Home / ڪرنٽ نيوز / سنڌ ۾ آءِ جي پوليس ترت مقرر ڪرڻ جو حڪم، ڊي جي رينجرز جي گذريل ڏينهن واري بيان تي کيس لکت ۾ خدشا جمع ڪرائڻ جي هدايت
above article banner

سنڌ ۾ آءِ جي پوليس ترت مقرر ڪرڻ جو حڪم، ڊي جي رينجرز جي گذريل ڏينهن واري بيان تي کيس لکت ۾ خدشا جمع ڪرائڻ جي هدايت

supremecourt-pakistan-karachiسپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ آءِ جي پوليس ترت مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، اعليٰ عدالت ڊي جي رينجرز جي گذريل ڏينهن واري بيان تي کيس لکت ۾ خدشا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته رينجرز سنڌ جي سربراهه جي بيان سان کين وڏو ڌچڪو لڳو، لڳي ٿو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۾ ڀائيچارو ناهي. چيف جسٽس، جسٽس تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ڪراچي رجسٽري ۾ بدامني ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻيءَ جي موقعي تي عدالت سنڌ ۾ آءِ جي پوليس مقرر نه ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني رمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت،امن امان قائم ڪرڻ ۾ اها سنجيدگي آهي جو هن وقت تائين صوبي ۾ آءِ جي پوليس کي به مقرر ناهي ڪيو ويو. ان موقعي تي عدالت حڪم ڏنو ته سنڌ ۾ ترت آءِ جي پوليس مقرر ڪري نوٽيفڪيشن عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي. ُٻڌڻيءَ جي موقعي تي چيف جسٽس، ڊي جي رينجرز جي گذريل ڏينهن واري بيان تي رمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جو پاڻ ۾ رابطو ناهي. چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني رمارڪس ڏنا ته ڊي جي رينجرز موجب کين رڳو ڪاغذي اختيار آهن، جيڪڏهن مستقل آءِ جي نه هوندو ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وٽ اختيار ئي نه هوندا ته پوءِ امن ڪيئن قائم ٿيندو؟ سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته لياريءَ ۾ گذريل ڏينهن دوران ڇا ٿيو، جنهن تي وقتي آءِ جي ٻڌايو ته عزيز گروپ پاران بابا لاڊلا تي حملو ڪيو ويو، گينگ وار جي 8 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جسٽس خلجي عارف حسين رمارڪس ڏيندي چيو ته ڊي جي رينجرز موجب، قتل ڪيس جو جوابدار گرفتار ڪري پوليس کي ڏيون ٿا ته پوليس مٿس هٿيارن جو ڪيس ٺاهي ڇڏي ٿي. رينجرز جي وڪيل انور باجوه چيو ته رينجرز کي پنجن ٿاڻن ۽ جاچ جا اختيار ڏنا ويا پر هن وقت تائين کين رڳو هڪ ٿاڻو مليو، وڌيڪ ڪا به اڳڀرائي ناهي ٿي. رينجرز جي وڪيل چيو ته آڪٽوبر 2013 ۾ دهشتگردي جي خاتمي واري قانون ۾ ترميم ڪري رينجرز کي اختيار ڏنا ويا. ان موقعي تي عدالت، ڊي جي رينجرز کي خدشن بابت لکت ۾ رپورٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. ٻڌڻيءَ جي موقعي تي زمينن تي قبضي واري ڪيس ۾ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن تي عدالت بي اعتمادي ظاهر ڪندي چيو ته رپورٽ ۾ روينيو ۽ اينٽي انڪروچمينٽ رڳو لفظن جي ڦير ڦار ڪئي آهي. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ڏنا ته ايس پي انڪروچمينٽ تي مايوس ٿي، اهڙو ماڻهو مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو گهمي ۽ ڳالهائي به نٿو سگهي. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ چيو ته زمينن تي قبضي جا جيڪي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، انهن جي ليز جو مدو به ختم ڪيو ويو آهي. چيف جسٽس هدايت ڪئي ته ليز ختم ٿيڻ واري ۽ ليس نه ٿيڻ واري زمينن تي قبضي جا ڪيس داخل ڪيا وڃن. ايس پي انڪروچمينٽ چيو ته زمينن جا ڪيس اي ڪلاس ڪيا ويا آهن، جنهن تي عدالت کيس ڇنڊ پٽيندي چيو ته زمينن جا ڪيس اي ڪلاس ڪيئن ٿيندا.؟ عدالت، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو ڏانهن مخاطب ٿيندي چيو ته توهان پنهنجي ايس پي جي حالت ڏسو، ان کي ڳالهائڻ به نٿو اچي، ڪو قابل آفيسر مقرر ڪيو. جسٽس امير هاني مسلم ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته ٽرسٽي بدران بادشاهه سلامت بڻجي ويا آهن. عدالت، حڪم ڏنو ته زمينن تي قبضن بابت ٽن هفتن اندر تفصيلي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي ايس پي انڪروچمينٽ تياري ڪري اچي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو