Home / ڪور افيئر / سنڌ ۾ مندرن کي باهيون – هندن کي لڏائڻ جي ڳجهي سازش
above article banner

سنڌ ۾ مندرن کي باهيون – هندن کي لڏائڻ جي ڳجهي سازش

aijz

ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت سنڌ مان هند کي زبردستي ڪڍي زوري ٻه قومي نظريي جي ڪاميابي جو دهل وڄايو ويو. پر سنڌ ڌرتي سان اڻٽٽ محبت ڪندڙ “ سنڌي هندو” پوءِ به سنڌ ۾ ئي رهيا. 

سنڌ مان لڏي ويل هندن سنڌ ۾ پنهنجي ملڪيتن، گهرن، ثقافتي مرڪزن سان گڏ عبادت گاهون به ڇڏي ويا. جن ۾ مندر، ڌرم شالائون، جيم خانه، اسپتالون ۽ ٻيون عمارتون شامل هيون. هندستان مان آيل مسلمانن ڪراچي ۽ حيدرآباد سميت وڏن شهرن ۾ هندن جي ڇڏيل ملڪيتن سان گڏ انهن جي عبادتگاهن تي به قبضا ڪري ورتا. ڪراچي ۾ هن وقت 23 مندرن تي قبضا آهن يا انهن مندرن کي ڊاهي انهن تي وڏيون وڏيون عمارتون ٺاهيون ويون.

شيو مندر ڪلفٽن ۾ سمنڊ ڪناري تاريخي مندر آهي. ان جي ڪميٽي جي نائب صدر ڊاڪٽر راج اشوڪ “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته ڪراچي ۾ بس 15 کن مندر بچيا آهن جن ۾ عبادت ٿيندي آهي. باقي مندرن تي قبضا ڪيا ويا آهن. ڊاڪٽر راج اشوڪ گذريل ستن سالن کان هندو جيمخاني جو ڪيس عدالت ۾ وڙهي رهيو آهي. هندو جيم خاني ۾ هن وقت “ نيشنل اڪيڊمي آف پرفارمنگ آرٽ” (ناپا) موجو دآهي. راج اشوڪ جو خيال آهي ته هن جيم خاني جي اندر به هڪ مندر موجود آهي، جنهن کي ڊاٺو ويو آهي. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي وقت سنڌ ۾ سوين مندر هئا، رڳو ڪراچي نه پر سنڌ جي ٻين ننڍن شهرن ۾ به هندن جي مندرن تي قبضا ٿيل آهن. مون کي پنهنجي شهر جوهي ۾ به مندر ياد اچي پيو، جنهن جي اندر غآهي. سنڌي هندن جي عبادتگاهن تي قبضن جي ڪهاڻي ته پراڻي آهي پر تازو سنڌ ۾ هندن جي عبادتگاهن تي حملن جو هڪ سلسلو اوچتو ڀڙڪي پيو آهي. ڀڳوان جي آستان ۾ باهه ڀڙڪائڻ وارا ڪير ٿي سگهن ٿا؟ سڀ ڪو ڄاڻي ٿو ته سنڌ ۾ ڳچ عرصي کان جنونيت سان سنڌ جي پر امن ڌرتي کي ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. لاڙڪاڻي جي دوستن کان ڄاڻ وٺڻ تي خبر پئي ته جنهن هندو ڇوڪري تي “پاڪ ورق” ساڙڻ جو الزام لڳو ان وٽ ڪروڙين روپين جو گهر آهي جنهن جو هو اڪيلو وارث آهي. کيس ڪيترائي دفعا اهو گهر خالي ڪرائڻ لاءِڌمڪيون مليون هيون. پر بعد ۾ ان جي گهر جي ڀرسان نه پر ٻه ڪلو ميٽر پري رائل چوڪ تي ڌرم شالا کي ساڙيو ويو.

عاجز 3

سپريم ڪورٽ جي چف جسٽس تصدق جيلاني چيو آهي ته جيڪڏهن کڻي ڪو هڪ ملزم گناهگار به آهي ته ان کي سزا ملي ان فرد جي ڪري عبادت گاهه ساڙڻ ته سڀ کان وڏو گناهه آهي. لاڙڪاڻي کانپوءِ حيدرآباد جي هنومان مندر ۽ ٿر ۾ “پاربرما” مندر کي پڻ ساڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهڙي قسم جو سلسلو اڃا تائين سنڌ ۾ جاري آهي. جيئن جيئن مندرن تي حملن جو سلسلو شروع ٿيو ته ڪجهه مذهبي ڌريون ميدان تي نڪريون آيون. سنڌ ۾ خاص ڪري جميت علماءِ اسلام (فضل الرحمان) جو اڳواڻ مولانا خالد محمد سومرو پڻ سرگرم نظر آيو ۽ مٿس وري حملو به ٿيو.

ان سڄي عمل مان لڳي رهيو آهي ته سنڌ ۾ ڪا اهڙي ڳجهي سازش ٿي رهي آهي ته ڪنهن به طريقي سان هندن تي حملا ڪرايا وڃن. جيئن هندن جي لڏ پلاڻ کي تيز ڪيو وڃي. سنڌ جي گهرو کاتي ان ڏس ۾ مارچ جي پوئين هفتي ۾سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هڪ خط لکيو آهي. گهرو کاتي جي خط ۾ لکيو ويو آهي ته ،اهڙيون ڳجهيون رپورٽون ملي رهيون آهن ته ڪي شرپسند قوتون سنڌ ۾ مندرن کي باهه ڏئي فساد ڀڙڪائڻ چاهين ٿيون. ان ڪري سنڌ جي هر ضلعي ۾ هندن جا مندر ۽ ٻين اقليتن جي عبادتگاهن ٻاهران سيڪيورٽي سخت ڪئي وڃي ۽ انهن عبادتگاهن جي حفاظت لاءِ جوڳا بندوبست ڪيا وڃن“. سنڌ سرڪار جو اهو خطرو به ٻڌائي ٿو ته انٽيليجنس ادارن اهڙي ڪا رپورٽ ڏني هوندي ته سنڌ ۾ ڪا شرانگيزي ٿي رهي آهي. هندو ڪميونٽي سان لاڳاپيل مختلف دوستن سان ڪچهرين دوران پڻ ڪيترائي حيرت ۾ وجهندڙ واقعا ٻڌڻ لاءِ مليا آهن، جنهن مان پڻ اهو اندازو ٿي رهيو آهي ته هڪ رٿابندي تحت سڀ ڪجهه ٿي رهيو آهي ۽ ان جو مقصد هڪڙو ئي آهي ته سنڌي هندن کي ڊيڄاري، هيسائي، پريشان ڪري سنڌ مان لڏڻ تي مجبور ڪجي. سڄاڻ هندو سنڌ ۾ هندن جي نمائندگي ڪندڙ چونڊيل اسيمبلي ميمبرن کي به هن سڄي صورتحال ۾ برابر جو شريڪ ٿا سمجهن ۽ اهو چون ٿا ته قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ هندن جي چونڊيل نمائندن جي خاموشي ٻڌائي ٿي ته اهي اسيمبلي ۾ هندن جي نالي مخصوص سيٽن تي ضرور وڃن ٿان پر هندن لاءِ آواز ڪو نه ٿا اٿارين، جيتوڻيڪ سنڌ جون سڄاڻ ڌريون پڻ هن صورتحال تي پريشان آهن پر سنڌي سماج منجهاس ڪو ڀرپور آواز ڪو نه اٿيو آهي.

سنڌي هندن تي حملن جو ٻيو پسمنظر ملڪيتن تي قبضن جو پڻ آهي.هندن جي مندر ڀرسان ڪروڙين روپين جي زمين هوندي آهي. ڪراچي ۾ته اڪثر ايئن ٿيو آهي. ملير مندر جو مثال موجود آهي. هن وقت ملير مندر جي اندر مسجد ٺاهي وئي آهي. ڪجهه مولوين مندر جي هڪ حصي تي قبضو ڪيو آهي. هينئر اتي هندن کي “پوڄا پاٺ” جي اجازت ڪانهي. ان ڪري اڪثر مندرن تي قبضن جي نيت سان حملا ٿيندا آهن.ڪراچي ۾ “اويڪيوٽرسٽ ” جي آفيس هڪ مندر ۾ قائم آهي “اويڪيو ٽرسٽ” وفاقي سرڪار جو ادارو آهي. هي ادارو ان مقصد لاءِ ٺهيو ته هو، هندن جي ڇڏيل ملڪيتن جي سار سنڀال ڪري، اهي سرڪاري تحويل ۾ وٺي ۽ ماڻهن کي ڪرائي تي ڏئي جمشيد روڊ جي پلاٽ نمبر “جي ايم 161”، چده ڪاري” مندر جو پلاٽ آهي جتي اويڪيو ٽرسٽ جي آفيس آهي. ڪجهه سال اڳ ايوڪيو ٽرسٽ جي عمارت تي اسٽوري ڪرڻ وقت رام باغ (جنهن کي زوري آرام باغ بڻايو ويو) جي فرنيچر مارڪيٽ جي هڪ عمارت جي ڇت تي چڙهي مون ڏٺو ته اتي پڻ مندر جا نشان، مورتيون ۽ ٻيا آثار موجود هئا. اتي هاڻي مارڪيٽ ٺهي وئي آهي. جنهن مان اها ڳالهه صاف نظر اچي رهي آهي ته هندن جي عبادتگاهن تي نظر رکندڙن جي نظر انهن ملڪيتن ۾ آهي.

لاڙڪاڻي ۾ ڌرم شالا سڙڻ کانپوءِ اڳيان ايندڙ لاڙڪاڻي جي وڪيل ۽ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ننهن ڪلپنا ديوي جو خيال آهي ته سنڌي هندن کي زبردستي لڏائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي پر سنڌ اسان جي امڙ آهي. سنڌ ڪيئن ٿا ڇڏي سگهون؟ ڪجهه عرصو اڳ ڪامريڊ سوڀي پڻ سنڌي هندن کي اها اپيل ڪئي هئي ته انهن کي سنڌ ڇڏڻ جي سوچ بدران سنڌ دشمن ڌرين سان جهيڙڻ گهرجي. ڊاڪٽر راج اشوڪ چوي ٿو ته:“ اسان ته 1947ع ۾ به سنڌ، نه ڇڏي ته هاڻي ڪيئن ڇڏينداسين، اسين به پاڪستاني آهيون”.

سنڌ ۾ امن ۽ رواداري جي شاندار روايتن سان ڀريل ماضي موجود آهي ڪڏهن به هندن ۽ مسلمانن ۾ ان قسم جو ويڇو ڪو نه رهيو آهي. اسين ڏياري، هولي، عيدون، باراتون گڏجي ملهائيندا رهيا آهيون. پر سنڌ ۾ نيشنل هاءِ ويز جي ٻنهي ڪنارن تي 

گذريل ڏهه ٻارنهن سالن ۾ ڏهه ٻارهن هزار نوان مدرسا ٺهي ويا آهن. سنڌ جي ٻهراڙين ۾ غربت ۽ سرڪاري تعليم جي کوٽ سبب ماڻهو ٻارڙن کي مدرستن ۾ داخل ڪرڻ تي مجبور آهن. جتي رهائش کاڌ خوراڪ ۽ تعليم سڀ مفت آهن. هڪ اردو ڳالهائيندڙ ناليواري صحافي جي موجب “ سنڌ ۾ 15 هزار جي لڳ ڀڳ سنڌي نوجوان “طالبان” بڻجي چڪا آهن. جن کي ڪيڏي به مهل به آپگهاتي حملن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو”. جيتوڻيڪ مونکي ته اڃا به يقين ڪو نه پيو اچي ته سنڌ ڌرتي ۾ “سنڌي طالبان” به پيدا ٿي چڪا آهن ۽ اهو اطلاع تصديق ٿيل ناهي. پر ڪڏهن ڪڏهن ڪڙيون حقيقتون به مڃڻيون پونديون آهن. سنڌ ۾ مدرسن ۾ واڌ جي اها ڳالهه مڃڻ ۾ به اچي ٿي. ڇو ته هي مدرسات هڪ خاص مقصد لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، جيڪي شهري علائقن کان “پرڀرو” آهن. سو سنڌ ۾ انتهاپسندي ۽ جنونيت کي وڌائڻ لاءِ اهڙيون ڪيتريون ئي حرڪتون ٿي رهيون آهن، جن سان هن ڌرتي جي امن ۽ آشتي کي ساڙڻ جي سازش ٿي رهي آهي. سنڌ جي ايڪتا کي تيلي ڏيڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. صوفياڻي سرزمين کي دوزخ بڻائڻ آڏو سڄاڻ ماڻهن کي ڀت بڻجي بيهڻ جو وقت ۽ سنڌ مان جنونيت کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍڻ جو وقت آهي.

aajizjamaljamali@yahoo.com

 

aijz

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو