Home / ڪرنٽ نيوز / عالمي برادري سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن، شهادتون مشن تان هٿ نٿيون کڻائي سگهن: صنعان قريشي
above article banner

عالمي برادري سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين جو نوٽيس وٺن، شهادتون مشن تان هٿ نٿيون کڻائي سگهن: صنعان قريشي

sجيئي سنڌ قومي محاذ (جسقم) جي مرڪزي چيئرمين صنعان قريشي شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي سنڌو ديش جا شهيد قرار ڏيندي عالمي طاقتن کي اپيل ڪئي ته هو پاڪستان جهڙي جابر ملڪ کي ٽوڙي سنڌو ديش قائم، ڪرڻ ۾ سنڌين جي سياسي انساني ۽ اخلاقي مدد ڪن، ڪالهه ڪراچي ۾ تبت سينٽر وٽ هزارين ماڻهن جي ريلي ۽ جلسي کي مک خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته شهيد بابا بشير خان قريشي جو رت رائيگان نه ويندو، 23 مارچ جا هي آزادي مارچ بابا جي جدوجهد جو تسلسل آهي، چاچي مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو آزادي واري جدوجهد جا شهيد آهن هن چيو ته سنڌو درياهه جو پاڻي، گئس 83 سيڪڙو، تيل 69 سيڪڙو، اناج سميت قدرتي وسيلن سميت 80 سيڪڙو بجيٽ ڏيندڙ سنڌ اڃ بک بدحالي ۽ بيمارين جي ور چڙهيل آهي، جتي قومي اڳواڻ ۽ ڪارڪن وحشياڻي نموني ساڙيا ماريا پيا وڃن، سنڌ ۾ 48 سيڪڙو ماڻهو صاف پاڻي کان محروم ٿي سائي جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، خوراڪ جي کوٽ ۽ بک وگهي سنڌ جي ماڻهن جي زندگي 43 سالن تائين ٿي وئي آهي، هن چيو ته سنڌ درياهه سنڌ جي حياتي بخشيندڙ رڳ آهي جنهن کي بند ٻڌي درياهه کي ختم ڪيو پيو وڃي، سنڌ ۾ ڌارين جي لوڌ وڌي رهي آهي، هتي ڪارخانن تي قبضو ڪري 80 لک ڌاريا ڀرتي ڪيا ويا آهن ۽ سنڌي بيروزگار نوجوانن کي نوڪرين کان کتو جواب ڏنو ويو آهي بک وگهي سنڌ جي ٿر ۾ معصوم ٻار تڙپي تڙپي فوت ٿي رهيا آهن، هن چيو ته آءُ توهان ۽ دنيا جي آڏو سنڌ جو ڪيس رکان ٿو ته سنڌو ديش حقيقت آهي ۽ صدين کان موجود آهي جنهن جي آزادي لاءِ سر قربان ڪري ڇڏينداسين اسان جو سنڌو ديش ڪنهن اقبال، ۽ جناح جو محتاج نه آهي. تاريخ شاهد آهي ته سنڌ کي انگريز ارغون، ترخان، پٺاڻ، يوناني عرب، ڪاهون ڪندا رهيا آهن، سمورن مشڪلاتن باوجود سنڌ پنهنجو وجود قائم رکيو اچي سنڌ ۾ قومي تحريڪ کي ڪير به روڪي نه ٿو سگهي. هن چيو ته سنڌ ايمان آهي، سنڌ ماءُ آهي جنهن جي ورهاست ڪنهن به حالت ۾ قبول نه آهي هن اردو ڳالهائيندڙ کي سنڌ جو مستقل حصو قرار ڏيندي ڀاءُ ڪوٺيو ۽ کين سنڌين سان گڏجي جدوجهد جو سڏ ڏنو ۽ چيو ته دنيا پٺاڻ طالبان، پنجابي طالبان ۽ پاڪستاني طالبان ته ٻڌي رهي آهي پر سنڌي طالبان جو نالو نه ٻڌو آهي، سنڌ محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي آهي اسان عدم تشدد جا قائل آهيون ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن شرپسند جي مذهبي جنونيت جو سنڌي تاريخ ثقافت ۽ چڱائي سان تعلق نه آهي هن چيو ته سنڌ جا سڀ رهواسي پاڻ ۾ ٻڌي ڪن اسان جي شهيدن کي وحشياڻي نموني قتل ڪيو ويو اسان مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل ۾ پنجاب ۽ پنجابي رياست کي ملوث سمجهون ٿا انڪري اچو ته سنڌ جي بقا لاءِ سر سان ڪفن ٻڌي ميدان تي نڪري پئون ته پوءِ اسان کي سنڌ جي آزادي واري منزل ماڻڻ کان ڪير به روڪي نه سگهندو. ان موقعي تي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي ۽ ٻين خطاب ڪيو. تقرير کانپوءِ شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ صنعان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، امجد مهيسر، رياض چانڊيو، خالق جوڻيجو، سيد زين شاهه، دودو مهيري ۽ متحده اڳواڻ وسيم اختر، امير ڀنڀرو، يوسف مستي خان، اعجاز سامٽيو، مظهر راهوجو، اصغر باغي، حاجي شفيع محمد ڄاموٽ، خدا ڏنو شاهه، سهيل ابڙو، شفيع ڪرناڻي، بشير خاصخيلي، الاهي بخش بڪڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جنهن بعد شهيدن جا مڙهه جلوس جي شڪل ۾ سن روانا ڪيا ويا جتان جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀرڻ کانپوءِ رتيديري ۾ شهيد بشير خان قريشي جي پيراندي دفنايو ويندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو