Home / اسپيشل افيئر / سڪندرآباد ۽ حيدرآباد دکن جا سنڌي هندو، جن کي سنڌ جي اڄ به چنتا آهي!
above article banner

سڪندرآباد ۽ حيدرآباد دکن جا سنڌي هندو، جن کي سنڌ جي اڄ به چنتا آهي!

سنڌ ۾ shojaسنڌي مسلمانن جو رويو هندن جي مندرن جي حفاظت لاءِ ڪيئن آهي؟ سنڌي مسلمان هندن جي لڏپلاڻ روڪڻ لاءِڪهڙو ڪردار ادا ڪيو آهي؟ هندن جي نياڻين کي اغوا جهڙن واقعن تي سنڌ ۾ ڪو خاص ري ايڪشن ڇو ڪونه ٿو ٿئي؟ سنڌ ۾ سياسي صورتحال هاڻي ڪهڙي آهي؟ ڇا اسڪولن ۾ اڃا به سنڌي پڙهائي ويندي آهي؟

اهي ۽ ان جهڙا انيڪ سوال هئا جيڪي ڀارت جي آنڌراپرديش رياست جي جاڙن شهرن سڪندرآباد ۽ حيدرآباد (دکن) جي سنڌي هندن مون کان پئي ڪيا، جڏهن هنن جي سماجي ۽ ثقافتي تنظيمن، سري سنڌي گرو سنگت سڀا درٻار ۽حيدرآباد_ سڪندرآباد سنڌي سيوا سماٿي ٽرسٽ 15 فيبروري 2014 جي شام جو پاڪستان مان ڪهي آيل وفد جي اعزاز ۾ رکيل هڪ آجياڻي تقريب منعقد ڪئي هئي. ان پاڪستاني وفد ۾ اتفاق سان مان ئي هڪڙو سنڌي ڳالهائڻ واروهئس. پاڪستان جي سول سوسائٽي جي 15 ڄڻن تي ٻڌل هڪ سماجي ۽ ثقافتي وفد مشهور ڪلاسيڪل ڪلاڪار شيما ڪرماڻي جي اڳواڻي ۾ هندستان جي سماجي تنظيمن جي دعوت تي حيدرآباد ۽ نئي دهلي جو هڪ هفتي جو دورو ڪيو هئو، جتي هنن ڪلاسيڪل ڊانس ڪٿڪ ۽ پيا ڊانس پيش ڪيا جن ۾ سنڌي جهومر به شامل هو. ڪراچي ۽ لاهور جي سول سوسائٽين جا نمائندا پڻ هن وفد ۾ شامل هئا جن حيدرآباد ۽ دهلي جي سماجي تقريبن ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

حيدرآباد دکن جيڪو هندستان جي رياست آنڌراپرديش ۽ نئين جوڙيل رياست تلنگانا جو گڏيل گادي جو هنڌ آهي، وڌي تعداد ۾ سنڌ مان لڏي آيل هندن جو مرڪز پڻ آهي. هنن جي حيدرآباد ۽ ان سان گڏيل سڪندرآباد ۾ ڪل آبادي هڪ شرڪت ڪندڙ موجب تقريبا ٽيهه هزار آهي، پر اڌ کان مٿي ڪاروباري ادارا ۽ دڪان سنڌين جي ملڪيت آهن. حيدرآباد دکن جي مشهور ڪراچي بيڪري به هڪ سنڌي هندو جي آهي، جنهن جون صرف حيدرآباد ۾ ڪيتريون ئي برانچون آهن. ان کان سواءِ انڊسٽري، آئي ٽي ۽ هوٽل بزنس ۾ به سنڌي هندن جو قبضو آهي. حيدرآباد دکن جي اڪثريت آبادي مسلمان آهي، جڏهن ته هن شهر جو ميئر پڻ هڪ مسلمان آهي، پر هتي ڪاروبار تي سنڌي هندن جو هولڊ آهي، ۽ اتي رهندڙ هر شخص ان جي تصديق ڪري ٿو.

30-

سنڌي تنظيمن طرفان پاڪستان جي وفد لاءِ تقريب جي ميزبانن جڏهن تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ويو ته ان وفد ۾ هڪ سنڌي ڳالهائيندڙ به آهي ته هنن تقريب جي ڪاروائي سنڌي ۾ ئي هلائڻ شروع ڪئي. ان موقعي تي ميزبانن جن ۾ اڪثريت وڏي عمر جي مردن جي هئي، ليڪن ڪجهه عورتون پڻ شامل هيون، سنڌ بابت ڪيترا ئي سوال ڪيا، پر ميزبانن جي مهرباني جو هنن مون کي پهريائين پنهنجي طرفان ڳالهائڻ جو موقعو ڏنو، جنهن ۾ مون کين سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ تعليمي صورتحال کان آگاھ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. هنن کي ٻڌايم ته سنڌين جي اڪثريت اڄ به صوفي فڪر جي پوئلڳ آهي ۽ هندن خلاف هرعمل جي سنڌ جي عام ماڻهن، سول سوسائٽي ۽ قوم پرست سياسي جماعتن نه صرف نندا ڪئي آهي، پر ان خلاف احتجاج پڻ ڪيو آهي. رنڪل ڪماري واري واقعي تي سڄي سنڌ سراپا احتجاج هئي ۽ سنڌي ميڊيا ان عمل جي نه صرف مذمت ڪئي پر ان سلسلي ۾ ڪافي موبلائيزيشن پڻ ڪئي. سياسي طور تي سنڌي اڄ به پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏين ٿا، جيڪا کاٻي ڌر جي ۽ ڪجهه سيڪيولر سياسي پارٽي سمجھي ويندي آهي. پاڪستان ۾ سنڌي اڄ به اهڙي ئي ڏچي ۾ آهن جھڙا انگريزن جي زماني ۾ هئا، صررتحال اڪثر معاملن ۾ته ان وقت کان به خراب آهي. شهرن ۾ مهاجرن جو ڪاروبار تي قبضو آهي ۽ ٻين صوبن خاص طور تي پٺاڻن جي اچڻ ڪري سنڌي ڪراچي ۾ گھٽ ۾ گھٽ تمام گھڻي اقليت ۾ اچي چڪا آهن.

سوالن جو دور به ڪافي ڊگھو رهيو. پيپلزپارٽي ۽ قومپرست پارٽين بابت هنن ڪافي سوال ڪيا. ليڪن سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي هنن کي سنڌ جي هندن ۽ مندرن جي هئي. مارچ مهيني دوران سنڌ جي مختلف علاققن ۾ ٿيل هندو مندرن تي حملن جو سلسلو جيئن ته اڃا شروع نه ٿيو هئو ليڪن ئي قسم جي سوالن مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين کي سنڌ جي ڪيتري چنتا آهي. هنن کي سنڌ مان هندن جي وڏي پيماني تي لڏ پلاڻ جي به ڳڻتي هئي ته ٻئي پاسي سنڌي ٻولي جي بچاٰءَ جو پڻ فڪر هئو. هڪ ڪاڪي ته اهوپڻ پڇي ورتو ته ڇا سنڌ جي اسڪولن ۾ اڃا تائين سنڌي پڙهائي پئي وڃي؟ مون ان حوالي سان ته کين يقين ڏياريو ته سرڪاري توڙي نجي اسڪولن ۾ گھٽ ۾ گھٽ پرائمري سطح تائين سنڌي ۾ ئي سڀ سبجيڪٽ پڙهائيا ويندا آهن، ۽ وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پرائيويٽ ۽ انگريزي اسڪولن ۾ پڻ سليس سنڌي جو مضمون مئٽرڪ تائين لازمي آهي.

مان هنن کي سنڌ جي هندن سان ٿيندڙ زيادتين جن ۾ انهن جي نياڻين جي اغوا کان پوءِ زبردستي مذهب بدلائڻ واري ڪڌي عمل ۽ وڏي پيماني تي هندن جي سنڌ مان لڏ پلاڻ وارن سوالن جو ڪو اطمينان بخش جواب نه ڏئي سگھيس، ڇاڪاڻ ته مون وٽ اصل ۾ انهن سوالن جو ڪو جواب ئي ڪونه هئو. 

ان گڏجاڻي ۾ اڪثريت ته اهڙن سنڌين جي هئي جيڪي ورهاڱي وقت هجرت ڪري هندستان آيا هئا، مگر ڪجھ اهڙا دوست پڻ هئا جن 1990 ان کان پوءِ واري عرصي ۾ حجرت ڪئي هئي. هنن جا زخم ڪافي پراڻا هئا. هڪ ڪاڪو جنهن جو نالو ياد ڪونهي سانگھڙضلعي جي کپري تعلقي مان 1993 ۾ هجرت ڪئي هئي، ان جي سنڌي مسلمانن خاص طور تي علائقي جي وڏيرن تي ڪافي ڪاوڙ هئي جن جي جبر ڪري هنن جي خاندان لڏپلاڻ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هئو. هن جي معلومات سنڌ بابت ڪافي تازي هئي پر هن کي به سنڌ جي مندرن تي حملن جي شڪايت هئي. 

ٻيو مشڪل سوال هئو اسڪولن بابت. ڪافي سنڌين مون کان پچيو پئي ته فلاڻي شهر جي فلاڻي اسڪول ۾ مان پڙهيو هئس ڇا اهو اسڪول اڃا آهي. مثال طور حيدرآباد_ سڪندرآباد سنڌي سيوا سماٿي ٽرسٽ جي نائب صدر سائين ديال چمناڻي مون کي ٻڌايو ته هو ڪراچي جي سٽي هاءِ اسڪول ۾ پڙهيو هئو، ڇا اڃا اهو گاڏي کاتي جي علاقي ۾ موجود آهي؟ مون وٽ سچ پچ ته اهڙن سوالن جا جواب نه هئا. مون هن کي ٻڌايو ته مان گذريل ويهن سالن کان مٿي عرصي کان ڪراچي ۾ رهان ٿو، ليڪن مون کي ان اسڪول بابت خبر نه آهي. ها البت مون هنن کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ سرڪاري اسڪول جيڪي پراڻي وقت ۾ هئا انهن مان اڪثر اڃا به موجود آهن. هنن کي مون اهو پڻ ٻڌايو ته سنڌ ۾ تعليمي ادارا جيڪي هندن قائم ڪيا هئا ۽ انهن جي نالن سان قائم هئا، اهي اڪثر انهن ئي نالن سان اڃا تائين موجود آهن، جيئن ڪراچي جو اين جي وي اسڪول. ڪجهه اسڪول جن جا نالا بدلايا ويا هئا، اهي پڻ واپس انهن پراڻن هندو نالن سان بحال ڪيا ويا آهن. مثال طور، مون کين ٻڌايو ته دادوشهرجووڏو اسڪول جنهن ۾ مان پڻ پڙهيو هئس پهريائين ان جو نالوآزادي کان پوءِ بدلائي گورنميٽ پائليٽ سيڪنڊري اسڪول ڪيو ويو هئو، پر هاڻي هن جو پراڻو نالو بحال ڪري گورنميٽ پرمانند هرداس پائليٽ هاءِ اسڪول ڪيو ويو آهي.

مون هنن کي ٻڌايو ته پاڪستان جي ٻين علائقن وانگر طالبان ۽ مذهبي انتها پسندي جو رجحان سنڌ ۾ به وڌي رهيو آهي ان ڪري نه صرف سنڌ جي صوفين واري سڃاڻ تي به اثر پيو آهي پر هندن خلاف عمل پڻ وڌيا آهن. پر نوجوان طبقو خاص طور تي پڙهيل لکيل طبقو ان رجحان جو نه صرف مخالف آهي، پر ان جي خلاف آواز به اٿاري ٿو. مون هنن کي ٻڌايو ته ڪجهه عرصو پهريائين بدين ضلعي ۾ هڪ شيڊول ڪاسٽ هندو ڀوري ڀيل جي لاش کي قبر مان ڪڍڻ واري واقعي خلاف سڄي سنڌ ۾ نه صرف احتجاج ڪيو ويو پر سنڌ جي سول سوسائٽي باقائدگي سان ان جي خلاف عملي قدم پڻ کنيا. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي سول سوسائٽي جي ميمبرن جي هڪ وڏي وفد ڀوري ڀيل جي قبر تي وڃي ان جي مائٽن سان اظهار يڪجهتي ڪيو ۽ سڄي سنڌ ۾ ان جي خلاف مظاهرا ۽ احتجاج ٿيا، جن ۾ سنڌ جون سياسي پارٽيون خاص طور تي قوم پرست پارٽيون پڻ شامل هيون. 

سنڌ جي هندن بابت سوال کان پوءِ سڀ کان گھڻا سوال سنڌي ٻولي جي بچاءَ بابت ڪيا ويا. مون هنن کي ٻڌايو ته سرڪاري توڙي نجي سطح تي سنڌي ٻولي جي واڌاري ۽ بقا لاءِ ڪيترا ئي عملي قدم کنيا ويا آهن. سنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن کان سواءِ سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ سنڌي پڙهائي پئي وڃي. سنڌ جي حڪومت هڪ سنڌي ٻولي جي اٿارٽي قائم ڪئي آهي، ان کان علاوو سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ سنڌي ڪتاب ڇپائڻ جا ڪم ڪن ٿا. ان کان سواءِ سنڌي ٻولي ۾ ٻه درجن کان وڌيڪ اخبارون ۽ رسالا ڇپجن ٿا ۽ ڪيترا ئي سنڌي ٽي وي چينل ڪم ڪري رهيا آهن. ان کان سواءِ سنڌي ادب ڇاپڻ جا ڪيترا ئي نجي ادارا پڻ ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪي باقائدگي سان ڪتاب ڇاپي رهيا آهن، اها ٻي ڳالهه آهي ته سنڌ ۾ ادب پڙهڻ جو رجحان گھٽ ٿي رهيو آهي.ميزبان ڪاڪي ديال چمناڻي مون کان راءِ پڇي ته سنڌي ٻولي کي سڄي دنيا ۾ وڌائڻ لاءِ جيڪڏهن ان کي انگريزي الفابيٽ ۾ لکجي ته ڪيئن رهندو، ڇاڪاڻ ته هن جو خيال هئو ته هندستان ۾ ان خيال کي ڪافي تائيد حاصل آهي ته ان طرح سان سنڌي ۾ آساني سان ڪميونيڪيشن به ڪري سگھنداسين ۽ اهڙي طرح سان ادب به وڌندو. هن جي خيال ۾ موجوده عربي لکڻي ڀارت ۾ تمام گھٽ استعمال ٿئي ٿي، ۽ ديوناگري ۾ پڻ سنڌي لکي پئي وڃي. مون لاءِ ان تي راءِ ڏيڻ تمام ڏکيو هئو ان جو سبب هي آهي ته موجوده عربي لپي ڪافي عرصي کان سنڌ ۾ رائج آهي ۽ ان ۾ ڪافي ادب به موجود آهي، پر سنڌ جا اديب ان سوال جو بهتر جواب ڏئي سگھن ٿا ته ڇا اهو اڪثريت کي قبول هوندو يا نه. مون چيومان ته ذاتي طورمان ان کي بهتر سمجھان ٿو. منهنجي خيال ۾ادب جي واڌ ويجهه لاءِ رومن اسڪرپٽ استعمال ڪرڻ ۾ ڪا برائي نه آهي.

 

below article banner

هڪ رايو

  1. sain shah sb ji mihnat khe salam

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو