Home / ڪرنٽ نيوز / سپريم ڪورٽ، ٿر ۾ ڏڪار بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، گڏيل قومن پاران 5 سال اڳ وارننگ ڏيڻ باوجود قدم ڇو نه کنيا ويا: چيف جسٽس
above article banner

سپريم ڪورٽ، ٿر ۾ ڏڪار بابت تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، گڏيل قومن پاران 5 سال اڳ وارننگ ڏيڻ باوجود قدم ڇو نه کنيا ويا: چيف جسٽس

imagesسـُپريم ڪورٽ، ٿر ۾ ڏُڪار متاثرن کي پيش ايندڙ ڏکيائين بابت سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ صحت واري سيڪريٽري کان ٻن ڏينهن اندر تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي، اعليٰ عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته گڏيل قومن جي هڪ ماتحت اداري 5 سال اڳ ٿر ۾ ڏڪار بابت وارننگ ڏني هئي، ٻڌايو وڃي ته اڳواٽ آگاهه ڪرڻ باوجود قدم ڇو نه کنيا ويا؟. چيف جسٽس،جسٽس تصدق جيلاني جـِي سربراهي ۾ ســُپريم ڪورٽ جـِي ٽـَي رڪني بينچ، ٿر ۾ ڏُڪار ۽ جاني نقصان بابت پاڻمرادي نوٽيس جي ٻــُڌڻي ڪئي. ٻــُڌڻيءَ جي موقعي تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ عبدالفتاح ملڪ صوبائي سرڪار پاران رپورٽ پيش ڪئي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته مينهن نه وسڻ به ڏڪار جو هڪ ڪارڻ آهي،جنهن تي جسٽس شيخ عظمت سعيد پــُڇاڻو ڪيو ته جيڪڏهن گذريل سال مـِينهـُن نه وسيو ته حڪومت کي قدم کڻڻ گهرجن ها. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته نومبر 2013 ۾ وڏي وزير ماتحت عملي کي چيو هو ته ٿـَر ۾ بحران اچڻ وارو آهي،انڪري تڪڙا قدم کنيا وڃن. جسٽس شيخ عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته آگاهه ڪرڻ باوجود وقت سر اپاءَ ڇو نه ورتا ويا؟، جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ڪامورا شاهيءَ جي نااهلي سبب جانين جي زيان کي نه روڪيو ويو. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ۾ چيو ته ٿر جي حالت سنگين آهي پر ان باوجود وقت سر قدم نه کنيا ويا. ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ٿر ۾ ڪيتريون ئي ڏکيائون پيش اچي رهيون آهن، ايستائين جو فوج کي به ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو. عدالت، پــُڇاڻو ڪيو ته ٿر جي آبادي يارنهن لک آهي، هن وقت تائين ڪيترن ماڻهن تائين امداد پهچائي وئي آهي. صحت واري سيڪريٽري اقبال دراني عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي چيو ته ٿـَر ۾ اصل مسئلو خوراڪ جي کوٽ جو آهي، ڏڪار سبب 2 لک 59 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن. صحت واري سيڪريٽري چيو ته متاثرن ۾ 75 هزار ٿيلها ورهايا ويا آهن،جڏهن ته وڌيڪ 30 هزار ٿيلها ڪجهه ڏينهن اندر ورهايا ويندا. سپريم ڪورٽ،صحت واري سيڪريٽري کي چيو ته توهان گهٽ ۾ گهٽ سچ ته ڳالهايو، ايدووڪيٽ جنرل گذريل ٻڌڻي تي چيو هو ته ماڻهو بيمارين سبب فوت ٿيا آهن. صحت واري سيڪريٽري اقبال دراني چيو ته خوراڪ جي کوٽ رڳو سنڌ نه پر سڄي ملڪ جو مسئلو آهي،صوبي اندر رڳو 17 سيڪڙو کوٽ آهي، جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اقبال دراني چيو ته ٿر جي 17 سيڪڙو آبادي خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهي آهي، ضلعي جي 44 يونين ڪائونسلز مان 22 جي اسڪريننگ مڪمل ڪئي وئي آهي،ٻين يوسيز جي به ترت اسڪريننگ ڪئي ويندي. جسٽس خلجي عارف حسين رمارڪس ڏنا ته جنهن ڏينهن سپريم ڪورٽ ڪيس اڪلائي ڇڏيو،ان کانپوءِ صورتحال ساڳي ئي ُُٻڙي ٿي ويندي. چيف جسٽس تصدق حشين جيلاني رمارڪس ڏنا ته ٿر جو واقعو انتظامي لاپرواهي آهي، گڏيل قومن جي هڪ اداري ڪجهه ڏينهن يا مهينا نه پر 5 سال اڳ ٿر ۾ ڏڪار بابت وارننگ ڏني هئي. صحت واري سيڪريٽري چيو ته ٿر جي صورتحال تي غلفت ڪندڙن ڊاڪٽرن سميت انتظاميه خلاف ڪارروائي ڪئي وئي آهي. انکانپوءِ ڪيس جي ٻڌڻي 20 مارچ تائين ملتوي ڪندي چيف سيڪريٽري ۽ صحت واري سيڪريٽري کي حڪم ڏنو ته ٿر ۾ ڏڪار بابت تفصيلي رپورٽ ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪئي وڃي…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو