Home / ڪرنٽ نيوز / طالبان ملڪ جا شهري آهن، جن سان آپريشن بدارن ڳالهين واري عمل کي جاري رکيو وڃي: منور حسين
above article banner

طالبان ملڪ جا شهري آهن، جن سان آپريشن بدارن ڳالهين واري عمل کي جاري رکيو وڃي: منور حسين

some-elements-want-to-foil-peace-efforts-munawar-1395598180-4950جماعت اسلامي جي امير سيد منور حسين چيو ته طالبان ملڪ جا شهري آهن، جن سان آپريشن بدارن ڳالهين واري عمل کي جاري رکيو وڃي، ڪراچي مني پاڪستان نه پر مني عالمِ اسلام آهي. اهڙن خيالن هن تحفظ پاڪستان ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته نوازشريف قوم سان ڪيل واعدا پاڻ وٽ رکي اسان ملڪ جي 65 سالن جي تاريخ مان تمام گهڻو ڪجهه سکيو آهي، نواز شريف سخت دٻاءِ ۾ اچي طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ تي راضي ٿيو. هن وڌيڪ چيو ته ڪجهه ماڻهو آپريشن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر انهن کان پڇيو وڃي ته آپريشن سان قوم ۽ ملڪ جو ڪيترو نقصان ٿيندو، جيڪڏهن ڳالهيون ناڪام ٿين ٿيون ته ٻيهر ڪوشش ڪئي وڃي آخر ڪار امن ڳالهين سان ئي ٿي سگهي ٿو،بلوچستان ۾ به آپريشن سبب مايوسي پيدا ٿي ۽ مزاحمت وڌي رهي آهي سيد منور حسين وڌيڪ چيو ته بندوق جي زور تي ملڪ ۾ امن قائم ٿي نه سگهندو، ان لاءِ آزاد پرڏيهي پاليسي جوڙڻ جي به سخت ضرورت آهي. هن چيو ته طالبان به هن ملڪ جاشهري آهن پر صرف هٿيارن جي زور تي شريعت لاڳو ڪرڻ تي اختلاف آهن.. ان موقعي تي جماعت اسلامي سنڌ جي امير معراج الهدي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو