Home / ڪرنٽ نيوز / مسافر ڪوچن ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر، 35 مسافر اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي
above article banner

مسافر ڪوچن ۽ آئل ٽينڪر ۾ ٽڪر، 35 مسافر اجل جو شڪار، ڪيترائي زخمي

asحــَب ويجهو ٻن مسافر ڪوچن ۽ آئل ٽينڪر ۾ خوفناڪ ٽڪر سبب عورتن ۽ ٻارن سميت 35 ڄڻا فوت ۽ 60 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جن مان ڪيترن ئي مسافرن جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي. پوليس ۽ ريسيڪيو اختيارين موجب آر سي ڊي شاهراهه تي گــَــڏاڻي موڙ ويجهو باگڙ نالــَي وٽ خوفناڪ حادثو پيش آيو. پوليس موجب هڪ ڪوچ ڪوئيٽا کان ڪراچي وڃي رهي هئي جڏهن ته ٻي بس ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهي هئي، حادثي کانپوءِ ٽنهي گاڏين کي باهه لڳي وئي. حادثي ۽ باهه لڳڻ سبب 35 مسافر سڙي فوت ٿي ويا جڏهن ته 60 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا، فوتين ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن. فائر برگيڊ عملو دير سان پهتو، جنهن سبب باهه ٻنهي بسن کي مڪمل طور ساڙي ڇڏيو، اطلاع ملڻ تي ڪراچي کان ريسيڪو ٽيمون پهچي ويون ۽ امدادي سرگرميون شروع ڪيون ويون. امدادي ٽيمن جي اهلڪارن، معمولي نوعيت جي زخمين کي حب اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته سخت زخمين کي ڪراچي منتقل ڪيو پيو وڃي. ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو خدشو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو