Home / سياسي افيئر / سنڌ ڪمائي پر سنڌ نه کائي !
above article banner

سنڌ ڪمائي پر سنڌ نه کائي !

ab

“ٿر ۾ مند موٽي آئي آهي، ٿر تي مينهن وَٺا آهن. ٿر سڄو سرسبز ٿي ويو آهي، هر پاسي مور ٽهوڪا پيا ٻڌجن، ٿر هينئر گهمڻ وٽان آهي”. 

“ٿر ۾ ڏڪار پيو آهي، ٿر ۾ پاڻي ڪونهي، ٿر ۾ گاهه ڪونهي، ٿر ۾ اناج جي کوٽ آهي، مور مري رهيا آهن، مال مري رهيو آهي، انسانن کي کائڻ لاءِ کاڌو ڪونهي، مائرن جا سينا سڪي ويا آهن، ٻار بک ۽ بيماري وگهي تڙپي ساهه ٿان ڏين، اسپتالون يا ته آهن ڪونه، آهن ته بند پيون آهن، کليل آهن ته دوائون ڪونهن.” 

هڪڙو ٿر، ٿر کان ٻاهر رهندڙن لاءِ آهي، ٻيو ٿر، ٿر واسين جو آهي. پهريون ٿر انهن لاءِ آهي جيڪي ٿر جون نعمتون Enjoy ڪرڻ (مزو وٺڻ) اچن ٿا. جڏهن ته ٻيون ٿر انهن لاءِ آهي جيڪي ٿر جون مصيبتون ڀوڳين ٿا.

ٻاهران اچي مزو وٺندڙن ۾ رڳو “ٻاهريان” (غير سنڌي) ئي ناهن هوندا پر سنڌي وڏيرا ۽ ڪامورا به پنهنجي زالن ۽ ٻاهرين مهمانن کي تفريح ڪرائڻ لاءِ هتي ايندا رهندا آهن. پر انهن سڀني جي نظر رڳو ٿر جي طبعي ۽ ماحولياتي شين تي هوندي آهي، اتي جي انسانن سان انهن جو ڪو واسطو ناهي هوندو. ٿر جي ماڻهن جي پيٽ ۾ ٻرندڙ باهه، وسامندڙ اکين، جهرندڙ جسم، تڙپندڙ ٻارن ۽ ڳهندڙ ٻڍن جي انهن سير ڪندڙن وٽ ڪا اهميت ناهي هوندي. اڳي اهي صرف تفريح ۽ ذهني راحت لاءِ هتي ايندا هئا پر هاڻي انهن جا مالي مفاد وڌيڪ اهميت وارا ٿي ويا آهن. پهرين سنڌ جي ماضي جي تاريخ جي امين ۽ روپلي ڪولهي جي حب االوطني جي علامت ڪارونجهر جبل جي پٿر ۽ هاڻي ٿر سميت سنڌ جي ايندڙ نسلن جي مستقبل کي روشن ڪندڙ ڪاري سون (ڪوئلي) تي قبضي جون ڪوششون جاري آهن.

26

مقابلي واري ميڊيا، خاص ڪري ٽيليويزن چئنلن، جي ڪري ٿر واسين جي دوزخ جهڙي زندگي جي جهلڪ پهريون دفعو عام دنيا جي آڏو خاص ڪري انهن ماڻهن جي آڏو آئي آهي، جيڪي پاڻ جنت جهڙي زندگي گذاريندا آهن. نه رڳو ٿر جي انسانيت سوز صورتحال انهن جي سامهو آهي پر ان صورتحال جي پيدا ٿيڻ ۾ انهن جو حصو ۽ ڪردار به چٽو ٿي دنيا جي سامهون آيو آهي.

ٽيليويزن جي پردي تي سڏڪي سڏڪي ساهه ڏيندڙ ٻارن جون تصويرون اچڻ کانپوءِ همدردي جي خوبصورت لفظن جي تراني ۽ امداد جي گاڏين جا ٽولا ڪراچي، لاهور، اسلام آباد ۽ ٻين شهرن کان ٿر جي بيابانن ڏانهن منهن ڪندي نظر اچن ٿا.

پر هتي بنيادي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ جي هن خوبصورت خطي ٿر جا ماڻهو همدردي جا مستحق آهن؟ ۽ ڇا انهن جو مقدر اهو آهي ته شهرن ۾ رهندڙ ماڻهو پنهنجي ضرورت کان بچيل کاڌا ۽ پنهنجي بدن تان لٿل ڪپڙا انهن کي خيرات ۽ امداد طور ڏين؟ ان کان سواءِ ان ڳالهه جي به ضرورت آهي ته ميڊيا جنهن ان مصيبت ۽ تباهي کي آڏو آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو اها رڳو امداد ۽ همدردي جون خبرون ۽ تصويرون نه ٻڌائي ۽ ڏيکاري پر ان امداد ۽ همدردي جي اهميت ۽ اصليت ۽ انهن ماڻهن ۽ ادارن جي ڪردار بابت تجزيا ۽ ڇنڊ ڇاڻ پيش ڪري.

ٿر ۾ هن وقت جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪا ڏڪار جهڙي صورتحال پيدا ٿي آهي اها ڪا اوچتي مصيبت ناهي، نه ئي اهو ڪو وقتي مسئلو آهي. اها اهڙي ڳنڀير ۽ خطرناڪ صورتحال نه ته ڪنهن هڪ، ٻن يا ٽن فردن جي “ڪو تاهي” يا “نااهلي” جي ڪري ٿي آهي ۽ نه ئي ڪن فردن کي “هٽائڻ” ان مسئلي جو حل آهي. ان جو سڌو سنئون تعلق پاڪستان جي رياستي جوڙ جڪ سان، حڪمرانن جي طريقئه حڪمراني سان ۽ سنڌ جي وڏيرن، پيرن، ميرن ۽ جاگيردارين جي ڪردار سان آهي.

پاڪستان جي جوڙجڪ ۽ ان جو ڪردار هڪ نو آبادياتي (Colonial) رياست وارو آهي. جنهن ۾ پنجاب حاڪم آهي ۽ ٻيا سڀ محڪوم ۽ جتي سمورا فيصلا پنجاب جي مفاد ۾ ۽ ان جي مرضي سان ڪيا وڃن ٿا. ان سج جهڙي روشن حقيقت جي نشاندهي اسان قومپرست ته اڳ ۾ ئي ڪندا رهيا آهيون پر هاڻي اقتداري ايوانن کي ويجهو، لاهور ڪراچي ۽ اسلام آباد ۾ رهندڙ پاڪستان جا “ سچا خير خواهه” ليکڪ، صحافي ۽ دانشور به ان حقيقت کي تسليم ڪندي ان جو اظهار ڪري رهيا آهن. اهو ئي سبب آهي ته پنجاب ۾ ڏينهون ڏينهن ترقي ٿي رهي آهي ۽ سنڌ هر گذرندڙ ڏينهن سان تنزلي ۽ تباهي ڏانهن وڌي رهي آهي، جنهن جي صرف هڪڙي جهلڪ ٿر جي صورتحال آهي. هڪ ئي وقت پنجاب ۾ کربين روپين جا ترقياتي منصوبا يا شروع ڪيا پيا وڃن ۽ سنگاپور، ڪوريا ۽ ترڪي سان ڪلها گسائڻ جا اعلان پيا ٿين پر سنڌ جا ٿر جهڙا علائقا ارڙهين اڻويهين صدي جي اونداهي دور ۾ ساهه کڻي رهيا آهن جتي نه روڊ آ نه پاڻي آ، نه اسڪول آ، نه اسپتال آ، نه دوا آهي نه ڊاڪٽر آ. اڄ جي دور ۾ ترقي جو دارو مدار توانائي تي آهي ۽ توانائي جا ٽي اهم ذريعا سنڌ ۾ آهن. سنڌ پاڪستان ۾ تيل جو 60 سيڪڙو، گئس ۾ 70 سيڪڙو ۽ ڪوئلي جو 95 سيڪڙو ڏيندڙ آهي جڏهن ته انهن سڀني جو استعمال سڀ کان وڌيڪ پنجاب ٿو ڪري. يعني ڪمائي سنڌ ۽کائي پنجاب. ان کي ئي نو آباديت (Colonialism) يا غلامي چئبو آهي ان کي ڪي سڱ يا هاٿيءُ جهڙا ڪن ڪو نه ٿيندا آهن ۽ ان 95 سيڪڙو ڪوئلي جو 95 سيڪڙو ٿر ۾ آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته دنيا جو ڇهون وڏو ذخيرو آهي ۽ ٽن صدين تائين پاڪستان جون بجلي جون ضرورتون پوريون ڪندو. ايڏي دولت جي مالڪ ٿر جي وارث ٿري ماڻهن جي حالت اها آهي ته انهن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻي ڪونهي ۽ ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ ان ڪونهي. ان ڪونهي ته مائرن جي سيني ۾ ٿڃ ڪانهي، ٿڃ ڪانهي ته ٻارن ۾ مزاحمت جي قوت ڪانهي ۽ پوءِ جڏهن بيماريون انهن تي حملو ڪن ٿيون ته بچاءِ لاءِ ڊاڪٽر ۽ دوا ناهي ۽ پوءِ اهي ٻار مائرن جي جهولين ۾ تڙپي ساهه ٿا ڏين. ٿر جي ماڻهن جي گذر سفر جو واحد مستقل ذريعو چوپايو مال بک ۽ اڃ وگهي هزارن جي تعداد ۾ مري رهيو آهي.

