Home / ڪرنٽ نيوز / سنڌ ۾ تڪبندين بابت هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي درخواست رد ،5 مهينن اندر تڪبنديون ۽ قانونسازي مڪمل ڪرڻ جو حڪم
above article banner

سنڌ ۾ تڪبندين بابت هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي درخواست رد ،5 مهينن اندر تڪبنديون ۽ قانونسازي مڪمل ڪرڻ جو حڪم

Sindhgovtapealسپريم ڪورٽ، سنڌ ۾ تڪبندين بابت هائيڪورٽ جي فيصلي خلاف سنڌ حڪومت جي درخواست رد ڪندي 5 مهينن اندر تڪبنديون ۽ قانونسازي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سپريم ڪورٽ، ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ ۾ تڪبندين بابت گڏيل درخواستن جي ٻڌڻي کانپوءِ چيف جسٽس، جسٽس تصدق حسين جيلاني جي سربراهي ۾بينچ مختصر فيصلو ٻڌايو. اعليٰ عدالت فيصلي ۾ چيو آهي ته تڪبنديون ۽ مڪاني چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي،تڪبندين بابت قانونسازي ڪئي وڃي. عدالتي فيصلي موجب، 9 سالن تائين تڪبنديون نه ڪرائڻ سان عوام حقن کان محروم بڻيل رهيو. عدالت، اليڪشن ڪميشن کي پنجن مهينن اندر تڪبنديون ۽ قانونسازي مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته 15 نومبر تائين مڪاني چونڊون يقيني بڻايون وڃن. ٻڌڻيءَ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم ڪيو ايم جي وڪيل بئريسٽر فروغ نسيم چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ واضح طور چيو آهي ته سنڌ ۾ تڪبنديون قانون موجب ناهن ٿيون. هن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي درخواست ۾ سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي هئي ته تڪبندين جو اختيار هڪ اڻ ڌرئي اداري کي ملڻ گهرجي، جيڪو پاڪستان جي آئين موجب اليڪشن ڪميشن ئي آهي. فروغ نسيم وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت تڪبنديون ڊپٽي ڪمشنرز ذريعي ڪرايون، جن کي اهو به اختيار هو ته اهي ڪنهن به علائقي کي شهري ۽ ٻهراڙي قرار ڏئي سگهن ٿا. ايم ڪيو ايم جي وڪيل چيو ته ان سلسلي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳ ئي پنهنجي فيصلي ۾ تڪبندين جو اختيار صوبائي حڪومت کي ڏيڻ جو فيصلو ڏئي چڪي هئي پر کين نظام کي اڻ ڌريو بڻائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست ڏيڻي پئي. فروغ نسيم چيو ته ايم ڪيو ايم ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي ته قومي ۽ صوبائي تڪبندين جو اختيار اليڪشن ڪميشن وٽ ئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو