Home / ڪرنٽ نيوز / قوم دعا ڪري ملڪ کي دهشتگردي مان نجات ملندي: نوازشريف
above article banner

قوم دعا ڪري ملڪ کي دهشتگردي مان نجات ملندي: نوازشريف

53f994afc7647de2be30a375d0a2f1ea_Mوزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته 65 سالن ۾ به ملڪ جي حالت ناهي بدلجي سگهي آهي. نه بجلي آهي نه گئس آهي، ماضي جي غلط پاليسين سبب دهشتگردي ديرو ڄمائي ورتو آهي. قوم دعا ڪري ته ملڪ کي دهشتگردي مان نجات ملي. وزيراعظم نوازشريف اسلام آباد ۾ ميٽروبس منصوبي جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته قوم دعا ڪري ته ملڪ کي دهشتگردي مان نجات ملي. عوام کي ڏسڻو پوندو ڪهڙي قيادت اُن جي بهتري لاءِ ڪم ڪري ٿي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير طور شهباز شريف جي ڪارڪردگي مثالي آهي. وزيراعظم چيو ته ايٽمي قوت بڻجڻ جو فائدو ملڪ کي ٿيو آهي جنهن سبب ڪوبه ملڪ کي ميري اک سان ڏسي نٿو سگهي. نوازشريف چيو ته گذريل 10، 15 سالن ۾ عوام جي بهتري جو ڪوبه منصوبو شروع ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته موٽروي به تمام جلد اسان مڪمل ڪيو. ميٽرو بس به جلد مڪمل ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان 65 سالن ۾ اسان ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ پوئتي هليا ويا آهيون، 65 سالن کانپوءِ به هن ملڪ ۾ نه ئي بجلي آهي ۽ نه ئي گس، قتل، دهشتگردي ۽ جهالت ملڪ ۾ ديرو ڄمائي ڇڏيو آهي. ملڪ جي حالت ڏسي دل ڏکي ٿي. جيڪي اسان کان پوئتي هئا اُهي اسان کان تمام گهڻو اڳتي نڪري ويا آهن. دهشتگردي ۽ ڪرپشن سبب اسان پوئتي رهجي ويا آهيون. ماضي جي غلط پاليسين سبب اڄ ملڪ دهشتگردي جي لپيٽ ۾ آهي، اسان مارشلا لا دور جي غلط پاليسين جو نتيجو ڀوڳي رهيا آهيون. هن چيو ته وڏن وڏن شهرن ۾ اڃا به سيوريج جو ناقص نظام آهي، اڄ اسين انهن مسئلن جي خاتمي بجاءِ انهن ۾ اضافو ڏسي رهيا آهيون. وزيراعظم چيو ته چوڌري نثار دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڏينهن رات محنت ڪري رهيو آهي، هڪ ٻن ڏينهن ۾ ڳالهين لاءِ ٻنهي ڌرين ۾ ملاقات ٿيندي. هن چيو ته ڪراچي کان لاهور موٽروي جو منصوبو به جلد شروع ٿي ويندو. ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو هميشه لاءِ خاتمو ڪري ڇڏينداسين. اسحاق ڊار کي چيو آهي ته ڊالر کي 98، 99 جي آس پاس رکو. ڊالر کي گهڻو هيٺ آڻڻ به مناسب ناهي ته جيئن برآمدات کي نقصان نه ٿئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو