لاڙڪاڻي ۾ مقدس ورقن جِي مبينا بي حرمتي ۽ ڌرمشالا کي باهه ڏيڻ واري معاملي سبب پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کانپوءِ حالتون معمول تي اچي ويون. شهر جا اهم ڪاروباري علائقا بندر روڊ، پاڪستاني چوڪ، رائل چوڪ، باقراڻي روڊ ۽ اسٽيشن روڊ اڄ صبح سوير معمول موجب کــُلي ويا. شهر جي حساس هنڌن ۽ هندو برادري جي گهرن ٻاهران رينجرز ۽ پوليس جا اهلڪار مقرر ڪيا ويا. هوڏانهن ڌرم شالا کي لڳايل باهه ۽ مندر سميت هندو برادري جي ملڪيتن کي پهچايل نقصان جا ڪيس داخل نه ٿي سگهيا. 2 ڏينهن اڳ مقدس ورقن جي مبينا بي حرمتي واري واقعي بعد اڻڄاتل شرپسندن ڌرم شالا ۾ ڀڃ ڊاهه ڪري باهه ڏئي ڇڏي هئي. پوليس گذريل ڏينهن، مقدس ورقن جي بيحرمتي ڪرڻ جي الزام هيٺ آيل نوجوان ۽ سندس ڪٽنب کي حراست ۾ وٺي اڻڄاتل محفوظ هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو هو