هڪ طرف اها صورتحال آهي ته ٻئي طرف ان ئي ٿر ۾ اربين رپين جي لاڳت وارا عالمي معيار وارا هاءِ وي ٺهي رهيا آهن ۽ کربين رپين جي خرچ سان بجلي جا منصوبا تيار ٿي رهيا آهن اهو ان ڪري ته ٿرپاڪر مان نڪرندڙ ڪوئلي کي “پاڪستان جي دولت” قرار ڏنو ويو آهي. ٻين لفظن ۾ ته پاڪستان جي حڪمرانن کي سنڌ جي وسيلن سان ته دلچسپي آهي سنڌ جي ماڻهن سان نه. اتي مونکي هڪ اڳوڻي فوجي جرنيل ٽڪا خان جا لفظ ياد ٿا اچن، جڏهن (اوڀر) بنگال تي فوجي چڙهائي ڪرڻ وقت هن چيو هئو ته “ اسان کي بنگال جا ماڻهو نه پر بنگال جي ڌرتي کپي”. هي اهو ئي جنرل ٽڪا خان آهي جيڪو اڳتي هلي ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت ۾ آرمي چيف ۽ دفاع جو وزير ۽ بينظير جي دور ۾ پيپلز پارٽي جو جنرل سيڪريٽري ٿيو.

ان ڳالهه جو ٻيو ثبوت اهو آهي ته پاڪستان جون ٻئي اقتداري ۽ اسٽيبلشمينٽ جون وفادار جماعتون مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي ٿر جي ڏڪاريل ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي معاملي تي ته هڪٻئي سان وڙهي رهيون آهن ۽ سنگين الزام هڻي رهيون آهن پر ٿر جي وسيلن تي قبضي ۽ ڦرلٽ جي معاملي ۾ ٻئي هڪ ٻئي سان هٿ هٿ ۾ ڏئي اتحادي بڻيل آهن. دنيا ڏٺو ته ڪيئن ڏڪار جي ظاهر ٿيڻ کان رڳو هڪ مهينو اڳ ۾ ٻنهي پارٽين جا ليڊر مسٽر نواز شريف ۽ مسٽر آصف زرداري ٿر جي ۽ سنڌ جي دولت ڪوئلي تي قبضي ڪرڻ جي منصوبي جو گڏجي افتتاح ڪري رهيا هئا ۽ دنيا ان تي حيران آهي ته انهن ٻنهي کي ان وقت ٿر ۾ ڏڪار واري صورتحال ڇو ڏسڻ ۾ ڪا نه آئي. پر اسان کي ان تي ڪا حيرانگي ڪانهي ڇاڪاڻ ته اسان نو آباد يت جي هيئت ۽ ان جي قبضي گيري ۾ ڦرلٽ واري ڪردار کان چڱي ريت واقف آهيون.

پيپلز پارٽي جيڪا گذريل43 سالن دوران وري وري حڪومت ۾ ايندي رهي آهي ۽ گذريل 6 سالن کان لاڳيتو سنڌ ۾ حڪمران آهي ان جو ڪردار ظالماڻو ۽ رويو انتهائي شرمناڪ آهي. پ پ وارا چوندا آهن ته سنڌي ماڻهو اسان کي ووٽ ڏين ٿا. ان جي معنيٰ ته اسان جو ڪردار صحيح آهي تنهن ڪري ٻين، خاص ڪري قومپرستن، کي تنقيد جو حق ناهي، اها ته بلڪل مڃڻ جهڙي حقيقت آهي ته سنڌي ماڻهن جو وڏو انگ ان جماعت کي ووٽ ڏيئي ٿو. پر سوال اهو آهي ته ووٽ ڏيڻ جو مطلب ۽ مقصد ڇا هجي ٿو. دنيا جون جمهوري روايتون ٻڌائين ٿيون ته جنهن پارٽي کي وڌيڪ ووٽ ملن ته ان کان وڌيڪ پڇاڻو ۽ ان تي وڌيڪ تنقيد ٿيندي آهي ۽ ٿيڻ کپي ۽ ووٽ ماڻهو ان لاءِ ڏيندا آهن ته انهن جا مسئلا حل ڪيا وڃن ۽ انهن جون مصبيتون ۽ مشڪلاتون ختم نه تڏهن ٿي به گهٽ ٿين.

ٿر جي ماڻهن کي درپيش مسئلن جو مختصر ذڪر مٿي ٿي چڪو آهي. انهن مسئلن کي حل ڪرڻ جي ذميواري کڻڻ ۽ حل نه ٿيڻ تي پنهنجي حڪومت جي ناڪامي تسليم ڪرڻ جي بجاءِ پيپلز پارٽي جا وزير ۽ مشير انهن ئي مسئلن کي ڪجهه نه ڪرڻ جو جواز ڪري پيش ڪن ٿا ۽ ڏڪار جهڙي صورتحال کي انهن مسئلن جو نتيجو قرار ڏئي پاڻ کي هر ذميواري کان آجو قرار ٿا ڏين. مثال طور اهو چوڻ ته “ ماڻهو بيماري سبب مئا آهن” يا “ ان جي صحيح ورهاست نه ٿيڻ ڪري مئا آهن” يا “ڏورانهن علائقن ۾ ڊاڪٽر نٿا وڃن” يا “ٿر ۾ رستا ڪونهن ان ڪري اسپتالن تائين پهچ ڪانهي” وغيره. هڪڙي ٿر مان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي سڀ حدون اورانگهي چيو ته “ اهو ڪو پهريون دفعو ڪونهي، ٿر ۾ ماڻهو مرندا رهندا آهن. اردو ۾ چوندا آهن ته “بڙي ميان تو بڙي ميان، ڇوٽي ميان سبحان الله”. سو سنڌ حڪومت جي سينيئر وزير نثار کهڙي به فرمايو ته “حڪومت جو ڪم پاليسيون ٺاهڻ آهي عملدارآمد ڪامورن جو ڪم آهي” انهن سڀني جي وڏي سنڌ جي وڏي وزير ته سڀني آئيني، قانوني، سياسي ۽ اخلاقي ذميوارين جي مٿان پاڻي ڦيري ڇڏيو. فرمائي ٿو ته “ ٿر ۾ ڏڪار سبب ڪو به جانور ۽ ٻار ناهي مئو”،“ جيڪڏهن ٿر ۾ ڏڪار آهي ته پوءِ ڏهن سالن کان مٿي عمر جا مرد ۽ عورتون ڇو نه مئا” ٿر جي مسڪين ماڻهن جي عزت نفس جي توهين ڪندي ۽ انهن جي غربت تي چٿرون ڪندي چيائين ته “اسان اهڙن ماڻهن کي ٻه ٻه لک رپيا ڏنا آهن جن ڪڏهن ٻه لک ڏٺا به ڪو نه هوندا” ٿر جي ڪلچر تي ٺٺولي ڪندڙ نواز شريف جي آڏو ان سيد چيو ته “مان امداد ورهائڻ وڃان ٿو ته عورتون منهن تان گهونگهٽ ئي ڪو نه ٿيون لاهن، اهو انهن ماڻهن جي ڦٽن تي زهر هارڻ آهي. جن سڌي ماڻهن جي ووٽ سان هي همراه وڏو وزير ٿيو آهي. انهن لاءِ اهڙي ٻولي ٿو ڳالهائي پر جيڪي سنڌ کي ورهائڻ جي ڳالهه ٿا ڪن ۽ پ پ جي وزيرن کي اسيمبلي جي فلور تي ڳچي کان ٿا جهلين ۽ ڌڪا ٿا ڏين انهن کي پنهنجي گهر جو ڀاتي ٿو سڏي. 

سنڌي ماڻهن لاءِ “مڙس ماڻهو” ٿيندڙ وڏو وزير پنجاب کان آيل رينجرز ۽ پوليس آفيسرن آڏو بيوس ويٺو آهي ۽ روئڻهارڪو منهن ڪري دنيا کي دانهن ٿو ڏيئي ته “ مان امن امان لاءِ ميٽنگ سڏايان ٿو پر رينجرز وارن جي مرضي آهي ته ميٽنگ ۾ اچن نه اچن”. جيڪڏهن ڪجهه ماڻهن کي ٻه لک رپين جي “خيرات” ڏني وڃي ٿي ته سيد قائم علي شاهه مهرباني ڪري اهو به ٻڌائي ته اهي پئسا آيا ڪٿان. ڇا هو خيرپور مان کڻي آيو هئو. يا پنهنجي “ڪرامت” سان پيدا ڪيا هئائين.

سنڌ جو “ پڙهيل لکيل” سينيئر وزير به مهرباني ڪري ٻڌائي ته ٿر جي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سندس حڪومت ڪهڙيون پاليسيون ٺاهيون هيون جن تي ڪامورن عمل نه ڪيو ۽ جي ڪامورا عمل نٿا ڪن ته ان جي ذميواري ڪنهن تي آهي. اهي ڪامورا به ته اڪثر ڪري پيپلز پارٽي جي ليڊرن جا مائٽ ۽ دوست هوندا آهن ۽ انهن جي ئي مرضي يا سفارش سان مقرر ڪيا ويندا آهن. پر شايد انهن جي بنيادي ذميواري ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ نه پر “پنهنجي محسنن” جي خدمت ڪرڻ هوندي آهي.

سنڌ ۾ ٽيون دفعو ۽ سڀ کان وڌيڪ وقت وڏو وزير رهندڙ سيد قائم علي شاهه به دنيا کي اهو ٻڌائڻ جو احسان ڪري ته جيڪڏهن ٿر ۾ ڏڪار آهي ئي ڪو نه ته پوءِ هر ٻئي ڏينهن ٿر جا دورا ۽ هنگامي گڏجاڻيون ڇا لاءِ آهن ۽ پاڪستان جي وزيراعظم نواز شريف جي آڏو سيد سڳوري اهو چيو ته “اسان ذميوار آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي آهي. ان جي بجاءِ وزيراعظم کي اهو ڇو نه ٻڌايائين ته ٿر ۾ ڪو به ڏڪار ڪونهي، حالتون معمول مطابق آهن، توهان گهر وڃي آرام ڪيو.”

ميان نواز شريف طرفان هڪ ارب روپين جي امداد ڏيڻ به جتي هڪ طرف سنڌي قوم جي قومي وقار تي داغ آهي ته ٻئي طرف اهو هن ملڪ جي نو آبادياتي ڪردار جي نشاندهي پڻ ڪري ٿي. ان رياستي نظام ذريعي پنجاب هر سال سنڌ جا اربين کربين رپيا کڻي وڃي ٿو ۽ پوءِ انهن مان هڪ ارب جي خيرات ڏئي احسان ڪري ٿو. ميان صاحب! سنڌ جي ماڻهن کي امداد ۽ خيرات نه، پنهنجا حق کپن، سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي قدرتي وسيلن جي مالڪي ۽ اختيار کپي. توهان ٿرجي ماڻهن جي ملڪيت ڪوئلي تي ڌاڙا نه هڻو باقي اهي هڪ ارب رپيا به وڃي راءِ ونڊ تي خرچ ڪريو.

ٿر جي ڏڪار واري صورتحال پاڪستاني جمهوريت جي به پت وائکي ڪري ٿي ته ان مفروضي جي به قلعي کوليو ٿي ڇڏي ته “پيپلز پارٽي جمهوريت جي چيمپين آهي” نوبل انعام يافته سياسي اقتصاديات جي هندستاني ماهر امرتياسين جو چوڻ آهي ته “حقيقي جمهوريت ۾ ڪڏهن به ڏڪار نه ايندو.”

junejolaw@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو