Home / ڪرنٽ افيئر / مشرف ڪجهه ڏينهن جو مهمان
above article banner

مشرف ڪجهه ڏينهن جو مهمان

گذريل سال جڏهن 24 ڊسمبر تي ملڪ جي اڳوڻي آمر جنرل پرويز مشرف مٿان سنگين غداري جو ڪيس هلائڻ لاءِ جوڙيل خاص عدالت پهرين ٻڌڻي ڪئي هئي ته ان ڏينهن کان هن خاص عدالت کي جنرل پرويز مشرف جي پيشي جو انتظار هو، پر جڏهن ٻيو ڀيرو هو انهي خاص عدالت ۾ پيش ٿيو ته مٿس فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ مٿس 5 الزام هنيا ويا آهن، اهي الزام خاص عدالت جي ٽي رڪني بينچ جي هڪ ميمبر جسٽس طاهره صفدر پڙهي ٻڌايا ، جڏهن جسٽس طاهره 5الزامن تي ٻڌل اها چارج شيٽ جنهن مهل مشرف کي پڙهي ٻڌائي رهي هئي ته جنرل مشرف هر الزام جي جواب ۾ “ ناٽ گلٽي” چوندو رهيو، ان ڏينهن عدالت ۾ گهڻو لُڙ به نه ٿيو، ان ڪري ته مشرف جي اڳوڻن وڪيلن ،جيڪي قانون بدران جن ۾ قصوري اينڊ ڪمپني ۽ ٻيا هلڙ بازي ڪرڻ تي وڌيڪ گذارو ڪندا هئا. اهي عدالت ۾ موجود نه هئا، چيو وڃي ٿو ته مشرف جي گهڻ گهرن کيس صلاح ڏني ته جيڪڏهن اهي ساڳيا وڪيل رهيا ته کيس سزا ملي نه ملي پر عوام ۾ هن جي پوزيشن هيڪاندي وڌيڪ وڃائي ڇڏيندا( اهو خود به هڪ سوال آهي ته ڇا مشرف جي عوام ۾ پوزيشن به آهي؟)

جنرل پرويز مشرف مٿان جيڪي 5 الزام هنيا ويا آهن، انهن ۾ پهريون الزام اهو هنيو ويو آهي ته 

پرويز مشرف 3 نومبر2007ع تي ايمرجنسي لاڳو ڪري آئين ٽوڙيو، ۽ بنيادي انساني حقن کي پامال ڪيو، ٻئي الزام ۾ چيو ويو آهي ته اوهان( پرويز مشرف) 20 نومبر 2007ع ۽ 14 ڊسمبر 2007ع تي پاڪستان جي آئين ۾ غير قانوني طور تي ترميمون ڪيون، جيڪو غير آئيني قدم هو، ٽئين الزام ۾ چيو ويو آهي ته غير قانوني طور تي پي سي او لاڳو ڪيو ويو ۽ پي سي او تحت ججن کي حلف کڻڻ تي مجبور ڪيو ويو. چوٿين الزام ۾ چيو ويو آهي ته پي سي او تحت حلف نه کڻندڙ ججن کي غير آئيني ۽ غير قانوني طور معطل ڪيو ويو ، رٽائرڊ چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي معزول ڪري گهر موڪليو ويو، ۽ پنجين الزام ۾ چيو ويو آهي ته 3 نومبر تي ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪري آئين معطل ڪيو ويو.

Pervez Musharraf

انهي فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد لاڳيتو ٽن مهينن تائين بيمار جنرل پرويز مشرف اوچتو نوبنو ٿي واپس پنهنجي فارم هائوس پهچي ويو آهي، هو 2 ۽ 3 اپريل جي وچ واري رات جو اي ايف آءِ سي مان وڏي سڪيورٽي ۾ روانو ٿيو ۽ پنهنجي گهر پهچي ويو، هر دفعي جيان هن دفعي به هن جي گهر پهچڻ جي اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ،جنهن روٽ تان هو آيو هو اتي هڪ مشڪوڪ ڌماڪو ٿيو، پر انهي ڌماڪي ۾ اڳ جيان هن دفعي به ڪو جاني يا مالي نقصان نه ٿيو. مشرف جي اسپتال کان گهر پهچڻ تي ٻئي ڏينهن اي ايف آءِ سي ، پرويز مشرف جي گهر کي سيٽلائيٽ ملٽري اسپتال قرار ڏنو ۽ چيو ته ماهر ڊاڪٽرن جي هڪ ٽيم مشرف جي مستقل نگراني ڪندي. هڪ فلائنگ اسڪواڊ مشرف جي فارم هائوس تي مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪو ضرورت پوڻ تي فوري طور تي کيس ٻيهر اي ايف آءِ سي منتقل ڪري سگهندو،

مشرف جي گهر پهچڻ کان اڳ ۾ ئي اهي ڳالھيون زور شور سان شروع ٿي ويون آهن ته کيس ٻاهر موڪليو ويندو، ڇاڪاڻ ته جنهن ڏينهن مشرف مٿان فرد جرم لاڳو ڪيو ويو ان ڏينهن هن جي پنهنجي طبيعت جي خرابي ۽ سندس امڙ جي دبئي اسپتال ۾ داخل هجڻ جو جواز ڄاڻائي خاص عدالت کي گذارش ڪئي وئي هئي ته اڳوڻي صدر کي ملڪ کان ٻاهر وڃڻ لاءِ سندس نالو اي سي ايل مان ڪڍيو وڃي، عدالت ان ڏينهن معمول جي ڪارروائي ختم ڪرڻ بعد ان بابت ٻه وڳي فيصلو ٻڌائڻ جا حڪم جاري ڪيا، پر ٽي ڪلاڪ دير سان اهو فيصلو آيو ته مشرف جو نالو حڪومت اي سي ايل ۾ وڌو آهي ، ان ڪري جيڪڏهن حڪومت اهو نالو ڪڍي کيس موڪلي ٿي ته اها حڪومت جي مرضي هوندي، سنگين غداري جو ڪيس هلائڻ لاءِ قائم ڪيل هي خاص عدالت قانوني نڪتن کي سامهون رکندي پنهنجي جند آجي ڪرائي ڇڏي، پر حڪومت به ان تي گهڻي غور ويچار بعد اهو فيصلو ڪيو آهي ته هو مشرف جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍندي ، پر جيڪڏهن اعلي عدالت کيس ان ڳالهه جي اجازت ڏئي ٿي ته حڪومت کي ان ۾ ڪوبه اعتراض نه هوندو.

هن سڄي ڪيس ۾ ڪافي معاملا ڪنهن مهل منجهيل ته ڪنهن مهل صفا چٽا نظر اچن ٿا، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن حڪومت جي ان ڳالهه تي اعتبار به ڪري وٺجي ته هن واقعي جيڪو فيصلو ڪيو آهي ته هو مشرف جو نالو اي سي ايل مان نه ڪڍندي، اها ان حد تائين ته ڳالهه بلڪل صحيح آهي، پر ان جو پسمنظر اهو به آهي ته جتي خاص عدالت مشرف جي ٻاهر وڃڻ واري معاملي تي پنهنجي جان جان آجي ڪرائي آهي تيئن حڪومت به ساڳي ڳالهه عدالت مٿان وجهي پنهنجي جان آجي ڪرائي آهي، ڇاڪاڻ ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هو جنرل مشرف پاران اي سي ايل مان نالو ڪڍرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست تي پير ٻڌي ان جي مخالفت نه ڪندي، جيڪڏهن حڪومت پير ٻڌي مخالفت نه ڪندي ته جنرل پرويز مشرف کي عدالت ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏيندي، جنهن کانپوءِ جنرل پرويز مشرف ملڪ کان ٻاهر هليو ويندو،۽ پوءِ هو ڪڏهن ٿو واپس اچي ان جي مشرف ۽ سندس ضامنن کي وڌيڪ خبر هوندي،

هن ڪيس ۾ صلاح مصلحت لاءِ وزيراعظم جتي ٻين ن ليگ جي اهم ماڻهن کي سڏائي حال احوال ۽ سندن راءِ معلوم ڪئي اتي هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير زاهد حامد کي به گهرائي قانوني مشورا ورتا هئا، زاهد حامد مشرف جو انتهائي ويجهو وزير هو، جنهن وقت 3 نومبر واري ايمرجنسي ملڪ ۾ لاڳو ڪئي وئي هئي ان وقت هي صاحب قانون وارو وزير هو، ۽ انهي “ خير” واري ڪم ۾ هن جي به صلاح شامل هئي، ۽ هن دفعي به هِن کي وزيراعظم ان لائق سمجهيو ۽ گهرائي مشرف جي معاملي تي صلاح ڪئي. ذريعا چون ٿا ته هن ئي حڪومت کي اهو گس ڪڍي ڏنو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد حڪومت پنهنجو ڪم ڪري ڇڏيو آهي، جيڪڏهن هاڻي عدالت مان مشرف کي رليف ملي ٿو ته ان جو الزام حڪومت مٿان نه ايندو، پر جڏهن معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ اچي ته ان جي پير ٻڌي مخالفت نه ڪئي وڃي، جيئن نانگ به مري ۽ لٺ به بچي پوي، 

هن سڄي صورتحال ۾ حڪومت طرفان اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته مشرف جي معاملي تي حڪومت ۽ فوج هڪ صلاح آهن، اهڙي دعويٰ ته جنهن ڏينهن مشرف مٿان فرد جرم لاڳو ٿيو، ان ڏينهن بچاءُ واري وفاقي وزير خواجا آصف قومي اسيمبلي ۾ بيان ڏيندي ڪئي، هن ان ڏينهن ايوان ۾ موجود زاهد حامد، ماروي ميمڻ سميت قومي اسيمبلي ۾ موجود شيخ رشيد ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن کي ڄڻ مخاطب ٿيندي چيو هو ته هنن مشرف جي ايمرجنسي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ ووٽ ڏنو هو. انهن خلاف به ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، جڏهن ته ٻئي ڏينهن خواجا سعد رفيق به پارليامينٽ هائوس ٻاهران مشرف کي ڊرامي بازيون بند ڪرڻ ۽ مڙس ماڻهو ٿيڻ جي صلاح ڏني، پر انهي هفتي دوران آءِ ايس آءِ چيف ۽ آرمي چيف ڪيترائي ڀيرا وزيراعظم سان ملاقاتون ڪري چڪا آهن، جن ۾ ظاهر آهي ته ٻه ئي اهڙا مسئلا آهن جيڪي غور هيٺ آيا آهن، جن ۾ هڪ مشرف ۽ ٻيو طالبان. هن وقت حڪومت طالبان ۽ مشرف جي معاملي ۾ ايتري ته ڦاٿل آهي،جو ايندڙ ڏينهن ۾ انهن مسئلن جا جيڪي به نتيجا اچن پر سياسي طور تي سندس شڪست يقيني نظر اچي ٿي، مشرف جي معاملي ۾ هن وقت کان اهي ڳالھيون هلي رهيون آهن ۽ سوچڻ وارا ايترا اڳتي نڪري ويا آهن جو مشرف کي خيالن ۾ تختي تي ڏسن ٿا. جيڪڏهن آئين جي آرٽيڪل 6 تحت سنگين غداري جو ڪيس مٿس ثابت ٿي وڃي ٿو ۽ عدالت پاران جيڪڏهن مشرف کي موت جي سزا يا عمر قيد جي سزا اچي ٿي ته ڇا صدر اها سزا معاف ڪري سگهي ٿو، جيتوڻيڪ ملڪ سان غداري جي ڏوھ ۾ موت جي سزا جي معافي بابت آئين ۾ ڪابه چٽي وضاحت ناهي، پر جڏهن ان سلسلي ۾ نالي واري قانون دان سلمان اڪرم راجا کان پڇيو ويو ته هِن “ افيئر” کي ٻڌايو ته هي فوجداري ڪيس آهي، ان ڪري سندس خيال موجب وزيرعظم جي صلاح تي صدر غداري جي سزا معاف ڪري سگهي ٿو، مون هن کان اها ڳالهه مشرف جي ئي ڪيس جي سلسلي ۾ پڇي هئي، “ هي ڪيس مشرف جي غير حاضري ۾ هلي سگهي ٿو. هاڻي مشرف جي ضرورت عدالت کي ان وقت پوندي جڏهن ڪيس مڪمل هلڻ بعد آخري مرحلي ۾ هوندو، ان ڪري مشرف جيڪڏهن ٻاهر وڃي ٿو ته ان سان به هن ڪيس تي ڪو فرق نه پوندو، پر اهو حڪومت مٿان آهي ته هو مشرف لاءِ ڪيئن رستو ڪڍي ٿي” هو وڌيڪ ٻڌائي رهيو هو. مشرف واري ڪيس ۾ جيڪي ڌريون اها دعوا ڪن ٿيون ته فوج هِن جي پويان ناهي ته پوءِ هو ٺيڪ ٺاڪ هئڻ جي باوجود 3 مهينا ڪيئن اسپتال ۾ موجود رهيو، هي ڪا، آغا خان اسپتال ته نه هئي ، جتي پئسا ڏئي آرام ڪري سگهجي، پر هي اها اسپتال آهي، جتي مشرف جي داخل ٿيڻ بعد نه رڳو اتان جي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪيو ويو ، پر خود اسپتال لاءِ به اهي سوال اٿندا رهيا ته آخر انهي اسپتال ۾ داخل هن مريض کي اهڙي ڪهڙي بيماري آهي، جيڪا عدالت ۾ حاضري کان به کيس روڪي ٿي، جنهن ڏينهن مشرف کي عدالت ۾ پيش ٿيڻ لاءِ ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ٿيل هئا، ان ئي رات اها خبر هلرائي وئي ته مشرف کي انتهائي نگهداشت جي وارڊ ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، پر ان ڳالهه جي اسپتال پاران ڪابه تصديق يا ترديد نه آئي، پر جيڪڏهن ائين چئجي ته خبر ئي اتان هلي آهي ته پوءِ ڇاٿو ڪري سگهجي؟

پر ٻئي ڏينهن هو ان ڪري عدالت پهچي ويو ته انهي عدالت ناقابل ضمانت وارنٽ جاري ڪيا هئا، پوليس اسپتال پهتل هئي، ان ڪري جيڪڏهن مشرف عدالت نه اچي ها ته خود حڪومت لاءِ اهو امتحان هجي ها، آءِ ايس پي آر ايتريون ڳالھيون ٿيڻ جي باوجود اڃا تائين مشرف جي معاملي ۾ ڪابه وضاحت ڪرڻ جي زحمت نه ڪئي آهي، جنهن ڪري ان ڳالهه تي اڃا به وڌيڪ پڪ ٿئي ٿي ته حڪومت پاران اها دعويٰ ڪرڻ ته فوج مشرف جي معاملي تي هڪ پيج تي آهي ، غلط آهي، جيڪڏهن حڪومت جي به مشرف کي سزا ڏيارڻ ۾ سنجيدگي هجي ها ته وزيراعظم ميان نواز شريف وفاقي وزير زاهد حامد کي گهرائڻ بدران سرڪاري وڪيل اڪرم شيخ کي گهرائي صلاح وٺي ها، جيڪو کيس ايترو مطمئن ڪري ها جو وزيراعظم مشرف مان هٿ ئي نه ڪڍي ها، پر صلاحڪارن جي چونڊ به وقت ۽ حالتن آهر ٿيندي آهي. ان ڪري ڳالهه چٽي پئي آهي ته مشرف جو پرڏيڻ وڃڻ گهڻو ويجهو نظر اچي ٿو، عدالتون قانوني بنيادن تي هلن ٿيون، مشرف هن وقت سمورن ڪيس ۾ ضمانت تي آهي، وٽس اهڙا به دستاويز آهن جن جي بنيان تي نه رڳو سندس علاج لاءِ پر هن جي والده جي سخت بيمار هجڻ جي درخواست به غور هيٺ اچي سگهي ٿي، ۽ ان بنيادن تي عدالت ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان مشرف جو نالو ڪڍي سگهي ٿي، جنهن مهل مشرف جو نالو اي سي ايل مان نڪتو ته مشرف چند ڪلاڪن ۾ ملڪ مان هليو ويندو.

حڪومت، 100 طالبان ويڙهاڪ آزاد ڪندي؟

هڪ مهيني جي جنگ بندي بعد طالبانن جنگ بندي ۾ وڌيڪ هڪ مهيني جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري پاڪستان جا ماڻهو سمجهن ٿا ته ملڪ جي امن امان کي هڪ مهيني جي آڪسيجن ملي وئي آهي، ملڪ جو امن طالبان جي هٿ وس آهي، طالبان سان ڳالھين واري حڪومتي شوق گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه کي ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته طالبان به هن رياست جهڙي هڪ قوت آهن، طالبان پاران جنگ بندي جي نتيجي ۾ غير ويڙهاڪ قيدين جي آزادي جو عمل شروع ٿي ويو آهي. جنهن ڏينهن فاٽا جي پوليٽيڪل ايجنٽ پاران اهڙو اعلان ڪيو ويو ته 19 غير ويڙهاڪ طالبان آزاد ڪيا ويا آهن، ته ان جي ٿوري دير بعد وزيراعظم هائوس پاران ان جي ترديد آئي، بعد ۾ اها ترديد واپس ورتي وئي، شام جو وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي وزيراعظم سان ملاقات ٿي ته گهرو و زارت پاران به ان جي تصديق ڪئي وئي. ڳالهه هي آهي ته جڏهن طالبان پاران پنهنجي غير ويڙهاڪ قيدين جن ۾ هِنن جي چوڻ موجب ته عورتون ، ٻارڙا ۽ پير سن شامل آهن کي آزاد ڪيو وڃي ته آءِ ايس پي آر پاران چيو ويو ته ان قسم جا ڪي به قيدي حراست ۾ نه آهن، ته پوءِ هي قيدي ڪٿان آيا، جيڪڏهن واقعي غير جنگجو آهن. اطلاع اهي به آهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ 100 قيدي ٻيا به آزاد ٿيڻا آهن، ان ڪري هاڻي اهو سمجهي سگهجي ٿو ته حڪومت طالبان جي مطالبن تي عمل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، طالبان جو اهو مطالبو اڃا پورو نه ٿيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته اتر وزيرستان ۾ کين محفوظ علائقو به ڏنو وڃي جيئن هو آرام سان اچ وڃ ڪري سگهن، 

جيئن جيئن گرمي ۾ اضافو ٿيندو ويندو تيئن تئين طالبان جون موسمي پريشانيون ختم ٿينديون وينديون، افغانستان ۾ صدارتي چونڊون ٿي رهيون آهن، جنهن جا نتيجا هي سٽون جي ڇپجڻ تائين سامهون اچي ويندا، هلندڙ سال جي پڇاڙي ۾ نيٽو فورسز هن خطي مان وڃن پيون، ۽ افغان طالبان افغانستان ۾ ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن، هن خطي ۾ طالبان جيڪي القائده جي ڪري اڳي ئي هڪ قوت هئا، پر هاڻي هو اسان جي ڪمزوري جي ڪري رياستي حيثيت اختيار ڪندا ٿا وڃن، طالبان سان ڳالھين جي ڪاميابي جا ان ڪري به امڪان ناهن ته انهن جا شرط پورا ڪرڻ هن رياست جي وس جي ڳالهه ناهي، طالبان سان ڳالھين واري ڪامورن جي ڪميٽي اصل ۾ چوڌري نثار جي هٿ هيٺ ڪم ڪري رهي آهي. ان ڪري هاڻي جيڪو ڪجهه ٻنهي ڳالھين واري ڪميٽي ۾ طئي ٿئي ٿو ان جي خبر به نٿي پوي، جنهن ڪري ڪيتريون ئي ڳالهيون راز جي صورت اختيار ڪري ويون آهن. مستقبل ۾ ان ڪري به چڱائي جي اميد نظر نٿي اچي ته ملڪ جي سياسي قيادت جي نظر ايتري وسيع ناهي، جيڪا ايندڙ ڏينهن ۾ تباهين جو اندازو لڳائي سگهي، سياسي حڪومتون رڳو پنهنجو وقت پورو ڪرڻ جي چڪر ۾ حقيقي مسئلن کان ڪن لاٽار ڪري حالتن کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيون آهن. 

below article banner

هڪ رايو

  1. Very good magazine. This is represented real face of country sindh and this magazine is name of truth. I like very much. Love u affair magazine

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو