Home / ڪور افيئر / سنڌ جي تصوف کي تيلي!
above article banner

سنڌ جي تصوف کي تيلي!

23

لاڙڪاڻي واري ڳالهـ اڃا اتي ئي هئي تـ ، وري حيدرآباد ۾ ڪالي ماتا جي مندر سان هٿ چراند ٿي . اڃا انهي تي همدردن ڦوٽو ڪڍرائي جذباتي اسٽيٽس سان فيس بڪ تي اپلوڊ ڪري دنگ ئي نـ ڪيو تـ وري همراهن کي خبر پئي تـ پارڀرم واري ڀٽ تي ڏاڏي پارڀرم آشرم سان هٿ کينس ٿي آهي سو اهي همراه حيدر آباد مان پاڻ کڻائي اچي پارڀرم واري آشرم تي ويڙهي جهپ پهتا موبائيل تي انٽر نيٽ واري سهوليت ڪمال ڪري ڇڏيو آهي سو وري ٺا ٺڪ اچي ويا انهن همراهن جا ويڙهي جهپ وارا ڦوٽو فيس بڪ تي ڪمينٽس ٿي ويا، وٺ وٺان همدرديون هندن جي آسٿان سان هٿ چراند ، بس سڀني کي مذهبي انتها پسندي جو رنگ چڙهي ويو. الاهي ڪهڙو واءِ وريو آهي جو اڄ ڪلهـ مذهبي انتها پسندي وارو رنگ چڙهندي دير ئي نٿي ٿئي. بس وٺو وٺ ٿيو وڃي . ڳالهـ جي بنا ڪا اڳ پٺ ۽ نفعي نقصان کي ڏسڻ جي دير ئي نٿي ٿئي. اڄ ڪلهـ انهي وکر جو مارڪيٽ ۾ لڳي ٿو واپار نفعي بخش ٿي ويو آهي .انهي ڪاروبار ۾ ڪامپيٽيشن بـ جام پيو نظر اچي. ۽ هر ڏس کان سيڙپڪاري بـ ٿئي پئي. سمجهڻ وارا سمجهن بـ پيا تـ اهو ڪاروبار نيٺ آخر ڪهڙا نتيجا ڏيندو. پر واپاري سڀاڻي جي بجاءِ اڄ جي فائدي جو سوچي سر جي بازي لڳائي ويهي رهيا آهن . انهن جا خيال صوفين وارا آهن چون ٿا جيڪو آهي سو اڄ آهي سڀاڻي ڪنهن ڏٺي آهي . سو ويچارا لڳا پيا آهن.
ملن کي هٿ سامهون ڪرڻ وارن جي سڀني کي خبر آهي تـ انهن کي جيڪي ڀلي پار مان ڀريون ٻڌي پيا موڪلن . جن جي سيڙپ ڪاري جا جيڪڏهن ڪنهن کي نشان ڏسڻا آهن تـ ٿر ۾ مهندري جي پار کان وٺي ڏيپلي جي ٻهراڙين ۾ وڃي ڏسن . اها سيڙپڪاري ايتري تـ ڪامياب وئي آهي جو هاڻ هتان جا ڏسڻ وائسڻ جهڙا نالا بـ انهي ڪاروبار ۾ مک آهن . سو اهو تـ روڪيو ڪونـ رڪبو. ڇو جو انهي ۾ هتان جي سموري طاقت هيٺان کان مٿي انهي ۾ شامل ٿي چڪي آهي ۽ اهو انهي ڪري جو چوڻ وارا ايئن بـ چون پيا تـ ڀلي پار کان سواءِ ڌر ڌڻي بـ انهي ۾ ڀاڱي ڀائيوار آهن. اهو سڀ ڪجهـ ٿئي ئي ڌر ڌڻين جي رضا خوشي سان پيو. ائين سمجهو اهي ئي ڪرائن پيا. بس انهي جي ڪاميابي اها آهي تـ جن هٿ سامهون ڪيو آهي انهن جي رهنمائي مان هڪڙو اهڙو مڪمل نسل تياري هيٺ آهي جنهن لاءِ هي فاني جهان ڇڏڻ کانپوءِ وري لا فاني جي ڪاميابي لاءِ سر جي قرباني ۽ هٿ ۾ هٿيار کڻي ڏجي تڏهن ئي هن فاني جو سفر سڻايو ٿيندو.
مخالف ڌر اسان جي اقليتي ڀائرن تي جيڪا سيڙپ ڪاري ڪئي پئي وڃي. انهي ۾ ڪمزورن سان ڪا همدردي ڪونهي . هن کي صرف هٿيارن کي سامهون ماڻهو کپي اها صرف انهي هٿيار کي گهربل ماڻهو لئـ انهي ۾ ايتري سگهـ چاهي ٿي هن جي سيڙپ ڪاري رڳو انهي لئـ آهي جي هٿيار کي سامهون ڪير هوندو ئي نـ تـ پوءِ هٿيار جو فائدو بس پر انهن جي سيڙپ جنهن طريقي سان ٿي رهي آهي اها اهين سمجهو تـ هنن جي مقصد لاءِ ڪاميابي آهي . انهي سڄي ماحول ٺاهڻ وارن کي انهي ماحول ٺاهڻ ۾ ڪهڙو فائدو آهي . يا هو اهو ماحول ٺاهي ڇا حاصل ڪرڻ چاهن ٿا . انهي جي خبر وري پارکن کان پڇبي.
ملن جي سيڙپ ڪاري تـ صفا هيٺين سطح تائين ٿي وئي آهي. هنن پنهنجي جڙ مضبوط ڪري ڇڏي آهي . ۽ ڪن بـ ڇو نـ وڏو وقت لڳو اٿن انهي منزل تي پهچڻ لاءِ پر اقليتن واري سيڙپ کي هڪ تـ ايترو عرصو ناهي ٿيو ٻيو وري انهن جي سيڙپ ڪاري بـ هيٺين سطح جي بجاءِ مارڪيٽ جي ماڻهن تي ٿي آهي، جيڪي مارڪيٽ جو اهين سمجهو وکر آهن. انهن جي خبر بـ تيزي سان ڦهلجي ٿي پر انهي جو اثر مٿي تـ وڃي ٿو پر هيٺ نـ .انهي ڪري اها سڄي گهوڙا پٽ ميڊيا ۾ آهي. جيڪا فيس بڪ تي اپلوڊ ڪرڻ کان وٺي پرنٽ ميڊيا ۾ خبر لڳرائڻ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ پٽي هلائڻ تائين آهي. هنن کي کپي بـ ايتري ٿي جنهن سان ٻاهر ويٺلن جون همدرديون بـ حاصل ڪجن ۽ ڪجهـ ڪک سائي ڪري گاڏي جو تيل پاڻي ڪجي.
هاڻ انهي ڳالهـ کي سمجهڻ وارا تـ سمجهيو ويٺا آهن پر جن تي سيڙپ ڪاري ٿئي پئي، يا جيڪي ڪن پيا انهن کي روڪي ڪير هتي وڏي ۾ وڏو سوال اهو آهي ۽ ڇا ڪير روڪڻ چاهي تـ روڪي سگهندو. هڪ تـ انهي عمل کي جن ڌرين کي روڪڻ کپجي اهي اقليتن جي ڌر ٿي بيٺا آهن.

22
انهي عمل ۾ سڀ کان اهم رول انهن پيراڻين گادي نشينن جو ٿئي ٿو جيڪي پاڻ واري هن سنڌ جي تصوف جا والي وارث آهن. اهي اسان جا سڳورا الائي ڪٿي هُجرن ۾ آرامي آهن. ٻي ڪنهن ڳالهـ تي هنن جو ڪو ڪردار هجي يا نـ هجي پر انهن وڏن مقبرن ۾ آرامي ماڻهن سان سنڌ پيار رڳو انهي ڪري ڪري ٿي تــ اهي تصوف جا پيرو ڪار نـ پر انهي تي عمل ڪندڙ هئا. جيڪڏهن موجوده گادي نشين انهن جي گادي تي جلوه افروز آهن تـ انهن جي انهن رسالن واري فڪر ۽ ملفوظات جا حقيقي مالڪ ٿين ۽ هن ڏکي دور ۾ سنڌ کي مذهبي انتها پسندي مان ڪڍڻ لاءِ ڪا گڏجي واٽ ڪڍن، هي انهن جي ئي فيلڊ آهي ۽ اهي ئي ڪري سگهن ٿا. اڏيري لعل، پٿوري، قلندر ۽ لطيف کان سواءِ سنڌ ۾ هزارين درگاهن جا گادي ڌڻي پنهنجي مريدن سان گڏجي سنڌ کي اهو سبق ياد ڏيارين جيڪو سبق سنڌ جي رڳن ۾ پيڙهين کان آهي. ڇا اهي همراه هجرن مان نڪري مريدن کي ساڻ ڪري ديدار ڪرائڻ کان اڳتي جو پنڌ ڪندا . هي عقيدي جو ئي مسئلو آهي انهي ڪري هن مسئلي کي عقيدي وارا اهي همراه ئي حل ڪندا. ٻيا آهن مذهبي عالم جيڪي هاڻ اسان کي تـ ڳوليا نٿا لڀن. جيڪي مذهب جي فلسفي کي معين ٺاري وانگر سمجهندا هجن.
هاڻ اچو ٻي ڌر تي اها آهي اسان جي سول سوسائٽي جيڪا سولائيز الائي آهي يا ناهي . جي ناهي تـ الاهي ڪڏهن ٿيندي ، جيڪا لبرل بـ سڏائي ٿي . پر اها ايتري تـ ري ايڪٽري آهي جو اسان جي اقليتي ڀائرن تي ڪک نٿي سهي. نـ سهڻ کپجي اڪثريت کي اقليت جو خيال رکڻ کپي پر اها سوسائٽي انهي مسئلي جو حل ناهي . اتي وڃي ڦوٽو ڪڍرائي فيس بڪ تي اپلوڊ ڪرڻ سان مسئلو حل نـ ٿيندو. ۽ انهي جو رويو اڪثريت ڏانهن نفرت وارو آهي. اها هڪڙي اقليت کي اڪثريت جي سامهون ٿي بيهاري . هن هيڏي سڄي مسئلي کي اڃا اسان واري سول سوسائٽِي ايئن ٿو لڳي سنجيده ئي ناهي ورتو. حقيقت ۾ سول سو سائٽي کي سنجيده وٺڻ کپي .
اچو ٻي ڳالهـ تي تـ ڇا اها اهي ئي نرسري ڪري رهي آهي جيڪا هيٺ تيار پئي ڪئي وڃي. يا اسان جي سهپ جي ٽيسٽ پئي ورتي وڃي . لاڙڪاڻي واري مسئلي ۾ ملوث ڄاڻايل همراه بـ ڪنهن مذهبي جماعت جو سرٽيفڪيٽ يافته آئوٽ لڪ رکندڙ نـ هو . ۽ نـ ئي وري ويڙهي جهپ وارن همراهن جو ڪو جذباتي مذهبي لڳاءُ وارا هئا. پوءِ جيڪڏهن اهي هتان جون مذهبي جماعتون ئي ڪرائي رهيون آهن تـ اهي پاڻ تـ ظاهر نظر نٿيون اچن . ڪٿي ايئن تـ ڪونهي جو هڪڙي کي خوار ڪيو پيو وڃي ٻي کي تباه ڪرڻ لاءِ انهن مسئلي جي تهـ تائين پهچڻ جي ضرورت آهي گهٽ ۾ گهٽ ويڙهي جهپ وارو مسلو مذهبي ناهي هن کي اهو رنگ ڏنو پيو وڃِي .
ڪنهن بـ مذهب جي عبادت گاهن سان هٿ چراند يا مهذب سمجهيون ويندڙ جاين سان کونس انتهائي خراب عمل آهي پر اهو ڪير پيو ڪرائي انهي کي جهلجي ڪو مذهب آهي يا ڪنهن جو انفرادي عمل آهي يا اڃا ڪا ٽين ڌر آهي. سوچي سمجهي عقلي بنيادن تي مسئلو حل ڪرڻ کپي. مسئلي کي اڇالڻ ۽ هر هر مذهبي رنگ ڏيڻ سان اقليتون هيسجن بـ ٿيون ۽ انهي جو نقصان بـ اقليتن کي ٿئي ٿو. اڪثريت ۾ اجائي همٿ پئي پئدا ڪئي وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو