Home / ايڊيٽوريل / سنڌ تاريخ جو سڏ، هيل به ورنائيندي!
above article banner

سنڌ تاريخ جو سڏ، هيل به ورنائيندي!

Mar-31-2014

سنڌ جي روايتي وطن دوست، قوم پرست ۽ سيڪيولر ڌرين پاران سالن کان مذهبي آزادي ۽ رواداري جي فڪر جي ڦهلاءَ کانپوءِ بلاول ڀٽي زرداري جو به طالبان توڙي مذهبي شدت پسندي تي سنڌ ۽ انسان دوست موقف اختيار ڪرڻ ساراهه جوڳو آهي پر سنڌ کي وڌندڙ انتهاپسندي کان بچائڻ لاءِ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي. سکڻين ڳالهين سان ڪو به طعام تيار ناهي ٿيندو، ٻارڻ لاءِ ڪاٺيون ۽ پچائڻ لاءِ هنڊي ڏوئي هٿ ڪرڻي پوندي آهي.

سڀ کان اول ته اها ڳالهه ذهن نشين ڪرڻ گهرجي ته سنڌ ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي ڪو اتفاقي عمل ناهي. ان پٺيان جيڪي به هٿ آهن تن کي “ڳجهن هٿن” ۽ ڪي “طاقتور هٿن” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. اهي طاقتور هٿ پنهنجي ٽڪساٽ کي قائم رکڻ لاءِ مذهبي نظرئي کي همٿائڻ تي مجبور آهن. مذهبي، خاص طور تي انتها پسند، قومپرستي سندن نظرياتي اتحادي آهي. کين سنڌ جي صوفي ۽ وطن دوست مزاج مان هميشه خطرو رهيو آهي. سنڌ سڄي مسلم امت جو ٺيڪو کڻڻ بجاءِ پنهنجي فڪر ۾ پوري آهي. مٿان سنڌ ۾ قدرتي وسيلن جا ذخيرا وڃن ٿا ظاهر ٿيندا تنهن ڪري ملڪ جي مالڪن کي ان ڳڻتي اچي ورايو آهي ته سنڌين سڀ ڀائر آهيون جي سُتي وساري حساب ڪتاب وٺڻ ۽ گهرڻ شروع ڪيو ته “وڏي ڀاءُ” وٽ ڇا بچندو؟

ڇو ته “اُمتي” نظريا ڪُل اُمت جي هڪ هجڻ جي ڳالهه ڪن ٿا جن سان استحصال تي ٻڌل موجوده Statuesque کي سگهه ملي ٿي. ليکو گهرڻ بند ٿي وڃي ٿو. اهو ئي سبب آ ته گذريل پنجن ڏهن سالن ۾ عرب ملڪن توڙي مقامي شاهوڪارن جي ڏوڪڙن مان، ڳهجن هٿن جي مدد سان سنڌ ۾ اهڙا ادارا جڙڻ شروع ٿي ويا آهن، اهڙيون سرگرميون شروع ٿي ويون آهن جيڪي سنڌ جي صوفي ۽ وطن دوست سماج ۽ سياست لاءِ اڳتي هلي چئلينج بڻڻيون آهن.اهو ته ٿيو طاقتور ڌرين جو پلان. اسان ماڻهو، جيڪي ان راند مان متاثر ٿيڻا آهيون سي ڇا پيا ڪريون؟ اهو آهي اصل سوال!

اوهان جڏهن اها ڳالهه ڪندو ته سنڌ ڪهڙي ويل، ڪهڙي ڏچي ۾ آهي ته اوهان کان سوال ٿيندو ته اوهان تي ته اوهان جا ئي چونڊيل ماڻهو حڪومت ڪن پيا ۽ اهي پاڻ کي لبرل توڙي جمهوريت پسند سڏين ٿا، انهن کان ڇو نه ٿا پڇو ته سنڌ ۾ مذهبي انتها پسند تنظيمن جو اثر ڇو وڌي رهيو آهي؟ ڇو انتها پسندي ۾ ملوث ماڻهن جي پڪڙ نه ٿي ٿئي؟ سنڌ پوليس ۽ پ پ حڪومت جي ماتحت ڪم ڪندڙ ڳهجن ادان کي انتها پسندن کي ڳولڻ پڪڙڻ کا ڪنهن جهليو آهي؟

پ پ جي خراب حڪمراني سبب سنڌ ۾ جيڪا سماجي افراتفري وڌي آهي، صحت، تعليم ۽ امن امان جي جيڪا صورتحال آهي ان سان ٻه نقصان ٿي رهيا آهن: هڪ طرف سنڌي ماڻهن جو معيار زندگي خراب کان خراب تر ٿي رهيو آهي ٻئي طرف اهي قوتون جيڪي سنڌ جي مذهبي رواداري واري سماج ۾ کاٽ هڻي ويهڻ چاهين ٿيون تن کي نه رڳو وٿي ملي ٿي وڃي بلڪه کين اهڙا کوڙ رضاڪار ملي ٿا وڃن جيڪي پنهنجي آسپاس براين جو ذميوار سياسي ڌرين کي سمجهن ٿا، رد عمل طور مذهبي انتهاپسندي جي خيالن جي پناهه ڳولن ٿا. پ پ جي ڇهه سالن جي حڪمراني هزارين اربين رپين جي خرچ کانپوءِ به جيڪڏهن ڪنهن غريب جي ٻار وٽ علم حاصل ڪرڻ لاءِ مدرسي کان سواءِ ڪا ٻي واهه ڪونهي ته ان ٻار ۽ سندس مٽن مائٽن جو ڪو به قصور ڪونهي. اهو ته دادو واري تعليم جي پير، وزير کان پڇو ته سندس دنيا سنورجڻ جو قيمت سنڌ جو ٻار اسڪولن کان ٻاهرڌڪن ٿاٻن ۾ رهي ڪيئن ادا ڪندو رهندو. سنڌ جي گهرو کاتي ڪجه سال اڳ اهڙن مدرسن جي نشاندهي ڪئي هئي جيڪي انتها پسندي جو ڳڙھ آهن. انتهاپسندي ڦهلائيندڙ مدرسن ۾ نظرياتي تي ڪوڙ ڪيون هڻي ويٺل ملا عمر، ايمن الزهواري جا مٽ مائٽ ته پير مظهر ۽ سندس پارٽي جا ٿورائتا رهندا جو انهن سندس ڪم ۾ آساني ڪري ڏني ۽ ٻيو ته بلاول جي پارٽي حڪومت ۾ آهي ۽ کين ڪنهن منع ڪيو آهي ته مذهبي انتهاپسندي کي همٿائيندڙ مدرسن توڙي جماعتن کان پڇاڻو نه ڪن؟

هاڻ پاڻ کان سوال ته جيئن لطيف سرڪار سسئي واتان چورايو هو ته “ اٺ ويري، اوٺاري ويري، ويري ٿيئڙم ڏير، چوٿون ويري واءُ ٿيو جنهن لٽيا پنهون پير…” تيئن سنڌ جي وطن دوست صوفي سماج جا ويري ته کوڙ ٿيا، پنهنجا ، پراوا ، هر طرف ويري، پر جيڪي پاڻ کي وطن دوست ۽ روشن خيال سمجهن ٿا تن جو ان صورتحال ۾ ڪهڙو ڪردار بيهي ٿو؟

گذريل مهيني سوا ۾ هڪ سلسلي ۽ ترتيب سان سنڌ جي مختلف حصن ۾ اهڙا واقعا ٿيا آهن جن سان سنڌي سماج جي سيڪيولر هجڻ جي دعويٰ مٿان آڱريون کڄيون آهن. ڪٿي مذهبي عبادتگاهن کي نقصان رسايو ويو آهي ته ڪٿي عقيدي جي بنياد تي فساد ڦهلائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن سنڌ جون وطن دوست ڌريون همت ڪن ته نه رڳو سنڌ کي بدبودار جاگيردارن کان متبادل اڳواڻي ڏئي سگهن ٿا بلڪه وطن دوست فڪر ۽ جذبي سان نفرت ۽ ڪروڌ تي ٻڌل جنونيت جي لهر کي به روڪي سگهن ٿا.

ان سلسلي ۾ سنڌ جي هر فرد کي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري سنڌ جي گيڙو ورتل روح کي جنوينت کان درپيش چيلينج کان بچائڻو پوندو. اوهان ڪٿي به آهيو، هڪ ته ان راءِ بابت چٽائي ڪيو ته عقيدو، بندي ۽ ڌڻي وچ ۾ معاملو آهي. رياست ۽ مذهب هڪ ٿي وڃن ته دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ خود مسلمان اقليت قرار ٿي متڀيد جو شڪار بڻجي ويندا. هي فتوا باز ماڻهو فساد ڦهلائڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه نه ٿا ڪن. 

ٻيو ته سنڌ جا سياسي، معاشي مفاد سڀني پارٽين ۽ جماعتن ۽ سندن منشورن کان مٿاهان آهن. ڀل ڪنهن کي ڪشمير فتح ڪرڻو آهي. چيچنيا کي روس کان آزاد ڪرائڻو آهي يا ملا عمر سان گڏ ڪابل تي ڪاهه ڪرڻي آهي،سنڌ کي پنهنجا کوڙ ڏک سور آهن جن کان کيس پنهنجو پانڌ آجو ڪرائڻو آهي. سنڌ جا پنهنجا حق ۽ وسيلا به سندس وس نه آهن ته پوءِ ٻين جي فڪر ۾ علم بلند ڪرڻ جو مطلب انهن تان ڌيان هٽائڻ آهي جيڪي سندس نڙي تي لت رکيو ويٺا آهن.

سو منهنجا سائين. صورتحال ڏکي ضرور آهي پر ان کي ٽارڻ نه رڳو ممڪن آهي پر تاريخ جو بار به آهي. ڇا چوندا آهن ته “مهلون مڙسن تي ئي اينديون آهن” مڙسن مان مراد مرد نه پر همت واري ئي آهي، همت رڳو جنس تائين محدود ناهي، ڏسجي ته سنڌي عورت مرد جي ڀيٽ ۾ انتها پسندي جو بهتر تدارڪ ڪري سگهي ٿي. ۽ سنڌ جڏهن ايوبي مارشلا، ضيائي بربريت ۽ مشرف جهڙي واڳون سان ملهه ڪري، کين دسي آئي آهي ته پوءِ سندن نظرياتي اولاد ڪا وڏي ڳالهه ڪونهن! جنرل ايوب جو ون يونٽ ڪنهن ٽوڙايو؟ سندس خلاف اٿيل تحريڪ جي سرواڻي ڳڙهي خدابخش جي ڀُٽي ڪئي. جنرل ضيا لاءِ ايم آر ڊي جو ممڻ ڪنهن مچايو؟ مشرف جي ڪاري ڊيم جي پلان جي ڦوڪڻي مان هوا ڪنهن ڪڍي؟

سو، هيل به اوهان ڏسجو ته سنڌ هن طلسم، هن ٽڪساٽ جو خاتمو ڪري ڪيئي ٿي پنهنجي ۽ پرائي جان ڇڏرائي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو