Home / اسپيشل افيئر / عطائي ڊاڪٽر، موت جا سوداگر
above article banner

عطائي ڊاڪٽر، موت جا سوداگر

عامر عباس سومرو

سنڌ جا ماڻهو جيترو تيزي سان بيمارين وگهي مري رهيا آهن تاريخ ۾ ڪڏهن به ناهن مئا. موت جي ان راند ۾ هڪ وڏو ڪردار عطائي ڊاڪٽر آهن جيڪي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پنهنجون اسپتالون کولي پنهنجي جهالت سان ماڻهن کي مارڻ جي گناهه ۾ نهايت بي ڊپائي سان شريڪ آهن. ملڪ جي آئين موجب ڪو به ماڻهو ميڊيڪل جي تعليم بنا ڊاڪٽري نه ٿو ڪري سگهي پر هتي قانون بڻجڻ کان اڳ ئي ان جو ٽوڙ به ڪڍيو ويندو آهي ۽ قانون جي هن ملڪ ۾ ڪا حيثيت ئي ناهي، جو ان کي لاڳوڪندڙ پاڻ قانون ٽوڙيندڙ هوندا آهن، جنهن جو مثال اينٽي ڪرپشن کاتو آهي جنهن جا ملازم پاڻ ملڪ جا بدترين ڪرپٽ ماڻهو هوندا آهن جن کي ڏسي اينٽي ڪرپشن کاتو جوڙڻ جو خيال ايندو آهي. عطائي ڊاڪٽرن جو هڪ وڏو انگ اهي ڪمپائونڊر هوندا آهن جيڪي ڪنهن ڪواليفائڊ ڊاڪٽر جي ڪلينڪ تي انجيڪشن هڻڻ ۽ مرهم پٽي ڪرڻ جو ڪم ڪندڙ هوندا آهن. جتان هو ڪجهه هنر وائسي وڃي پاڻ ڪلينڪ کوليندا آهن پر جيئن ته انهن ڊاڪٽري جو علم ڪڏهن به حاصل ناهي ڪيو تنهن ڪري هو ڪڏهن به مريضن جي صحيح تشخيص نه ڪري سگهندا آهن ۽ نتيجي طور ڊاڪٽر جي ڪلينڪ مان رٽيل اينٽي بايوٽڪ جا ڌوڙيا لاهيندا آهن.

جيئن ته ڪواليفائيڊ ڊاڪٽرن پنهنجون فيون وڌائي ڇڏيون آهن تنهن ڪري غريب ماڻهو انهن مهانگن ڊاڪٽرن ڏانهن رخ ڪرڻ بدران انهن عطائي ڊاڪٽرن جو رخ ڪن ٿا جيڪي هاءِ اينٽي بايوٽڪ سان کين چڱو ڀلو ٿا ڪري ڇڏين ۽ ايئن ڪرڻ سان غريب مريضن جو پڻ انهن تي ويساهه وڌي ٿو وڃي ته ٿورن پئسن ۽ گهٽ وقت ۾ هي عطائي ڊاڪٽر چڱا آهن پر انهن ناسمجهه مريضن کي اهو اندازو ناهي هوندو ته هاءِ اينٽي بايوٽڪ سان هنن جو مدافقي نظام بري طرح متاثر ٿو ڊيگهه پوءِ جسم وچولي اينٽي بايوٽڪ بدران رڳو هاءِ تي النحصار ڪندو آهي. بنا پڙهڻ ۽ محنت جي جڏهن ڪو عطائي ڊاڪٽر بڻجي ٿو ته هو صحت جي لازمي اصولن کان اڻ واقف هجي ٿو جيئن هر مريض کي نئين سيل ٿيل ڊسپوزبل سيون لڳائڻ، ٿرماميٽرن کي هر مريض کانپوءِ جراثيمن کان صاف ڪرڻ، ڊاڪٽري اوزارن کي جراثيم ڪش دوائن کان پاڪ رکڻ ۽ جيڪڏهن هو واقف آهي ته به پئسن جي لالچ ۾ معمولي رقم خرچ ڪري اوزارن کي اسٽرلائيز ناهي ڪندو جنهن جي نتيجي ۾ مختلف مريضن ۾ داخل ٿيندي آهي ۽ نتيجي طور جيڪو مريض هڪ بيماري مان نجات حاصل ڪندو آهي ان لاءِ هڪ ٻي بيماري پهريان ئي تيار بيٺي هوندي آهي.هي نقلي ڊاڪٽر جيئن ته ڊاڪٽري علم نٿا ڄاڻن تنهن ڪري هو پنهنجي قابليت بدران پنهنجي اداڪاري ۽ ڌوڪي ڏيڻ ۽ فن آڌار مريض ڦاسائيندا آهن. هر عطائي ڊاڪٽر تمام سٺو فنڪار ٿئي ٿو. هنن جا مريض اهي مسڪين به ٿيندا آهن جيڪي ڪنهن اهڙي بيماري جا شڪار هوندا آهن جنهن جو علاج ڊگهو هوندو آهي پر جيئن ته ڊگهو علاج پنهنجي ڊيگهه جي لحاظ کان پئسو به کائيندو آهي تنهن ڪري مسڪين مريض ان مرض کان ترت ڇوٽڪاري لاءِ عطائي ڊاڪٽرن ڏانهن رخ ڪندا آهن. عطائي ڊاڪٽر جيڪي فارما ڪمپنين کان پڻ ڪميشن وٺي انهن جون دوائون لکندا آهن. تنهن ڪري هو مريضن جي صحتيابي ۽ ڪميشن جي لالچ ۾ تمام هيوي اينٽي بايوٽڪ لکندا آهن جنهن سان نيٺ مريض ٺيڪ ٿي ويندو آهي. اڻ پڙهيل ۽ مريضن جي مزاج کان واقف عطائي ڊاڪٽر کيس ڪا دوا ڏيڻ بجاءِ انجيڪشن تي رکندو آهي ته جيئن مريض لڳاتار ان جي ڪلينڪ جا چڪر لڳائڻ جو پابند رهي جيڪو پڻ ميڊيڪل جي اصولن جي خلاف آهي جنهن مطابق جيستائين مريض کائڻ جي قابل آهي تيسين ان کي انجيڪشن نه لڳائي وڃي. جڏهن تمام علاجن باوجود به مريض ٺيڪ ناهي ٿيندو ته هو کيس ڪنهن حقيقي ڊاڪٽر سان رجوع ڪرڻ لاءِ چوندا هن مان جڏهن سول اسپتال ڪراچي جي ٻارن جي ايمرجنسي ۾ هوندو هئس تڏهن لياري ۽ ٻين غريب آبادين کان والدين اڪثر اهڙن ٻارن کي کڻي ايندا هئا جيڪي ڊائريا (دستن) يا ڪنهن بيماري سبب موت جي ويجهو هوندا هئا. جڏهن والدين کان پڇا ڪندا هئاسين ته اهڙي حالت ۾ ڪيئن کڻي آيا آهن ۽ بيمار ٿيندي ٻار کي ترت ڇو نه کڻي آيا ته هو چوندا هئا ته سائين پهريان پاڙي ۾ موجود عطائي ڊاڪٽرن کان علاج ڪرايو ۽ جڏهن ڳالهه هن کان چڙهي وئي ته هن اسان کي سول اسپتال وڃڻ لاءِ چيو. عطائي ڊاڪٽرن هٿان خراب ڪيل ۽ موت جي ويجهو پهتل اڪثر ٻار مري ويندا هئا ۽ هر زور ايمرجنسي وارڊ مان والدين جون رڙيون ۽ آهون ٻڌڻ ۾ اينديون هيون. هڪ دفعي ته ايئن به ٿيو ته هڪ عطائي ڊاڪٽر پنهنجي ٻار جو پاڻ علاج ڪيو ۽ طبعيت بگڙجڻ تي ان کي اسپتال کڻي آيو جتي چيڪ ڪرڻ تي خبر پئي ته اهو ٻار مري چڪو هو. هو ڏاڍو رنو تڏهن مان سمجهايو مانس ته تنهنجي پنهنجي ٻار جي مرڻ تي توکي ڪيترو ڏک پهتو آهي پر توکي انهن والدين جي ڏک جو اندازو ناهي جن جا ٻار تنهنجي نااهلي ۽ سبب لالچ ٿيل غلط علاج مان مئا هوندا. هڪ دفعو ته هڪ پٺاڻ پنهنجي پٽ جي طبيعت بگڙجڻ تي عطائي ڊاڪٽر کي پاڻ سان گڏ سول اسپتال وٺي آيو جتي اهو عطائي ڊاڪٽر تمام شرمندو ٿيو ۽ صبح کان شام تائين نوڪرن وانگر نه رڳو ڊيوٽي ڏنائين پر مريض جي لاءِ لکيل تمام دوائن وغيره جو خرچ به ڀريندو رهيو. حيرت جي ڳالهه اها به آهي ته ننڍن شهرن ۽ خاص ڪري ڳوٺن ۾ مريض گوريون کائڻ بدران انجيڪشن هڻائڻ کي وڌيڪ پسند ڪندا آهن حالانڪه ان عمل ۾ سور به کين ٿيندو آهي پر اها به حقيقت آهي ته سئي وسيلي جسم ۾ داخل ٿيندڙ دوا ترت اثر ڏيکاري ٿي جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ گوري کي پنهنجو اثر ڏيکارڻ ۾ چڱو وقت لڳي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڊاڪٽرن ۽ عطائي ڊاڪٽرن وٽ هڪ کان وڌيڪ ڪمپائونڊر نوڪري تي رکيل هوندا آهن جن ۾ گهٽ ۾ هڪڙو ته هوندو ئي مريضن کي انجيڪشن لڳائڻ لاءِ، پر پئسن جي لالچ ۾ ڪوڙو ڊاڪٽر بڻجندڙ عطائي ڊاڪٽر ڊسپوزيبل انجيڪشن استعمال ڪرڻ بدران پراڻي اسٽائل جون شيشي جون انجيڪشن يا وري پلاسٽڪ جون اهي انجيڪشنون يا وري پلاسٽڪ جون اهي انجيڪشنون استعمال ڪندو آهي جن جي منهن تان سوئي لاهي ٻي سئي لڳائي مريضن کي مطمئن بلڪه بيوقوف بڻايو ويندو آهي. مرض جي تشخيص جي طريقن کان اڻ واقف معاشري جا اهي مجرم مريض جو غلط علاج ڪري ۽ مختلف مرض پکيڙي اڄ تائين ڪيترائي انسان ماري چڪا هوندا ان جو اندازو لڳائڻ ڏکيو آهي پر اهو ڌنڌو سالن کان کلئي عام هلي رهيو آهي، اهو پڻ افسوسناڪ آهي. حڪومت ۽ صحت کاتي جي ڪارڪردگي خود هڪ سواليه نشان آهي ته هو نيٺ ڪڏهن پنهنجو فرض نڀائيندا ۽ اهڙي ڪڌي ڪم جو انت آڻيندا.

amirsoomro@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو