Home / دنيا / شام تڪرار: پاڪستاني جهادين جي شموليت سبب پراڪسي وار جو خطرو!
above article banner

شام تڪرار: پاڪستاني جهادين جي شموليت سبب پراڪسي وار جو خطرو!

za

ايئن ٿو لڳي ته اسان جي چست ۽ چوبند جهاد فيڪٽري اوور ٽائيم ڪم ڪري رهي آهي. مڪمل طرح تربيت يافته ۽ پرجوش جنگجوئن جي نئين کيپ جي شام ۽ افغانستان جي جنگي ٿيٽر ۾ سپلاءِ جاري آهي. اندروني ۽ ٻاهرئين محاذ تي ڪم ڪرڻ لاءِ هتي انتهاپسند رضاڪارن جي ڪا کوٽ ڪانهي، جيتوڻيڪ اصولي طرح اڃا تائين انهن جي حيثيت غير قانوني آهي. ليڪن اهي تشدد پسند گروهه اڃا تائين فعال آهن ۽ جهاد جا نوان نوان محاذ ڳولهڻ ۾ رڌل آهن.

شام ۾ وڙهندڙ پرڏيهي ويڙهاڪن ۾ پاڪستانين جو انگ سڀ کان وڏن گروهن مان هڪ آهي ۽ انهن جو انگ ملڪ ۾ سعودي اثر وڌڻ سان اڃا به وڌندو. ان دوران افغانستان محاذ تي به تيزي اچي رهي آهي. جيئن جيئن 2014ع ۾ آمريڪي سربراهي ۾ پرڏيهي فوجن جي نڪرڻ جي تاريخ ويجهو ايندي پئي وڃي، تيئن تيئن وڏي انگ ۾ غير ملڪي ويڙهاڪ افغانستان ۾ داخل ٿي رهيا آهن. ڇو ته هاڻي افغانستان پنهنجي جنگ جي نهايت نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿيڻ وارو آهي.

پنهنجي شرطن تي امن جو هڪ معاهدو پاڪستاني طالبان کي ساهي جو هڪ اهم موقعو مهيا ڪندو، جنهن ۾ اهي ڊيورنڊ لائين جي هن پار پنهنجي ڪاررواين تي يڪسوئي سان ڌيان ڏئي سگهندا. انتهاپسندي جي تعليم ڏيندڙ مذهبي مدرسا همشيه غير ملڪي فوجن سان وڙهڻ لاءِ رضاڪارن جي هڪ نه ختم ٿيندڙ سپلاءِ جو اهم ذريعو رهيا آهن. پاڪستاني مذهبي ويڙهاڪن جي افغانستان کان ڪشمير تائين، چيچنيا ۽ بوسنيا جي غير ملڪي جنگين ۾، انهي حد تائين جو آذر بائيجان جي تڪراري علائق نگور نو، ڪراباخ ۾ به حصو وٺڻ جي پراڻي تاريخ آهي. ليڪن 9/11 جي ٻاهرين جهاد جي اثر جو حلقو ڪافي محدود ٿي ويو هو جنهن ۾ پاڪستان ويڙهاڪن جي استعمال کان جيڪي سندس پنهنجي علائقائي پاليسي جو حصو هيا، کان پوئتي هٽي ويو هو.

34

ليڪن ان حڪمت عملي ۾ تبديلي جو رد عمل اهو ٿيو جو ويڙهاڪ تمام گهڻا ناراص ٿي ويا ۽ انهن جي سموري ڪاوڙ پاڪستاني رياست خلاف اعلان جنگ ۽ داخلي جهاد جي صورت ۾ ظاهر ٿي.

پاڪستاني ويڙهاڪ گروهن تي پابندي، صحيح معنيٰ ۾ ڪڏهن به مڪمل طور لاڳو ناهي ٿي سگهي، جهادين لاءِ افغانستان هڪ وسيع جنگ جو ميدان بڻجي ويو ۽ نتيجي ۾ پابندي جو ڪو اثر نه رهيو. ڇو ته رياست ويڙهاڪن ۽ فرقيوار گروهن ڏانهن پنهنجون اکيون مڪمل طور بند ڪري ڇڏيون هيون.

جڏهن شام ان عالمي جهاد جو مرڪز بڻيو ته پاڪستان جا ويڙهاڪ جنگجو شام ۾ بشارالاسد خلاف جنگ وڙهندڙ باغين سان شامل ٿي ويا. اها جدوجهد جيڪا شام ۾ جمهوريت جي نالي تي شروع ٿي هئي. هاڻي وسيع تر شيعه- سني تڪرار ۾ بدلجي وئي آهي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو هاڻي پاڙيسري ملڪ به ان خوني جنگ جو حصو بڻجي ويا آهن.

شام جي گهرو ويڙهه به القائده سان لاڳاپيل جماعتن جي ان تڪرار ۾ موجودگي جي علامت بڻجي وئي ۽ اهي هن جنگ سٽيل علائقي ۾ هڪ وڏي طاقت بڻجي اڀريا آهن. ان گروهه جي قبضي ۾ شام جو تمام وڏو علائقو آهي ۽ ان سان گڏ عراق جي سني اڪثريت وارن علائقن تي به انهن جو ئي تسلط آهي. هن نئين منظر نامي اولهه جي ملڪن ۽ ٻين عرب ملڪن کي لوڏي ڇڏيو آهي جيڪي شام جي باغين جي سرگرم حمايت ڪري رهيا هئا ۽ هاڻي القائده جي وڌندڙ طاقت کي بي اثر ڪرڻ لاءِ اهي ملڪ نام نهاد معتدل سني ملڪن جو اتحاد ٺاهڻ جون ڪوششون ڪري رهيا آهن.

ليڪن اهي ڪوششون ناڪام ٿيندي نظر اچن ٿيون، ڇاڪاڻ جو اهي اعتدال پسند ملڪ جبحت النصره جهڙين جماعتن تي ڀاڙين ٿا جيڪا القاعده جي ذيلي تحريڪ آهي. القائده جي وڌندڙ اثر جي خوف کان سعودي عرب پنهنجي هم قومن کي واپس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انهن کي اهو ڊپ آهي ته ڪٿي انتهاپسند ويڙهاڪ پنهنجي بندوقن جو رخ سعودي فرمانروائن ڏانهن نه ڦيرائي ڇڏين ان ڳالهه سعودي وارن کي باغين جي مالي مدد ۽ ٻين ملڪن مان هٿيار ۽ ويڙهاڪ مهيا ڪرڻ کان ناهي روڪيو.

پاڪستان مان شام لاءِ ٻين قسمن جا ويڙهاڪ وڃن ٿا. هڪڙا اهي جن جو تعلق فرقيوار سني جماعت لشڪر جهنگوي سان آهي ۽ ٻين ويڙهاڪ تنظيمن سان جيئن تحريڪ طالبان پاڪستان آهي. پاڪستاني ويڙهاڪن جي شام ۾ موجودگي جي خبر پهريون ڀيرو انهن اخبارن جي سرخين مان پئي جيڪي گذريل سال اتي پوليو وائرس جي موجودگي بابت هيون، جيڪو پاڪستان مان ئي اتي پهتو هو.

اها ڳالهه ته طئي آهي ته لشڪر جهنگوي جهڙن فرقيوار گروهن لاءِ جنگ جو سڀ کان اهم محرڪ بشارالاسد جي حڪومت آهي، جتي شيعا اڪثريت حاوي آهي. انهن جنگجوئن ۾ وڏو انگ انهن ماڻهن جو آهي جن جون خدمتون بلوچستان ۾ حاصل ڪيون ويون هيون، جيڪو فرقيوار جنگ جو وڏو ميدان بڻجي چڪو آهي.

باقي ماڻهن جو تعلق پنجاب ۽ سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي سان آهي. صوبائي پوليس جي هڪ اعليٰ آفيسر موجب بلوچسان ۾ سعودي مالي امداد ڏيڻ واري گروپ وسيلي اهي ماڻهو ڀرتي ڪيا ويا ۽ انتظاميه ڄاڻي ٻجهي ان معاملي ۾ اکيون بند رکيون.

ڪجهه رپورٽن موجب ٽي ٽي پي جا ڪمانڊر چون ٿا ته انهن شام ۾ به پنهنجي هڪ شاخ قائم ڪري ورتي آهي، اهو به دراصل شيعا مخالف نظريو/ جذبو آهي جنهن ٽي ٽي پي کي شام جي تڪرار ۾ مداخلت جي شهه ڏني آهي. طالبان جا لشڪر جهنگوي ۽ ٻين انتهاپسند گروهن سان گهرا لاڳاپا آهن.

شام ۾ وڙهندڙ هڪ طالبان ويڙهاڪ غير ملڪي نيوز ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته شيطان سان وڙهڻ لاءِ خدا طرفان تمام وڏو انعام آهي پوءِ توهان پنهنجي گهر ۾ وڙهو يا گهر کان ٻاهر. انهن سمورن گروپن جو القائده سان تمام ويجهڙائپ وارو نظرياتي لاڳاپو آهي اهي ان لاءِ النصره جهڙي گروهه وانگر وڙهڻ لاءِ هر وقت تيار رهن ٿا.

سڀ کان خطرناڪ منظرنامو اهو هوندو جڏهن اهي جنگجو پاڪستان واپس موٽندا. پاڪستاني جهادين جو شام جي معاملي ۾ شامل ٿيڻ سخت رد عمل جو سبب بڻجي سگهي ٿو ۽ فرقيواراڻي باهه ڀڙڪي سگهي ٿي. وچ اوڀر ۾ فرقيوار تڪرار جو ڦهلاءَ ۽ ان جو ٻاهر اڀرڻ پاڪستان اندر انتهاپسند شيعن کي مجبور ڪري سگهي ٿو ته اهي بشار الاسد جي شيعا حڪومت طرفان جنگ ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجي رضاڪارن جون خدمتون پيش ڪن . ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ پراڪسي وار Proxy war وڌي وڃڻ جا امڪان موجود آهن.

قومي ۽ رياستي سطح تي انتهاپسند نظرين جو غلبو آهي پر رياست جو انهن کان انڪار، جهاد انڊسٽري کي ڀڙڪائڻ لاءِ ان کان بهتر حالتون ڀلا ڪهڙيون ٿي سگهن ٿيون. ٽي ٽي پي سان نام نهاد ڳالهين رهندو کهندو به دهشتگردن تي جيڪو پهرين دٻاءُ موجود هوندو هو، اهو به گهٽائي ڇڏيو آهي ۽ کين پنهنجي جهادي ايجنڊا تي عمل ڪرڻ جو کليل لائسنس ڏئي ڇڏيو آهي.

وچ اوڀر ۾ اشتعال ڏياريندڙ صورتحال سبب حڪومت تي لازمي آهي ته ان ڦهلجندڙ جنگ خلاف اصولي غير جانبدار ۽ محتاط پاليسي ٺاهي. ليڪن ايئن ڪرڻ بدران وزيراعظم محتاط رويو اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جيڪو ملڪ لاءِ انتهائي خطرناڪ نتيجن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جهاد انڪارپوريٽيڊ کي هڪ نئين زندگي ۽ پاڪستاني ويڙهاڪن جي غير ملڪي تڪرارن ۾ وڌندڙ شموليت ملڪي استحڪام ۽ سيڪيورٽي لاءِ خطرناڪ چئلينج آهي.

©DAWN

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو