Home / اسپيشل افيئر / صحرا جون گم ٿيندڙ صدائون!
above article banner

صحرا جون گم ٿيندڙ صدائون!

گوبند مينگهواڙ

” وٺو ته ٿر نه بر ئي بر“ واري چوڻي جيان سڄو سال ويران ۽ خشڪ رهندڙ ٿرپارڪر ۾ زندگي تڏهن موٽي ٿي جڏهن وڄون وسڻ اچن ٿيون. اڃاري ڌرتي تي جيئن ئي بوندون برسن ٿيون ته اُها ٽڙي پوي ٿي ۽ ٿر هڪ نئون جنم وٺي ٿو. پکي پُکڻ ۽ وڻ ٽڻ سان گڏ اهڙي ميگهه ملهار موسم لاءِ ٿر جو سنگيت سان لاڳاپيل مڱڻهار قبيلو به منتظر هوندو آهي. ڀوڏيسر جي مسجد هجي يا جين مت جي عبادتگاهه يا وري هندن جو ڪو مندر، ماڻهو هنن ڪلاڪارن کي اهڙين سڀني تاريخي جڳهن تي ڪنهن وڻ جي ڇانو ۾ يا وري عارضي ڇپرن ۾ ڳائيندي ڏسي سگهن ٿا. گهمڻ لاءِ ايندڙ ڪو به ماڻهو انهن جڳهن تي جيئن ئي قدم رکي ٿو ته هي مڱڻهار فقير ٿري لوڪ گيتن سان سندس آجيان ڪن ٿا. هڪ اهڙي ماحول ۾ جڏهن نسلي، مذهبي ۽ لساني متڀيد عروج تي هجن اهڙيون مذهبي رواداري واريون جڳهيون ڏسي ماڻهو حيرت ۾ وٺجي ٿو وڃي.

يوسف فقير پڻ هڪ اهڙو مڱڻهار آهي جيڪو ننگرپارڪر ويجهو ڪاسبي جي مندر جي آڳند ۾ ويهي پنهنجي ٽٽل هارمونيم سان سُر آلاپيندو رهي ٿو. هو ٿر ۾ سانوڻي جي مند جو استعارو آهي. توڻي جو پاڻ ڄائي ڄم کان بي نور آهي پر ان جون ٿر ٻاٻيهي جهڙيون صدائون ٻڌندڙ جي اکڙين مان نيسر وهائي ڇڏين ٿيون. ٻڌندڙن جا اُهي لڙڪ هڪ اهڙي فنڪار لاءِ بنهه موزون ڀيٽا آهن جيڪو برسات جي حسناڪين جا گيت ڳائي ٿو. سوڪهڙي واري سڄي عرصي دوران مينهن لاءِ تڙپندڙ هُن جون صدائون اڃايل مورن جي گيتن سان گڏجي وڃن ٿيون ۽ مينهن-جيڪو زندگي جو استعارو آهي- اهو ٿوري وقت لاءِ ئي صحيح پر ٿر ۽ يوسف فقير ٻنهي لاءِ خوشين جا جهول ڀري ٿو اچي.

30

يوسف فقير سان ملڻ، ان کي ٻڌڻ هر ان ماڻهو جي سفر جو اهم جزو آهي جيڪو ٿر ڏانهن اُسهي ٿو. سندس پٽ هن جي ڀر ۾ ويهي پڪواس وڄائي ٿو ۽ ٻئي پي پٽ پنهنجو پيٽ گذر ٻڌندڙن وٽان مليل انعام مان ڪن ٿا.”منهنجو خاندان وڏو آهي. ماڻهو هتي رڳو سانوڻ ۾ اچن ٿا.باقي سڄو سال آئون ڏکيو ڪاٽيندو آهيان ان ڪري جو ٻين مڱڻهار فقيرن جيان آئون شادين مرادين ۾ گهڻو وڃي نٿو سگهان.“ يوسف فقير چوي ٿو. هو ڪاسبي واري مندر ۾ ڏهاڪن کان ڳائي رهيو آهي ۽ وقت سان گڏ هيڻو ۽ ڪمزور ٿي ويو آهي. هاڻي آئون رڳو ڳائيندو ۽ ڪي بورڊ وڄائيندو آهيان، جڏهن ته منهنجو سئوٽ هارمونيم ۾ هوا ڇڪيندو آهي. هو پنهنجي روئداد ٻڌائي ٿو.

مڱڻهار خوشي جي نشاني هوندو آهي.“ پروفيسر نور احمد جنجهي چوي ٿو.”مينهن هجي، شادي هجي، ٻار جي ڇٺي هجي مطلب ته خوشي جو ڪو به موقعو هجي مڱڻهار فقير پنهنجي آلاپن سان ان محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيندا آهن.“

بنا ڪنهن متڀيد جي هندن توڙي مسلمانن ۾ محبت ۽ رواداري جي تبليغ ڪرڻ کانسواءِ مڱڻهار سرحد جي ٻنهي پار روايتي مارواڙي موسيقي ۽ لوڪ ادب کي بچائي ويٺل آهن.” هاڻي يوسف فقير جهڙا ٿورا ڪي ماڻهو بچيا آهن جيڪي اڃا تائين گجراتي ۽ مارواڙي ۾ ڳائي لوڪ موسيقي کي بچائي ويٺا آهن.“ پيارو شيواڻي چوي ٿو.

بدقسمتي سان ثقافت جا هي مهندار ڪا سرپرستي نه هئڻ ۽ ماڻهن جي مزاج ۾ ايندڙ تبديلين سبب پنهنجي اصل ڪرت يعني ڳائڻ کي ڇڏڻ تي مجبور ٿي پيا آهن.” هاڻ ته ماڻهن اسان کي شادي ۾ گهرائڻ به گهٽائي ڇڏيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ڪيترن ئي مائٽن هاڻ هي ڪرت ئي ڇڏي ڏني آهي.“ ڪلوئي جو عرفان فقير چوي ٿو.

بدلجندڙ وقت سان گڏ مڱڻهار ۽ سندن فن ٻئي نايابي جي سرحدن تي آهن. خطري جي ڳالهه اها آهي ته سالياني برسات ته ٿر کي سائو ڪندي رهندي پر ٿر جو ثقافتي منظر نامو ڪٿي هڪ مستقل صحرا ۾ تبديل نه ٿي وڃي.

Translate by: Benazir Sheikh

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو