Home / ڪرنٽ افيئر / لاڙڪاڻي کي باهه ڪٿان لڳي؟
above article banner

لاڙڪاڻي کي باهه ڪٿان لڳي؟

الطاف پيرزادو

لاڙڪاڻي جي ليلا آباد پاڙي مان پاڪ ڪتاب جي مبينه بي حرمتي واري افواهه کانپوءِ شهر جي جناح باغ چوڪ تي شرپسندن طرفان سيٺ ڌوني مل پهلو مل ڀاٽيا هندو ڌرم شالا کي ڏنل باهه ڄڻ ته سنڌ جي صدين جي صوفي مزاج کي تيلي لڳائڻ هو، سنڌ جيڪا صدين کان لڱ هندو، مسلم، ناهيان يار، جوئي آهيان، سوئي آهيان. جي رنگ ۾ رچيل رهي آهي، تنهن جي شعور ۾ سياسي طور متحرڪ شهر لاڙڪاڻي ۾ ههڙي ڱد ڪنڊاريندڙ واقعي جو پيش اچڻ ڪٿي سنڌ کي انتهاپسندي ۽ مذهبي رتو ڇاڻ ڏانهن ڌڪڻ جي سازش ته ناهي؟ جي آهي ته سڄاڻ ڌرين کي اهڙي سازش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ اڳتي اچي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کانپوءِ ملڪ جي باقي حصن خاص ڪري پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ مذهبي هم آهنگي جو لازوال مثال پئي رهي آهي. لاڙڪاڻو جيڪو قبيلائي جهيڙن ۽ ڪاروڪاري جهڙين ڪڌين ۽ مدي خارج رسمن جو شڪار ته رهيو آهي پر مذهبي فساد هن شهر جو مزاج نه رهيا آهن. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ لاڙڪاڻي ۾ هڪ هندو انجنيئر پنهنجي ڀيڻ جي نالي تي گوسي ٻائي جواهر مل ليڊيز ڪلب تعمير ڪرايو هو، جيڪو اڄ به هاڻوڪي جناح باغ ۽ اڳوڻي گيان باغ ۾ ان ڌرم شالا جي لڳو لڳ اولهه ۾ قائم آهي، جنهن کي تازي واقعي دوران باهه ڏني وئي.

هي ليڊيز ڪلب هاڻي ته مسلم بيگمات هلائين ٿيون پر ڪلپنا ديوي جهڙيون هندو عورتون به ان جو حصو آهن. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي کان اڳ هي ليڊيز ڪلب هندو- مسلم مذهبي هم آهنگي جو لازوال مثال پئي رهيو آهي. هي ڪلب هندو ۽ ملسمان عورتن جي سرگرمين ۽ تقريبن جو بغير ڪنهن مذهبي تفريق جي مرڪز پئي رهيو آهي. مطلب ته مردن ۾ لاڳاپن سان گڏوگڏ ٻنهي ڌرمن ۾ هڪٻئي جي گهرن ۾ اچ وڃ توڙي خانداني لاڳاپا قائم هوندا آهن جيڪي اڄ به جيئن جو تيئن برقرار آهن.

20

لاڙڪاڻي ۾ اهڙو ئي واقعو پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ هندستان ۾ ناري سان لڄالٽ جي پسمنظر ۾ پيش آيو هو. شرپسندن ڀڃ ڊاهه ۽ ساڙ جا واقعا ڪيا پر آڱرين تي ڳڻڻ جيترن شرپسندن تي امن پسندن جي اڪثريت ايئن حاوي ٿي، جيئن اڄ ٿي آهي. ايتري قدر جو خطري هيٺ آيل هندو ڪميونٽي کي مسلمان پنهنجي گهرن ۾ پناهه ڏني ۽ تحفظ ڪيو. بلڪل ايئن ئي جيئن ڪي مرد مجاهد ۽ قومپرست ڪارڪن تازي واقعي کانپوءِ سندن حفاظت لاءِ ميدان تي نڪتا.

البته انگريزن کان آزادي لاءِ ننڍي کنڊ ۾ هڪ طرف ته انگريزن خلاف تحريڪ هلي رهي هئي، ٻئي طرف ويندي ويندي انگريزن مذهبي بنيادن تي گڏيل هندستان کي ورهائڻ لاءِ مذهبي وڳوڙن جو بنياد وڌو. نتيجي ۾ پورو کنڊ مذهبي وڳوڙن جي ور چڙهي ويو، جنهن جو اثر سنڌ به پهتو، مسجد منزل گاهه جهڙا واقعا پيش آيا، بهرحال ننڍو کنڊ ورهائجي، جنهن جو بنياد نج مذهب هو، يعني ملسمان لاءِ پاڪستان ۽ هندو اڪثريت لاءِ هندستان.

سو چوڻ جومطلب ته سنڌي ڳالهائيندڙ هندو هجي يا ملسمان پنهنجي مزاج ۾ انتهاپسند نه پر صوفي منش رهيو آهي ۽ “هئا اڳئي هڪ ، ٻڌڻ ۾ ٻه ٿيا” وانگر ئي مالها ۾ پويل موتي پئي رهيا آهن. لاڙڪاڻي ۾ جيڪو واقعو پيش آيو آهي، اهو سنڌ لاءِ ڪو نئون ناهي، سنڌ کي ننڍي کنڊ جي رهاڱي دوران توڙي پوءِ مذهبي توري لساني ويڙهه ايتري قدر جو هڪ ئي مذهب جي فرقن وچ ۾ ويڙهه جي باهه ۾ اچڻ جي سازش پئي ٿيندي رهي آهي.

لاڙڪاڻي واري واقعي کي عالمي تناظر ۾ به ڏسي سگهجي ٿو اهڙن واقعن پٺيان عالمي راند جو هٿ هئڻ کي ڪيئن رد ڪري سگهجي ٿو؟ ڇا ڪاڻ جو انگريز راڄ دوران ننڍي کنڊ ۾ هندو- مسلم تفاوت ۽ ويڇن توڙي وڳوڙن کي اڀاريو ۽ ڀڙڪايو ويو، اهڙي طرح افغانستان تي جڏهن روسي فوجون ڪاهي آيون ته افعانستان مان روسي فوج کي تڙي ڪڍڻ لاءِ مقامي اتحادين ذريعي انتهاپسندي جي سوچ کي هٿي ڏئي وئي. طالب ۽ مجاهد پيدا ڪيا ويا. آمريڪي پنهنجي مفادن خاطر هن خطي کي باهه ۾ اڇلي ڇڏيو ۽ ايئن هي خطو اڄ به انتهاپسندي ۽ دهشتگردي جي باهه جي لپيٽ ۾ آيل آهي. انهن باهه جي الرن جو تاءُ سنڌ به پهتو آهي. حالانڪه سنڌ عدم برداشت جو ايئن شڪار اڃا ناهي ٿي، جيئن ملڪ جي اولهه اتر وارا علائقا پر سنڌ جي پنجاب ۽ بلوچستان جي سرحدن سان لڳندڙ علائقا، جيڪي گهڻي ڀاڱي قبيلائي ريتن ۽ رسمن جي اثر هيٺ رهيا آهن، اتي هاڻي مذهبي انتهاپسند عنصر پير کوڙڻ شروع ڪيا آهن. مدرسن جي تعداد ۾ واڌ ۽ اتي جي تعليم جي انداز ۾ تبديلي جي رجحان جنم ورتو آهي. اهو رجهان جنهن افغانستان ۾ تباهي آڻڻ کانپوءِ خيبرپختون خواهه کي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو آهي. 

پنجاب ۾ به پنجابي طالبان جي موجودگي هاڻي ڪو راز نه رهيو آهي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جت وڻ وڻ جي ڪاٺي وانگر مختلف ٻولين، مذهبي مزاجن جا ماڻهو رهن ٿا ۽ سرڪاري انگن اکرن موجب ٽيٽيهه يونين ڪائونسلون انتهاپسندن جي اثر هيٺ آهن. سو افغانستان مان اڀاريل انتهاپسندي جي باهه هاڻي “جو کيڙي سو کائي” جهڙي برابري وارو پورهيت هاري درست نظريو ڏيندڙ شاهه عنايت شهيد جي سرزمين سنڌ جي گرد به ڦري وئي آهي. لاڙڪاڻي جهڙا واقعا سنڌ جي برداشت وارو پيمانو ماپڻ جي ڪوشش به ٿي سگهن ٿا. تنهن ڪري ان کان اڳ جو هي چڻنگ ڪو ڀڀڙ ڀڙڪائي سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن کي اڳتي اچي مسلسل سياسي ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين جي ذريعي انتهاپسندي جي رهجھان کي اڳتي وڌڻ کان روڪڻ لاءِ ڪردر ادا ڪرڻ گهرجي بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ لڳاين مارشلائن ۾ جيڪو سياسي خال پيدا ٿيو، سو گهڻي ڀاڱي انتهاپسندي جي انهي وڌندڙ رجحان کان بچڻ لاءِ هيٺين سطح تي سياسي عمل کي اڳتي وڌائڻ سان گڏوگڏ لاڳيتين ثقافتي ۽ سماجي سرگرمين جي به ضرورت آهي.

لاڙڪاڻي واسين جي سياسي فهم کي به سلام، جن بروقت اڳتي اچي شرپسندي جي ڦوڪڻي مان هوا ڪڍي ڇڏي ۽ شهر کي سڙڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ کان بچائي ورتو. حقيقت ۾ سنڌ جا هندو سنڌ جا وارث آهن، سندن به هن ڌرتي تي اوترو ئي حق آهي، جيترو سنڌي مسمانن جو، ڇاڪاڻ جو ٻئي سنڌيت جي رنگ ۾ رڱيل هئڻ سبب هڪ ٻئي کان الڳ ۽ مختلف ناهن.

اصل معاملو ڇا هو؟

خاص رپورٽ

چون ٿا ته الزام هڻندڙ منان شيخ جي الزام هيٺ آيل همراهه سان ڪجهه عرصي کان اڻبڻت هڻي ۽ هن سان ساڻس رويو به اسهپ وارو هو. نه رڳو ايترو پر هو ۽ سندس آواره دوست استري جي دڪان اڳيان ويٺي اتان گذرندڙ ٻن هندو نارين جي راهه تڪيندا رهندا هئا. هي ٻئي ناريون پاڙي ۾ بيوٽي پارلر تي ڪم ڪنديون هيون ۽ الزام هيٺ آيل همراهه جون ڀينرون هيون. ڪي پاڙيوارا ته ساڳي ئي هندو همراهه جي گهر کي ڪجهه وقت اڳ لڳل ڌاڙي کي پڻ ٻنهي هندو نارين طرفان مسلمان ۽ سندس حواري دوستن کي “ نه کنگهڻ” جي پسمنظر ۾ ڏسن ٿا. نه رڳو ايترو پر پاڙي ۾ اهي چوٻول به ٻڌا ويا ته الزام هڻندڙ، جيڪو دڪان تي ڪپڙا استري ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو، تنهن ۽ الزام هيٺ آيل همراهه ۾ ڏيتي ليتي جو به ڪو معاملو هلندڙ هو، جيڪو رفع دفع ڪرڻ لاءِ هي ممڻ مچايو ويو.21

اصل ماجرا ڇا آهي؟ تنهن جو پتو ته حقيقتن تي ٻڌل جاچ مان ئي پئجي سگهي ٿي. ڏسڻو اهو آهي ته انتظامي سطح تي پوليس جي جيڪا جاچ ٽيم جوڙي ويئي آهي سا پنهنجا فرض ايمانداري سان نڀائي ٿي يا هن جاچ سان به اها ئي ٿي جٺ ڪري جيڪا پوري ملڪ ۾ ڪنهن به واقعي کي رفع دفع يا پيس پرده ڪرڻ لاءِ جڙندڙ جاچ ٽيمون ڪنديون آهن. جاچ ۾ جيڪڏهن هندونياڻين سان ڇيڙ ڇاڙ وارو معاملو اچي ته اهو روايتي روئي حوالي ٿيڻ بدران ان جو سدباب به ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو عزت هندو نياڻي جي هجي يا مسلمان نياڻي جي، عزت عزت ٿيندي آهي. جنهن تي ڪا سودي بازي نه ٿيڻ گهرجي.

اميد ڪري سگهجي ٿي ته هن معاملي ۾ جنهن سان لاڙڪاڻي، سڄي سنڌ ۽ ملڪ ۾ مذهبي وڳوڙن جي باهه ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، تنهن جي جامع جاچ سان معاملي جي تهه تائين پهتو ويندو ۽ ذميوارن خلاف بنا ڪنهن فرق جي اثرائتي ڪارروائي ڪئي ويندي، پوءِ چاهي انهن جو تعلق ڪنهن اثرائتي ڌر ۽ گادي سان ئي ڇو نه هجي ڇاڪاڻ ته بيوٽي پارلر هلائي محنت، مزدوري سان گهر جو چرخو هلائيندڙ نياڻين جو اهو سمجهي رستا روڪ ڪرڻ ته جيئن ته سندن تعلق ڪمزور ڪميونٽي سان آهي، تنهن ڪري ڪجهه نه ٿيندو، ساڳئي ئي گهر ۾ ڌاڙو ۽ هاڻي وري هن اهڙي سنگين الزام ذريعي شهر ۾ ڀڃ ڊاهه جلاءُ گهيراءُ جي منظم واقعن مان هن معاملي پٺيان ڪنهن سوچيل سمجهيل سازش کي رد نه ٿو ڪري سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو