات
above article banner

سنڌي ٻولي ۽ ٻولين جي اقتصاديات

نصير اعجاز

اسان سنڌي پاڪستان ٺھڻ کان وٺي پنھنجي مادري ٻوليءَ کي قومي سڃاڻپ ۽ ثقافتي اھڃاڻ طور بچائڻ لاءِ جاکوڙيندا رھيا آھيون، پر ڪڏھن سوچيو اٿئون ته ٻولين جو اقتصاديات سان ڪو ڳانڍاپو به ٿي سگھي ٿو؟ٻولين ۽ اقتصاديات جي ڳانڍاپي وارو سوال روس ڄائي آمريڪي يھودي اقتصادي ماھر جيڪب مارشڪ 1965 ۾ پنھنجي ھڪ تحقيقي مقالي ۾ اُٿاريو ھو ته جيئن اقتصاديات ۾ ٻولين جي اھميت تي بحث ڇيڙي سگھجي. سندس ان اھم نقطي تي لاڳيتو اڀياس ٿيندا رھيا آھن ۽ خاص طور آمريڪا ۽ يورپ اھڙي سوال کي وڏي اھميت ڏني. چئن ڏھاڪن جي اڀياسن جي نتيجي ۾ نه رڳو “ٻولين جي اقتصاديات” جي موضوع سان الڳ علمي شعبو وجود ۾ اچي ويو پر ترقي يافته ملڪن ۾ ٻين شعبن جيان لينگويج پاليسي ۽ رٿابندي لازمي بڻجي وئي.

ڪي دوست اھو سوال پڙھي سوچ ۾ پئجي ويندا ته نيٺ ٻولين جو معيشت يا اقتصاديات سان ڪھڙو واسطو؟ ماھرن ان سوال جو ڏاڍو سولو جواب ڏنو آھي ۽ مان ھتي ان کي سولي سنڌيءَ ۾ سمجھائڻ جي ڪوشش ڪندس. ماھر چون ٿا ته ڪابه شئي وڪڻندڙ ۽ ان جو خريدار “اقتصادي ايجنٽ” آھن ۽ ٻولي انھن جي وچ ۾ رابطي جو ذريعو آھي. ٻين لفظن ۾ ايئن چئجي ته اقتصادي سرگرميون ڏيتي ليتيءَ جو نالو آھي ۽ ڏيندڙ ۽ وٺندڙ انھن اقتصادي سرگرمين جا ڪردار آھن. پر جيڪڏھن اھي ڪردار ھڪٻئي جي ٻولي سمجھي نه سگھندا ته ڪاروبار ڪيئن ڪري سگھندا. ان جو مطلب ته ڏيتي ليتيءَ لاءِ ڪا اھڙي ٻولي ھجڻ گھرجي جنھن کي اھي سمورا ڪردار سمجھي سگھن.

618766-SindhiLangDesignAnamHaleem-1381856033-942-640x480

ننڍپڻ ۾ ڏسندا ھئاسين ته پٺاڻ سائيڪلن يا پنھنجي پُٺن تي سامان کڻي سنڌ جي ڳوٺن ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ ڦرندا وتندا ھئا. اھي پٺاڻ صفا بُوز لڳندا ھئا پر سنڌي ڳالھائيندا ھئا. سنڌي ڳالھائڻ جي نتيجي ۾ سنڌين سان دوستاڻو تعلق ٺاھي وٺندا ھئا ۽ اوڌر تي به شيون ڏئي ويندا ھئا. ايئن سندن ڪاروبار ٺيڪ ٺاڪ ھلندو ھو. ان وقت ته ان مامري جي ڪا علمي تشريح ڪانه ٻُڌي سين پر ھاڻ ڪجھه پڙھڻ ۽ دنيا تي نظر رکڻ سان ٻوليءَ جي اقتصاديات جي پروڙ پئجي وئي. ايئن اڃا پوئتي وڃو ته انگريز به سنڌي ٻولي سکي پوءِ سنڌ ۾ ايندا ھئا. ساڳي طرح سنڌ ورڪي به ٻين ملڪن ۾ ڪاروبار لاءِ ويندا ھئا ته انھن ملڪن جون ٻوليون سکندا ھئا جو ان کانسواءِ ڪم ھلڻ ممڪن ئي ڪونه ھو. ھاڻ ته ترقي يافته دنيا جا ماھر چون ٿا ته گلوبلائيزيشن جي ڪري دنيا جي مختلف حصن ۾ ماڻھن جو ھڪٻئي سان رابطو وڌيو آھي ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ به واڌارو ٿيو آھي تنھنڪري اھڙي ٻوليءَ جو استعمال اڻٽر ٿي پيو آھي جيڪا وڌ ۾ وڌ ماڻھن جي سمجھه ۾ ايندي ھجي ته جيئن ھو پاڻ ۾ لاڳاپا رکي سگھن.

ٻي مھاڀاري جنگ کانپوءِ جيڪي ملڪ آزاد ٿيا تن قومپرستي ڏيکاريندي پنھنجي ٻولين کي ترقي وٺرائڻ تي زور رکيو. ان وقت ڪئناڊا جو به مسئلو ھو ته ملڪ جي سرڪاري ٻولي ڪھڙي ھجڻ گھرجي. ان لاءِ باقاعده پاليسي ٺاھڻ جون ڪوششون ڪيون ويون. ان ڪوشش ۾ نه رڳو آمريڪا ۽ يورپي ملڪ به شامل ٿيا پر انڊيا به پوئتي ڪونه رھيو. ان سموري عرصي ۾ جيڪي اڀياس ٿيا تن ۾ ٻولي ۽ ماڻھن جي آمدنيءَ وچ ۾ تعلق تي به تحقيق ٿي. تڏھن ماھر ان نتيجي تي پھتا ته ٻيلي اسان جون ٻوليون رڳو لساني ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو اھڃاڻ نه پر انساني سرمائي ۾ سيڙپ جو اھم وسيلو آھن. سندن اڀياس جي نتيجن موجب ٻولين جي ڄاڻ ۽ فن اقتصادي فائدي جو ذريعو آھي. ان ڪري ٻولي ٻُڌڻ، سمجھڻ، پڙھڻ ۽ لکڻ جو ڏانءُ لازمي آھي جو ان سان ڪاروبار تي سٺو اثر پوي ٿو.

جڏھن ٻولين ۽ آمدنيءَ جي لاڳاپي بابت تحقيق ٿي ته مزدور طبقي ۽ ٻئي پگھاردار طبقي جي اُجرتن جو به جائزو ورتو ويو جنھن سان خبر پئي ته انگريزي نه اچڻ جي ڪري ڏکڻ آفريڪا جي ڪارن باشندن جون اُجرتون گورن ماڻھن کان گھڻو گھٽ ھيون. ساڳي طرح آمريڪا ۾ انگريزي روانيءَ سان نه اچڻ سبب اھڙن ماڻھن کي گھٽ پگھارون ٿي مليون. آمريڪا ۽ يورپ ۾ گھٽ پگھارن ملڻ جو تجربو سنڌين کي به ٿيندو رھي ٿو.

دنيا جي اقتصادي ماھرن ٻوليءَ جي اھڙي اھميت جي پيشِ نظر زور ڀريو ته ڪا اھڙي ٻولي ھجڻ لازمي آھي جيڪا عوامي رابطي جو ڪم ڏئي. تاريخ تي نظر ڦيرائڻ سان معلوم ٿيندو ته پراڻي زماني ۾ لاطيني ٻوليءَ اھو ڪم سر انجام ڏنو ھو. بعد ۾ يورپ اندر فرينچ ٻولي رابطي جي زبان رھي ۽ ارڙھين کان اُڻويھين صديءَ تائين مارڪيٽ تي قابض رھي تان جو انگريزيءَ ان جي جاءِ والاري. انگريزي ٻوليءَ جي اقتصادي اھميت ايتري وڌي وئي جو دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ ان کي مارڪيٽ توڙي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ملي ويو. مثال طور سنگاپور ۾ به انگلش ڇانئجي وئي. پر اُتان جي پنھنجي حساب سان انگريزي لھجي سبب اُن کي مزاح طور “سِنگلش” سڏڻ لڳا. انگريزيءَ جي ساڳي حالت ھندستان ۾ به ٿي ۽ اُتي جي اسٽائل موجب اھا “ھنگلش” مشھور ٿي. سنڌ ۾ به اسان جي ڪيترن ئي دانشورن قوم جي نوجوانن تي زور رکيو ته بابا انگريزي سکو جو دنيا ۾ ان ٻوليءَ کانسواءِ ھلي ڪونه سگھبو. دُبئيءَ ۾ ھڪ چائنا مارڪيٽ آھي جتي ڪاروباري به گھڻوڪري چيني باشندا آھن پر اتي ڪاروبار لاءِ انگريزي استعمال ڪئي وڃي ٿي. آمريڪا ۽ يورپي ملڪن به سخت پاليسيون ٺاھي ڇڏيون جنھن تحت انگريزيءَ جا امتحان پاس ڪري پوءِ ئي ڪو ماڻھو اوڏانھن وڃي سگھي ٿو. ڏکڻ ڪوريا ۾ جڏھن آمريڪا ڊالرن جو مينھن وسائڻ شروع ڪيو ۽ وڏي سيڙپ جي پروگرام تحت رٿائون شروع ڪيون ته اُتي انگريزيءَ کي به مُروج ڪرڻ جو پلان ٺاھيو ويو جو ڪوريا جا ماڻھو صرف پنھنجي ٻوليءَ ۾ ئي زندگيءَ جو وھنوار ھلائيندا ھئا. ان پلان تحت ڪوريائي حڪومت جي سھڪار سان اِنچيان شھر کي 2007 ۾ فري انگلش زون پروگرام جي حصي طور اِنچيان انگلش سٽي جو نالو ڏنو ويو ته جيئن ھانگ ڪانگ ۽ سنگاپور جيان اِنچيان کي به انگريزي ڳالھائيندڙن جو شھر بنائي سگھجي. مزي جي ڳالھه ته ان پروگرام جو سرڪاري طور نعرو “مُرڪو به انگريزيءَ ۾” ڏنو ويو.

پاڪستان ٺھڻ شرط ڌاري ٻولي اُردوءَ کي قومي ٻوليءَ طور ملڪ جي مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙ عوام تي مڙھيو ويو جنھن حقيقت ۾ مارڪيٽ جي ٻوليءَ طور ڪم ڪيو. مقامي مادري ٻولين کي پوئتي ڌڪي، اسڪولن، ڪاليجن ۽ ٻين ادارن ۾ اُردوءَ کي رائج ڪيو ويو. نوڪرين ۽ ڌنڌي ڌاڙِيءَ لاءِ به اُردو ڪم اچڻ لڳي. ملڪ جي ڪارخانن ۾ ٺھندڙ مصنوعات جي پبلسٽيءَ لاءِ اشتھار به اردوءَ ۾ اچڻ لڳا. اسان کي ٻولين جي اقتصادي اھميت جو اندازو ڪرڻ لاءِ اھو ھڪڙوئي مثال به ڪافي آھي.

جڏھن دنيا ۾ رابطي جي زبان جو لاڙو وڌيو ته ھڪ نئون سوال به پئدا ٿيو. اھو ھيءُ ته رابطي جي زبان جي ڪري ٻين مقامي مادري ٻولين يا اقليتي ٻولين کي خطرو رھي ٿو. ماھر ان نتيجي تي پھتا ته اھڙين ٻولين جي اھميت کي به رد نٿو ڪري سگھجي بلڪه ھڪ کان وڌيڪ ٻولين ڳالھائڻ جو به اقتصاديات سان ويجھو لاڳاپو آھي.

ان نقطئه نظر تحت تحقيق اڳتي وڌي ۽ مادري ٻولين جي اھميت کي محسوس ڪندي ترقي يافته ملڪن ٻين شعبن وانگر لينگويج پاليسيون ٺاھڻ شروع ڪيون ته جيئن صحت، تعليم، مواصلات وغيره وانگر ٻولين لاءِ به وسيلن جي ورڇ ڪري سگھجي. وسيلن جي ورڇ مخصوص ٻولي ڳالھائيندڙ آباديءَ جي تناسب سان ٿيڻ تي زور ڏنو ويو. ايئن اڄ ترقي يافته ملڪن ۾ لينگويج پاليسي رڳو لساني ماھرن جو مسئلو نه پر سوشيالاجي، پوليٽيڪل سائنس، تعليم ۽ اقتصاديات واري تعليم ۽ شعبن جو حصو آھي.

ٻولي، خاص طور مادري ٻولي، اقتصادي اوزار آھي جو اھا ڌُرين کي ھڪٻئي جي ويجھو آڻي دوستاڻو ماحول پئدا ڪري ٿي. ان جو مان ذاتي مثال ڏيندس. 1980 واري ڏھاڪي ۾ صحافين جو ھڪ وفد ٺٽي جي دوري تي ويو جنھن ۾ مان اڪيلو سنڌي ھئس. ٺٽي ۾ ھڪ حڪيم (مرحوم) جو شربت مشھور ھو ۽ ڪراچيءَ جي صحافين سوکڙيءَ طور ان شربت جون بوتلون وٺڻ ٿي گھريون پر خبر پئي ته کنڊ جي کوٽ سبب اھو مشھور شربت به اڻلڀ ھو. ڪي صحافي اسان کان اڳ ڊوڙ پائي وڃي حڪيم صاحب وٽ پھتا ته جيئن بوتلون وٺي سگھن. مان جڏھن اتي پھتس ته اھي صحافي مايوس بيٺا ھئا. کٽ تي ويٺل جھوني حڪيم صاحب کين انڪار ڪري ڇڏيو ھو. سڀني نيٺ مونکي منٿ ڪئي ته تون ڳالھاءِ. مون سنڌيءَ ۾ حڪيم صاحب سان ڳالھايو ۽ پنھنجو تعارف ڪرايو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو ته حڪيم صاحب وٽس موجود اٺ ڏھه بوتلون منھنجي حوالي ڪري ڇڏيون ته جيئن مان پنھنجي مرضيءَ سان ڪنھن کي به ڏئي سگھان. اھڙا سوين مثال ٻين ڪيترن ئي دوستن وٽ موجود ھوندا جنھن موجب سنڌي ٻوليءَ ڪنھن معاملي ۾ فائدو ڏنو ھوندو. بلڪل ايئن ئي ڪنھن پنجابي، بلوچ يا پٺاڻ سان سندن مادري ٻولين ۾ ڳالھائبو ته ان جو به اھڙو ئي اثر ٿيندو. مادري ٻولين جي ان بنيادي اھميت کي محسوس ڪندي ڪيترن ئي ملڪن پنھنجي ملڪ جي ھڪ کان وڌيڪ مادري ٻولين کي قومي توڙي سرڪاري ٻولين جو درجو ڏنو آھي. مثال طور سنگاپور ۾ چئن ٻولين مَالَي، مينڊرن (چيني)، تامل ۽ انگريزي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ۽ مَالَي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنل آھي. اُتان جي آئين موجب ڪير به ڪنھن کي ٻيون ٻوليون سکڻ کان روڪي نٿو سگھي. چين ۾ 9، انڊيا ۾ 22، بيلجم ۾ 3، نميبيا ۾ 11، ڏکڻ آفريڪا ۾ 13، اسپين ۾ 5 ۽ سئٽزرلينڊ ۾ 4 ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو حاصل آھي. اھو قدم کڻڻ سان انھن ملڪن جي سماج ۾ مختلف ٻوليون ڳالھائيندڙن وچ ۾ ڇڪتاڻ به گھٽ ٿي آھي. ٻيو اقتصادي فائدو ھيءُ ٿيو ته مقامي ٻولي ڳالھائيندڙ سولائيءَ سان ڪا نوڪري يا روزگار ڳولي سگھي ٿو.

پاڪستان ۾ ٻولين جي صورتحال ۽ تبديليءَ جي ھوا

مون مٿي ذڪر ڪيو آھي ته پاڪستان ٺھڻ کان وٺي ھيل تائين ھتان جي مادري ٻولين کي نظرانداز ڪري اُردوءَ کي عوام مٿان مڙھيو ويو ۽ اھا ئي قومي ٻولي توڙي رابطي جي زبان بڻجي اقتصادي اھميت به اختيار ڪري وئي. ھتان جي ڌرتيءَ ڄاون کي اُردوءَ سان ڪا به دشمني ڪانه ھئي پر سندن مادري ٻولين کي نظرانداز ڪرڻ به پسند ڪونه ھو. اڳوڻي اوڀر پاڪستان (بنگلاديش) جي عوام ته سخت ردِعمل ڏيکاريو ۽ نتيجي ۾ شھادتون به ماڻيون ۽ اڳتي ھلي ٻيو گس نه ڏسي آزاديءَ جي واٽ تي ھلي پيا. مقامي مادري ٻولين کي دٻائڻ واري عمل ملڪ جي سماج ۾ ويڇا ۽ نفرتون پيدا ڪري ڇڏيون ھيون. اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ معاشي وسيلن تي اردو ڳالھائيندڙ قابض ھئا. بنگالي ٻوليءَ کي، جيڪا اُتان جي اڪثريتي ٻولي ھئي، پوئتي ڌڪيو ويو، بجاءِ ان جي ته اُن ٻوليءَ کي عوامي رابطي جي زبان بنائي اُتان جي ڪروڙين ماڻھن تي مشتمل مارڪيٽ تائين پھچجي. پنجاب ته پنھنجي مفادن خاطر پنجابي ٻوليءَ کي پوئتي رکي ڇڏيو ۽ اُردوءَ کي اقتصادي مفادن لاءِ استعمال ڪيو پر سنڌي عوام ان جي مزاحمت جاري رکي. خيبر پختونخواه ۽ بلوچستان جا ساڃاھه وند به ڪنھن حد تائين پنھنجي ٻولين لاءِ جاکوڙيندا رھيا. انھيءَ جدوجھد جو ئي نتيجو آھي جو پاڪستان جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ لاءِ غور ويچار شروع ٿيو آھي. اڳي اھڙي ڳالھه ڪرڻ به ڄڻ ته شرعي گناھه سمجھيو ويندو ھو ۽ اُردو دانن ۽ ٻين مخصوص سوچ رکندڙن پاران فتوائون جاري ٿيڻ لڳنديون ھيون. وقت ۽ حالتون بدلجڻ سان گڏ سوچون به بدلجن ٿيون ته پاليسيون به مٽائڻ اڻٽر ٿيو وڃي. اھڙي تبديلي ان وقت محسوس ٿي جڏھن ميان نواز شريف واري مسلم ليگ پنھنجي منشور ۾ مادري ٻولين لاءِ نيشنل لينگويج ڪميشن جوڙڻ جو وعدو ڪيو. اھو پھريون ڀيرو ھو جو وفاقي سياست جو لباس اوڍي قومپرستيءَ واري نظرئي کي گاريون ڏيندڙ ”پنجابي قومپرستي” ڪندڙن پنھنجي پاليسي مٽائڻ جو سوچيو. ان وعدي تي عمل لاءِ ٿوري گھڻي اڳڀرائي 13 مارچ 2014 تي ٿي جڏھن قومي اسيمبليءَ جي اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ماروي ميمڻ جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ گڏجاڻي ڪئي ۽ ان سموري مامري تي ويچار ڪرڻ کانپوءِ ھڪ ٺھراءُ پاس ڪري قانون، انصاف ۽ انساني حقن واري اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ڏانھن موڪلي ڇڏيو آھي. ڏسجي ته اھا ڪميٽي ڪھڙو ڪمال ٿي ڏيکاري ۽ ڪيترو وقت وٺي ٿي نيشنل لينگويج ڪميشن بل تيار ڪرڻ ۾. ھن ڪميٽيءَ بھرحال مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ تي اتفاق ڪيو جنھن لاءِ گڏجاڻيءَ ۾ سڄي ملڪ مان آيل 35 ميمبرن، تعليمي ۽ ٻولين جي ماھرن وٽ وزني دليل ھئا. ھنن جن مادري ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏيڻ تي ويچار ڪيو انھن ۾ سنڌي، بلوچي، پشتو، پنجابي، بلتي، براھوي، ڪشميري، پھاڙي، سرائڪي ۽ ڪي ٻيون ٻوليون شامل آھن. اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ سرڪاري ءَ قومي ٻوليءَ بابت مونجھاري تي به بحث ڪيو ۽ ان نتيجي تي پھتي ته قومي ٻوليءَ جو درجو ان ٻوليءَ کي حاصل ھئڻ گھرجي جيڪا ماڻھن جي مادري ٻولي آھي ۽ ان جا سماجي، سياسي ۽ ثقافتي پس منظر آھن جڏھن ته سرڪاري ٻولي صرف حڪومتي ڪار وھنوار ھلائڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿي. گڏجاڻيءَ ۾ سنڌ مان پ پ پ جا ميمبر امير علي شاھه ڄاموٽ، عمران ظفر لغاري ۽ سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر مشتاق ڦُل به شريڪ ھئا. ڊاڪٽر مشتاق ڦُل کي تازو سنڌي ادبي سنگت پاران ڪوٺايل قومي ٻولين بابت ڪانفرنس کانپوءِ رابطو ڪري اسلام آباد گھرايو ويو ھو.

سنڌي ٻولي ۽ اُن جي اقتصادي اھميت

مٿين صورتحال کي ڏسڻ سان معلوم ٿيندو ته سنڌي ٻولي اقتصادي اھميت جي سمورين وصفن تي ٺھڪي اچي ٿي. سنڌ ۾ ٽي چار ڪروڙ سنڌي آھن ۽ اھو ھڪ وڏو مارڪيٽ آھي جيڪو ڪنھن به صنعت ۽ ڪاروبار کي بلندين تي پھچائي سگھي ٿو. سنڌي ٻولي پاڪستان جي واحد مادري ٻولي آھي جنھن ۾ ستر کن اخبارون، ٻه ڊزن کن ماھوار، پندرھن وار ۽ ھفتيوار رسالا ڇپجن ٿا. سال ۾ ذري گھٽ ٽي سئو ڪتاب به شائع ٿين ٿا. انھن کانسواءِ پنج ٽي وي چئنل آھن ۽ انھن سمورن ادارن ۾ وڏي تعداد ۾ نه رڳو سنڌي پر اھي ماڻھو به روزگار حاصل ڪن ٿا جن جي مادري ٻولي سنڌي ڪانھي. سنڌي رسالا ۽ ڪتاب توڙي ڪيتريون ئي سنڌي اخبارون انھن پرنٽنگ پريسن ۾ ڇپجن ٿيون جن جا مالڪ سنڌي ڪونھن. ان جو مطلب ته سنڌي ٻولي انھن غير سنڌين لاءِ به اقتصادي اھميت رکي ٿي جو سندن معيشت جو دارومدار سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ڇپجڻ تي آھي. اھڙي طرح ڪپڙي لٽي، صابڻ، ٽُٿ برش کان ويندي زندگيءَ لاءِ گھربل ھر شئي جيڪا ڪنھن به ننڍي يا وڏي ڪارخاني ۾ ٺھي ٿي، چاھي اھا سنڌ جي ڪنھن ڪارخاني ۾ ٺھندي ھجي يا پنجاب ۽ ٻئي ڪنھن صوبي ۾، ان لاءِ سنڌ وڏو مارڪيٽ آھي. اھو ئي ڪارڻ آھي جو ڪنھن حد تائين ڪارپوريٽ ادارا سنڌي اخبارن، رسالن ۽ ٽي وي چئنلن کي اشتھار ڏيڻ لاءِ مجبور آھن. سنڌي گراھڪ ٺاھڻ سندن مجبوري آھي نه ته سنڌي ٻوليءَ ۾ اخبارن ۽ ٽي وي چئنلن کي شايد ھو اشتھار بنھه نه ڏين. اھا ئي سنڌي ٻوليءَ جي اقتصادي اھميت آھي. اڳي خانگي ادارن ۾ سنڌين لاءِ نوڪرين جا در بند ھئا پر وقت گذرڻ سان گڏ انھن ادارن کي سنڌين جي ويجھو اچڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته ڪنھن حد تائين ھو سنڌين کي روزگار ڏيڻ لڳا آھن. اھو به سنڌي ٻولي ۽ اقتصاديات جي ڳانڍاپي جي ڪري.

ھاڻ ڇا ٿيڻ گھرجي ۽ سنڌين کي ڇا ڪرڻ گھرجي

جڏھن اقتداري ايوانن ۾ مادري ٻولين بابت پاليسيءَ جي تبديليءَ جي ھوا لڳڻ لڳي آھي، تڏھن سنڌين کي اقتداري ڌرين مٿان دٻاءُ وڌائڻ گھرجي ته مادري ٻولين کي نه رُڳو قومي ٻولين جو درجو ڏين پر انھن جي اقتصادي اھميت کي به نظر ۾ رکندي ٻولين بابت پاليسي ٺاھي ھر سال بجيٽ ۾ انھن ٻولين جي ترقيءَ لاءِ رقمون رکن. رقمن جو تعين مادري ٻوليون ڳالھائيندڙ آباديءَ جي تناسب سان ڪيو وڃي جنھن ۾ انھن ٻولين جي معيشت ۾ حصي کي به نظر ۾ رکڻ گھرجي. اقتداري ڌرين تي دٻاءُ وڌائڻ سان گڏ سنڌين تي به وڏي ذميواري اچي ٿي ته اھي پنھنجي ٻوليءَ جي وسعت کي اڃا وڌائين، وڌ ۾ وڌ سنڌي ڳالھائين، سنڌي اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب وڌ ۾ وڌ خريد ڪن ۽ پڙھن، سنڌي ٽي وي چئنل وڌيڪ ڏسن، سنڌي سرمائيدارن، ڪارخانيدارن، ڪاروبارين، دڪندارن وغيره جون شيون خريد ڪن ۽ استعمال ڪن. ايئن ھو سنڌي ٻوليءَ جي اقصادي سگھه کي اڃا وڌائي سگھندا ۽ سنڌي مارڪيٽ کي سگھارو ڪندا. ان کي قومي ذميواريءَ جو اھم حصو سمجھي “مُرڪو به سنڌيءَ ۾” نعرو بلند ڪن. اھو نعرو سنڌ م سنڌين لاءِ اقتصادي انقلاب جو بنياد وجھي سگھي ٿو.

(خاص افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو