Home / ڪور افيئر / مذهبي جنونيت ڏيپلي ۾ به ڪاهي پئي
above article banner

مذهبي جنونيت ڏيپلي ۾ به ڪاهي پئي

Picture4

سنڌ صدين کان جنهن مذهبي رواداري ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي رهي آهي، گذريل ڪجهه ڏهاڪن کان سنڌ جي انهيء صوفياڻي مزاج جي بيهڪ مدرسن جي وڌندر ڄار ۽ سنڌي هندو نياڻين جي زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جي لهر سان گڏ ان وقت بدترين صورت اختيار ڪري چڪي آهي جڏهن لاڙڪاڻي، حيدر آباد کان پوءِ ڏيپلي تعلقي جي هڪ ننڍري ڳوٺ ويڙهي جھپ ۾ صدين کان قائم فقير پاربرهم جي آشرم ۾ لڳندڙ سالياني ميلي دوران حملو ٿيو.
ڏيپلي شهر کان تقريبن ڏهاڪو کن ڪلوميٽر وٿيرڪي ڳوٺ ويڙهي جھپ ۾ صدين کان هڪ آشرم قائم آهي جنهن کي فقير پاربرهم جو آشرم سڏيو وڃي ٿو، جنهن ويڙهي جھپ جو ذڪر ڪندي شاھ لطيف پنهنجي هڪ بيت ۾ چوي ٿو:
کاهوڙيا کڻي، ويڙهي جھپ ويا،
سيڻ منهنجا سيد چئي، هتي نه هيا،
ڏيهي ڏور ويا، ڏيان ڏوراپا ڪنهن کي.
فقير پاربرهم جنهن کي ٿر واسي عام طور تي ڏاڏو پاربرهم چون ٿا، ڪڇ ۾ جنم ورتو. ننڍپڻ کان ئي فقيراڻي طبيعت هجڻ جي ڪري گيان ڌيان ۾ مشغول رهندو هيو. سنياسين، کاهوڙين،. ڪاپڙين ۽ سنتن جي صحبت ۾ هنگلاج ياترا تان موٽندي ڪاشيناٿ، بدريناٿ ۽ ڪيڏار ناٿ جا تيرٿ گھمي جڏهن فقير پاربرهم گرنار پهتو ته سندس مرشد (گرو ) کيس مهاديو شو شنڪر ڀڳوان جا قديمي ترشول ڏئي سنڌ جي ٿر وسائڻ جو حڪم ڏنو. گرنار منجھان فقير پاربرهم ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ ويڙهي جھپ ۾ راول فقير جي آستاني تي پهتو، جنهن راول فقير جي لاءِ شاهه لطيف پنهنجي هڪ وائيءَ ۾ چيو آهي:
راول رهي نه رات، ڀينر منهنجو راول رهي نه رات
ٿر جيڪو عام طور تي امن ۽ محبت جو ديس رهيو آهي، گذريل ڪجهه عرصي کان حڪومتي بد انتظامي ۽ ٿر جي مسڪين ماروئڙن جي بيوسيءَ جي سبب مختلف مذهبي ۽ فرقيواراڻين نفرتن ڦهلائيندڙ تنظيمن جي سبب پنهنجي بک ۽ بد حاليءَ سان گڏ مذهبي نفرتن جو عذاب به ڀوڳي رهيو آهي.
مذهبي تبليغ، سماجي ڀلائيءَ جي ادارن توڙي سياسي مفاد پرستين جي آڙ ۾ ٿر واسين ۾ ويڇا وڌائي مختلف گروهه پنهنجا پنهنجا گروهي مفاد پورا ڪري رهيا آهن. حڪومتي بي ڌياني ۽ ٿر واسين جي بنيادي مسئلن کان حڪومتي غير وابستگي جي سبب مختلف مذهبي تنظيمون ( جن ۾ جهادي فڪر وڌائيندر جماعت الدعوه، احمدي جماعت ۽ عيسائي مشنري شامل آهن ) سي ٿر واسين کي پيئڻ جي پاڻي يا کاڌ خوراڪ جي ٿيلهن سان گڏ پنهنجو گروهي مريد ڪرڻ جي چڪر ۾ رڌل آهن.
ٿر جهڙي سادي مزاج رکندڙ ڏيهه ۾ هزارين مدرسا قائم ڪيا ويا آهن. شاندار تعليمي ماضي رکندڙ شهر ڏيپلي م پڻ تعليمي درسگاهن جي بدران ديني مدرسا وڌي رهيا آهن. ڏيپلو شهر جي اتر پاسي فقير پاربرهم جي آشرم ۾ لڳندر سالياني ميلي واري ڏينهن، 30 مارچ تي صبح جو 6 بجي 4 ماڻهو هڪ ٽيڪسي ۾ سوار ٿي فقير پاربرهم جي آشرم ۾ داخل ٿيا. ان وقت آشرم ۾ صرف هڪ چوڪيدار موجود هيو انهن ماڻهن آشرم ۾ لڳل شو ڀڳوان جي قديمي ترشولن کي زمين مان پٽي هڪ چاندي جو ٺهيل نانگ کڻي باقي يادگارن ۽ آشرم ۾ ٽوڙ ڦوڙ ڪري ساڳي ئي ٽيڪسي ۾ سوار ٿي مٺي واري رستي روانا ٿي ويا.
اهڙي سانحي جي خبر ٻڌڻ سان ئي هزارين هندو روڊن رستن تي نڪري احتجاج ڪرڻ لڳا. چوڪيدار جي سڃاڻپ تي ٽيڪسي ڊرائيور کي پوليس گرفتار ڪيو (ٽيڪسي هڪ هند و جي هئي، جنهنجو ڊرائيور هڪ مسلمان ذات جو پاڙهيو هئو ۽ اها ٽيڪسي مٺي کان چار ماڻهو ڪرائي تي کڻي آشرم پهتي هئي). ڊرائيور جي سڃاڻپ تي چارئي ماڻهو گرفتار ڪيا ويا، جن جو اڳواڻ وسايو پاڙهيو آهي. وسايو پاڙهيو جيڪو ڏيپلي تعلقي جي جرمريو جو رهواسي ٻڌايو وڃي ٿو، سو پيشي جي لحاظ کان نلڪن جو مستري آهي ۽ پاڻيء جي بورنگ جو ڪم ڪندو آهي. موجوده وقت ۾ فقير پاربرهم آشرم ۾ لڳل نوان نلڪا ۽ پاڻي جي بورنگ به انهيء ساڳي ئي واردات ۾ ملوث وسائي پاڙهيي جي ٿيل آهي.
وسايو پاڙهيو جيڪو ڪافي وقت ذهني بيماري جي علاج هيٺ به رهيو آهي تنهنجو واسطو مٺي ۾ ڪم ڪندر هڪ مذهبي تنظيم سان ٻڌايو وڃي ٿو. انهي مذهبي تنظيم آشرم جي ڀرم هڪ زمين جي ٽڪري تي قبضو ڪري هڪ ديني مدرسو قائم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي هئي، ان زمين جي چئني پاسن کان ميگھواڙ هندن جا ڳوٺ آهن. فقير پاربرهم آشرم جي سار سنڀال لهندڙ ڏيپلي واسي گھنشام لوهاڻي انهي مذهبي تنظيم کي اها آڇ ڏني ته توهان آشرم جي ڀر واري زمين تان قبضو ختم ڪريو، باقي جتي چئو اتي مان توهان کي زمين ڏيندس ۽ ان زمين جي مٿان مدرسو به پنهنجي خرچ تي جوڙي ڏيندس، پر اها مذهبي تنظيم پنهنجي ضد تي قائم آهي ۽ هن ڀيري سالياني ميلي ۾ آشرم جي بي جرمتي ۽ چوري به هڪ ذهني مريض کان ڪرائي وري به پنهنجا پاند آجا ڪرڻ گھري پئي. جڏهن ته آشرم مان چوري ۽ ٽوڙ ڦوڙ ڪري نڪرڻ کان پوءِ ان وسائي پاڙهيو کي گلن جا هار پارائي گشت به ڪرايو ويو هيو.
حڪومتي عملدارن ۽ سنڌ جي ساڃاهه وند ماڻهن تي فرض ٿئي ٿو ته سنڌ جي تصوف ۽ مذهبي روايتن سان گڏ صدين کان قائم قديمي مندرن، آشرمن ۽ سنڌي هندن جي مال ملڪيت جي تحفظ جي ذميواري محسوس ڪن.11سڄو ڏيهه ڏُڪار، ڏُکويل آ ڏيپلو

ٿر پارڪر ضلعي ۾ آيل موجوده ڏُڪار جي نتيجي ۾ کاڌ خوراڪ جي گھٽتائي ۽ ڪمزوري جي نتيجي ۾ ڦهليل ٻارن ۾ بيمارين جي لاءِ امدادي طبي ڪئمپن جي ٻئي مرحلي ۾ ڏيپلي تعلقي جي مختلف ڳوٺن ۾ علاج ۽ دوائون پهچائڻ جي لاءِ سوشل ميڊيا تي متحرڪ ٿيل سنڌ فيسبوڪ فرينڊز جي ٽيم ڪراچي، حيدر آباد ۽ ٽنڊي محمد خان جي رضاڪارن (احمد سومرو، ڊاڪٽر برڪت نوناري، نسرين هنڱورو، خالده خاصخيلي، امر سومرو، عرفان لاکو، ذاڪر سومرو ۽ مولا بخش جمالي ) تي مشتمل هئي، جيڪا ڏيپلي جي هڪ ادبي ۽ سماجي ڪارڪن امر راء سنگهه راجپوت جي ميزباني ۾ ڏيپلي شهر پهتي.
ڏيپلو شهر، جيڪو هونئن ته ڏيپي ميگھواڙ جو جوڙايل آهي، پر پوري سنڌ ۾ ڏيپلو علمي، ادبي، صحافي ۽ سماجي شخصيت مرحوم محمد عثمان ڏيپلائي جي ڪري مشهور آهي. ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور کان پوءِ ڏيپلي شهر کي سنڌ جي تعليمي لحاظ کان هڪ تاريخي حيثيت مليل آهي. انگريزن جي دور ۾ 1912ع ڌاري ڏيپلي ۾ هڪ پرائمري اسڪول قائم ٿيو، 1931ع ۾ ڏيپلي ۾ انگريزي تعليم جو پهريون اسڪول کوليو ويو، جيڪو 1944ع ۾ هاء اسڪول بڻيو. تعليم ۾ اڳڀرائي جي ڪري ڏيپلي جا ماڻهو نه صرف علم، ادب، ڪاروبار ۽ سماجي لڳ لاڳاپن ۾ اڳتي وڌيا، پر سرڪاري نوڪرين ۽ سول بيورو ڪريسي ۾ به اڳڀرا ٿيا، تعليم ۽ روزگار جي بهتر ذريعن هجڻ جي بنياد تي ڏيپلي جي ماڻهن پنهنجون ڪميونٽي جماعتون جوڙي (ڏيپلائي ميمڻ جماعت) مختلف شهرن ڏانهن ڪاروبار توڙي نوڪرين جي بنياد تي لڏپلاڻ ڪئي، جنهن ۾ ميرپور خاص، حيدرآباد، ڪراچي ۽ دبئي تائين پهچي پنهنجون الڳ رهائشي ڪالونيون ۽ ميل جول لاءِ ڪميونٽي سينٽر قائم ڪيا، جن مان سڀ کان مشهور حيدر آباد ۾ جوڙيل ڏيپلائي ٽائون اهميت رکي ٿو.
وقت ۽ حالتن جي تبديلي توڙي ڪاروباري ۽ معاشي ذريعن جي وڌڻ کان پوءِ انهن ڏيپلائين جو مرڪز ڏيپلي شهر مان ٽُٽي حيدر آباد ۾ جوڙيل ڏيپلائي ٽائون ٿي ويو. ڪنهن به ڪميونٽي جي لاءِ پنهنجي بنياد کي نه وسارڻ هڪ بهتر ڳالهه آهي ته ڏيپلائي اڃان تائين پنهنجي اباڻي شهر ڏيپلي جي نسبت سان پنهنجي سڃاڻپ قائم رکيون ويٺا آهن. مشهور تعليمدان محمد عثمان ڏيپلائي، مشهور ڊاڪٽر سڄڻ ميمڻ ۽ صالح ميمڻ، مشهور بيورو ڪريٽ حاجي هارون ميمڻ ۽ مهراڻ انڊسٽري جي مالڪ توڙي سياسي شخصيت گل محمد لاٽ سميت سوين بيوروڪريٽن ۽ هزارين پروفيشنل ڊاڪٽرن، انجنيئرن، سفيرن، ڪاروباري ماڻهن جو شهر ڏيپلو ڏسي افسوس به ٿئي ٿو ته ايڏيون وڏيون شخصيتون پئدا ڪندڙ ڏيپلو شهر بنيادي سهولتن جي کوٽ ۾ سموري سنڌ کان مختلف ڪونهي.

ڏيپلو شهر جنهن ۾ ٿرپارڪر ضلعي جو پهريون اسڪول قائم ٿيو هيو، هڪ صدي گذرڻ کان پوءِ انهي ساڳي شهر ڏيپلي ۾ اسڪولن جي تعداد يا اسڪولن ۾ داخل ٿيندڙ شاگردن جي تعداد ۾ ته ڪو اضافو نه ٿيو آهي پر هر گھٽي ۾ ڪو نه ڪو مدرسو ضرور نظر آيو، جنهن جو سبب مقامي ماڻهن اهو ٻڌايو ته پڙهيا لکيا ماڻهو ڪنهن نوڪري ملڻ يا ڪاروبار وڌڻ جي ڪري ڏيپلو ڇڏي حيدرآباد يا ڪراچي لڏي وڃن ٿا ٻيو ته وڌندڙ غربت جي سبب ماڻهو پنهنجا ٻار اسڪولن جي بدران مدرسن ۾ داخل ڪري رهيا آهن.
ڏيپلي ۾ پنهنجو رهائشي ٺڪاڻو هٿ ڪري پهرين ڏينهن ئي ڏيپلي تعلقي جي ڏاکڻي حصي ۾ ڏيپلي شهرکان 13 ڪلوميٽر پرڀرو هڪ ڳوٺ ڊُونڊيو ۾ طبي امدادي ڪئمپ لڳائي سين. ڏيپلو شهر ۾ سرڪاري اسپتال توڙي امدادي ٽيمن جي موجودگيء جي ڪري حالتون وري به ڪجھ بهتر هيون پر ڳوٺن ( خاص طور تي ڀيلن جي ڳوٺن ) ۾ حالتون ڏاڍيون خراب آهن،
جگاري ڳوٺ ۾ لڳايل سڀ کان وڌيڪ ڏکوئيندڙ واقعو 7 سالن جي هڪ ٻار لجپت ڀيل جو هيو. هڪ ڪمزور جسم جي غريب عورت جنهنجي جسم تي ليڙون ٿيل ڪپڙا پهريل هيا، ان عورت جي هٿ ۾ هڪ ننڍي ٻار جو هٿ هيو، ڪاري چمڙي، هيڊين چپن ۽ رت کان خالي جسم وارو اهو ٻار مون ڏانهن وڌيو، هن کي هٿ ڏئي پاڻ ڏانهن اچڻ لاءِ چيم ته منهنجي جھولي ۾ ويهي رهيو. سندس ماءُ جا سُڪل چپ ۽ پٿرايل اکيون ڏسي اکيون ڀرجي آيون. پڇڻ تي هن ٻڌايو ته سندس پٽ کي روزانو پيٽ ۾ سُور پوي ٿو ۽ سندس پٽ مٽي کائي ٿو. مون لجپت کي چيو ته مٽي ڇو کائين ٿو؟ لجپت ڏاڍي معصوميت مان جواب ڏنو ته امان جيتري ماني ڏئي ٿي ان مان پيٽ نٿو ڀرجي، انڪري مٽي کائيندو آهيان.
عام طور تي ماڻهو چوندا آهن ته نانگ ته ناهيان جو مٽي کاوان، پر ڪاري سون ( ڪوئلي جون کاڻيون ) رکندڙ ڌرتي ڌڻين جا معصوم ڪيئن مٽي تي پلجن ٿا، اهو ٿر جي ماڻهن کان ڪو ئي پڇي. لجپت ڀيل جي پيءُ کي گھرائي چيوسين ته تنهنجي پٽ کي مٺي جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪرائينداسين ته چيائين سان مون پنهنجي پوري زندگي ۾ مٺي نه ڏٺي آهي، مون وٽ ته ڏيپلي پهچڻ جو به ڪرايو ڪونهي. کيس چيوسين ته توهان تيار ٿيو، توهان جو ڪو به خرچ نه ٿيندو. پو لجپت ۽ سندس والدين کي وٺي مٺي جي اسپتال پهتاسين. لجپت جي جگر ۽ تري وڌيل هئي، پيٽ ڦوڪيل هيو، اکين جون پنبڙيون ۽ چپ رت کان خالي هيا، ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر کي چيوسين ته هن ٻار کي رت جي کوٽ آهي ۽ هن جي ٿيليسيميا جي به ٽيسٽ ڪريو. ڊاڪٽر صاحب چيو ته سائين ٻار جي لاء رت جو بندوبست ڪري کيس داخل ڪريون ٿا باقي پوري مٺي ضلعي ۾ ڪو به پيٿالاجسٽ يا رت جي چڪاس ڪندڙ ڊاڪٽر موجود ڪونهي.
ٿر پارڪر بنيادي انساني سهولتن کان وانجھيل هجڻ سان گڏ ڇوت ڇات، جاتي سماج ۽ مذهبي جنون ڏانهن وڌي رهيو آهي، بک ۽ بيمارين ۾ ڦاٿل ٿر واسين کي نه صرف حڪومت پنهنجي حال تي ڇڏي ڏنو آهي، اين جي اوز صرف بينرن ۽ بورڊن تائين محدود ٿيل آهن، باقي مختلف مذهبي تنظيمون ۽ مشن پنهنجي مخصوص ايجنڊائن تي عمل ڪري ٿر جي پر امن ڌرتي کي مذهبي نفرتن ڏانهن ڌڪي رهيا آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو