Home / ويندي ويندي / مقصود به مارجي ويو
above article banner

مقصود به مارجي ويو

سياسي قتلن جا پيرا ڪنهن لڌا آهن؟ نه اڄ تائين خبر پئجي سگهي ته سنڌ جي پهرين وزيراعظم، صوفي منش ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ شهيد الهه بخش سومري کي مجنون حُرن هٿان ايوب کهڙي ڪهڙي اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي راهه تان هٽايو، نه بينظير ۽ مرتضيٰ جي قاتلن تائين ڪو صاف پيرا پهچائي سگهيو نه ئي بشير قريشي جي قتل جي اسرار جو پردو لٿو. رياست ۽ رياستي ادارن جون ڳجهون ڪارروايون ڇا ٿينديون آهن ان تي هزارين، لکين ڪتابن ۾ ڪاغذ ڪارا ٿيل آهن. دنيا ڀر جون طاقتور اسٽيبلشمينٽون ڪهڙا کيڏ کيڏنديون رهيون آهن ان تي هتي ڇا لکجي؟ آمريڪي اسٽيبلشمينٽ دنيا جي آزادي پسند اڳواڻن کي ڪيئن رستي تان هٽائيندي هئي، ڪيئن پنهنجي ئي محبوب صدر جان ايف ڪينڊي کي ڪلٽي ڪرايائين ان تي به کوڙ سارو لکيو ويو آهي. پري نه وڃو رڳو ليڊي ڊيانا جو قتل ڏسو. ڪيئن برٽش اسٽيبلشمينٽ کيس خاص مان عام بڻجڻ جي سزا ڏني.

Picture12

خير ، سنڌ ۾ قومپرست ڪارڪنن جو پراسرار حالتن ۾ مارجي وڃڻ جو سلسلو گذريل ڪجهه سالن کان زور شور سان چالو آهي. اسي جي ڏهاڪي ۾ کڻي جو قومپرست ڪارڪن قتل ٿيندا رهيا پر ٽوڙي ڦاڙڪ هجي يا ٻيا واقعا، قتل جي حالتن بابت ڪي به ابهام نه هوندا هيا. پر هاڻ اسرار سان ڀريل حالتن ۾ ڪڏهن ڪنهن قومپرست ڪارڪن جو چچريل لاش ملي ٿو ته ڪٿي گوليون لڳل يا سڙيل. “افيئر” ڇپجڻ جي مرحلن ۾ هو ته خبر آئي ته قومپرست اڳواڻ مقصود قريشي جو لاش سڙيل حالت ۾ ڀريا ويجهو سندس سڙيل گاڏي مان مليو آهي. کڻي جو واقعي جا شاهد في الحال تائين سامهون ناهن آيا پر خيال اهو ئي آهي ته هي ڪارروائي به سانگهڙ ڀرسان ڪجهه سال اڳ پيش آيل هڪ اهڙي ئي واقعي سان ملي ٿي جنهن ۾ به قومپرست اڳواڻ، سرائي قربان ۽ روپلو ساڙي ماريل حالت ۾ مليا هئا.

مقصود سنڌ جي تمام برجستي اڳواڻ بشير قريشي جو ننڍو ڀاءُ هيو. بشير جي حياتي ۾ کيس سياسي طور تي ايترو سرگرم نه ڏٺو ويو پر پوءِ ڀاءُ جي ايئن هليو وڃڻ ، يا راھ تان هٽائڻ کيس سياست ۾ آندو، سمجهه ۾ ته ايئن ٿو اچي ته جنهن “گناهه” جي سزا طور بشير قريشي کان حياتي کسي وئي اهڙي ئي “گناهه” ڪرڻ جي ارادي ۽ تياري (23 مارچ جي ڏهاڙي تي ڪراچي ۾ ميڙ ڪرڻ) سبب کيس به نه بخشيو ويو.

سنڌ هر طرف کان ڏچن ۾ آهي. پيپلز پارٽي جي خراب حڪمراني عوام کي ڇٺيءَ جو کير ياد ڏياري ڇڏيو آهي. هڪ طرف وفاق سنڌ جي وسيلن کي دل کولي ڀيلي رهيو آهي ٻئي طرف ٻين صوبن کان ايندڙن جي لوڌ سنڌ جي مقامي آبادي جو توازن ئي بگاڙي ڇڏيو آهي مٿان سنڌ ۾ ايندڙ ملائيت ۽ مدرسن جو ڄار پيو پکڙيو وڃي. اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ سنڌ کي برجستي ۽ تدبر واري اڳوڻي کپي- پر سنڌ ۾ سياسي ڪارڪنن جو ان ريت صفايو رد عمل جي سياست ۽ انارڪي کي جنم ڏيندو. سياست سنڌ جي سگهه آهي. سا به پر امن وطن دوست جمهوري سياست. انارڪي ۽ ايڊوينچرازم واري سياست نه نتيجن ڏي وٺي ويندي نه ئي ڪي چار ماڻهو کيس اخلاقي مدد ڏيئي سگهندا.

تاريخ کي سونهون ڪجي ته اسان وٽ پ پ ۽ الذوالفقار جي ٻن الڳ الڳ سياسي تجربن جي صورت ۾ اسان وٽ سياسي سبق موجود آهن. 1979ع ۾ ڀٽي جي ڦاسي کانپوءِ پ پ وٽ اهي ٻه دڳ هيا. پر امن جمهوري سياست يا ايڊونچر- هاڻ ته اهي شاهديون به موجود آهن ته سلام ٿيپو ٽائيپ ڪارندن معرف جنرل ضيا پ پ کي ايڊوينچر جو دڳ وٺڻ تي هرکايو پئي پر نصرت ۽ بينظير ايڊونچرازم بجاءِ سياسي جدوجهد جو دڳ ورتو. ايم آر ڊي جي پر امن سياسي مزاحمت جنرل ضيا لاءِ وڌيڪ پريشانيون پيدا ڪيون. وقت کين درست ۽ مير مرتظي کي غلط ثابت ڪيو. پ پ اسي جي ڏهاڪي ۾ الذوالفقار جي هلڪڙائپ ۾ اچي ها ته اڄ جنرل ضيا جو ٽيهه ساله تخت نشيني جو جشن ملهائجي رهيو هجي ها.

مقصود به سنڌ جي سياسي سگهه جو حصو هيو. سندس سياسي سفر تمام مختصر پر بامعني هيو. سياست اتان شروع ڪيائين جتان بشير قريشي جي هٿ مان جهنڊو ڪريو هيو. ان ڪري سندس موت کي ايڊوينچر بجاءِ سياسي سگهه ۾ تبديل ٿيڻ کپي. اها ئي سندس حياتي ۽ موت کي معنيٰ بخشي سگهي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو