Home / ڪرنٽ افيئر / مقصود قريشي جي شهادت جا پيرا کڄن ٿا
above article banner

مقصود قريشي جي شهادت جا پيرا کڄن ٿا

سمير منڌرو

جسقم جي شهيد اڳواڻ مقصود قريشي 21 مارچ جمعي جي رات 9 لڳي ٻاويهه منٽن تي ميهڙ کان دادو ڏانهن نڪرندي دادو جي ضلعي صدر غلام مصطفيٰ جانوري کي فون ڪري پنهنجي اچڻ جو اطلاع ڏنو. مصطفيٰ جانوري مطابق هو هميشه فون ڪرڻ کان پوءِ ٻن کان ٽن ڪلاڪن ۾ پهچندو هو. هن 12 بجي تائين انتظار ڪيو پر هو دادو نه پهتو. پر دادو وارن دوستن کي ڪو الڪو نه هو. هنن ٻارنهن کانپوءِ بغير ڳڻتي جي فون ڪيو ته مقصود جو فون بند هيو. هن ڪجهه دير رکي وري فون ڪيو پر فون نه کليو. مصطفيٰ بي فڪر ٿي مقصود جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ ڇڏي ڏنو جو هو اڪثر رات جو سمهڻ کان پوءِ پنهنجو موبائل بند ڪري ڇڏيندو هو. هن سمجهيو ته شايد ٿڪاوٽ سبب ڪنهن دوست وٽ ترسي پيو هجي. فون ڪرڻ مهل مقصود رات جي ماني مصطفيٰ سان کائڻ ۽ 23 مارچ جي تيارين بابت صلاح مشوري لاءِ چيو هو. هن اهو نه ٻڌايو ته هن سان گڏ ٻيو ڪير آهي پر چيائين “ اسان اچون ٿا.”
جسقم اڳواڻ مطابق مقصود قريشي کي دادو کان پوءِ ڪراچي پهچڻو هو. پر هو دادو کان اڳ ساٿي سلمان وڌو سميت کنڀجي ويو. هن کي دادو آندو ويو يا سڌو ان جاءِ تي جتان هنن جا سڙيل لاش مليا، ان ڳالهه تان ڪو پردو کڻي ٿو ۽ نه ڪو اشارن ڪناين ۾ اهو ٻڌائي ٿو ته هنن کي رات جو تقريبن 10 بجي کان صبح تقريبن ساڍي چار بجي تائين ڪٿي ۽ ڪهڙي حالت ۾ رکيو ويو. پر اها ڳالهه طئي آهي ته هو ڇهه ڪلاڪن تائين ڪن هٿن ۾ ضرور رهيا هئا.
پوليس کي صبح ڇهه لڳي اطلاع ملي ٿو ته ڪا گاڏي سڙي ٿي پئي. پوليس جي پهچڻ تائين سڀ ڪجهه ظاهري طور ختم ٿي چڪو هو. اهي لاش جڏهن ڪراچي ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ آندا ويا ته مئل جسمن کي لڳل باهه کي وسامندي به 18 ڪلاڪ ٿي چڪا هئا.

17
Decomposition جو عمل اڃا شروع نه ٿيو هو. پر DNA ٽيسٽ ۽ سڃاڻپ لاءِ ڪجهه ڏند ۽ پاسراٽين جي هڏن جو ڪجهه حصو بچيو هو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرن کي حب بس ايڪسيڊينٽ، نوري آباد روڊ ايڪسيڊنٽ ۽ بلديا فيڪٽري جي باهه ۾ سڙيل لاش ياد اچي ويا. جن کي هو اتفاقي حادثو چئي پيا سگهن. پر هنن پنهنجي پروفيشنل ڪيريئر ۾ ڪنهن “دشمني” ۾ ساڙيل لاش اهڙي حالت ۾ ڪڏهن نه ڏٺا، جن جي جسمن جي اصل سائيز اڌ کان به گهٽجي وئي هئي. پوسٽ مارٽم رپورٽ مطابق مرڻ جو اصل سبب لڳل گوليون هيون.
مقصود ۽ سلمان جي مليل لاشن جي پوزيشن مان اها ڳالهه پڻ واضح ٿئي ٿي ته هنن کي ڪنهن ٻي هنڌ شهيد ڪيو ويو هو. واردات واري جاءِ تي جيڪو شخص گاڏي ڊرائيو ڪري آيو، اهو واپس ڪيئن ۽ ڪيڏانهن ويو، جيتوڻيڪ پوليس کي ڪي اهڙا شاهد ناهن ملي سگهيا (يا هو ٻڌائڻ لاءِ تيار ناهن) جن “ڪجههگاڏين ” کي واپس ويندي ڏٺو هجي. پوليس چوي ٿي ته “اوڊيڪو هو انهي ڪري ڪي نشان نه رهيا”، پر ساڳئي وقت اهو به ڄاڻائي ٿي ته قتل ڪٿي ڪيو ويو ۽ ڪنهن ڪيو.
شروعاتي پوليس بيانن ۽ جسقم جي الزامن مان اها ڳالهه واضح آهي ته مقصود ۽ سلمان کي ڪنهن به طرح ذاتي دشمني ۾ شهيد ناهي ڪيو ويو. “قتل ڪرڻ ۽ شهيد ٿي وڃڻ اهڙن اڙانگن سفرن تي عام آهي. پر جنهن بربريت سان سنڌ جي نوجوانن جي تذليل ڪئي وئي آهي. انهي مان ٻه ڳالهيون هن وقت تائين سامهون اچي سگهيون آهن. هڪ ته قتل ڪرڻ جا سمورا ثبوت مٽائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته جيئن معاملو هميشه ڳنڀير رهي. ٻيو ته قومي تحريڪن جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي اهو پيغام ڏيئي سگهجي ته هنن سان بلوچستان جي ويڙهاڪن کان به برو حشر ٿي سگهي ٿو. پر قاتلن جون اهڙيون سازشون ناڪام ويون. هڪ سازش اها به ٿي سگهي ٿي ته اهڙي واردات کان پوءِ سڄي سنڌ باهه ٿي ويندي. فريڊم مارچ ملتوي ٿي ويندو. ڪيئي سرگرم ڪارڪن جيلن ۾ واڙيا ويندا….
جسقم پنهنجي عدم تشدد وري پاليسي تان هٿ کڻي ويندي.. سنڌ جو نوجوان وري اهڙي جرئت نه ڪندو…. ۽ پاڪستان ڊي تي سنڌ جي آزادي لاءِ لکين ماڻهو وري ڪڏهن به ڪراچي گڏ نه ٿي سگهندا….. پر سنڌ سڀني سازشن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.
ايس ايس پي نوشهروفيروز نياز کوسو ۽ ڊي آءِ جي سکر شرجيل کرل مطابق وارثن ۽ پارٽي اڳواڻن پاران جنهن جي به خلاف FIR داخل ٿي هو ايمانداري سان “ پيرا” کڻندا. جڏهن ته جسقم قيادت سمجهي ٿي ته ايف آءِ آر نه ئي سندن مرضي مطابق داخل ٿيندي ۽ نه ئي اصل چهرا سامهون ايندا. “اسان کي پڪ آهي ته رياستي ادارن ئي اهو ڪم ڪيو آهي. پوليس جي اها ذميواري آهي ته هو قاتلن کي پڪڙي اسان به هر ممڪن مدد ڪنداسين“ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي چيو ته هو جن رياستي ادارن جي ڳالهه ڪري ٿو انهن جي باري ۾ مڙني کي علم آهي ته هو نه صرف طاقتور آهن بلڪه هن ملڪ جي اڇي ۽ ڪاري جا مالڪ پڻ آهن.
“اسان شروعاتي جاچ مڪمل ڪري ورري آهي. گاڏي ۾ ڪو ڌماڪو ناهي ٿيو. پر ڪجهه بال بيرنگ ۽ ڪوڪا ضرور مليا آهن“ نياز کوسو ٻڌايو ته گاڏي مان اهڙي قسم جي مليل مواد مان به اها ڳالهه واضح ٿي ٿئي ته ڪيس کي خواهه مخواهه پيچيده ڪيو ويو ته جيئن هر قسم جا شڪ جنم وٺن” “شروعاتي جاچ” مان ڪو تڪ نٿو جڙي، اها رياست جي ئي ذميواري آهي ته هو هر ڏوهه جي قانون مطابق جانچ ڪري. پر FIR داخل ڪرائڻ جي انتظار مان به اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته پوليس سڀ ڄاڻي ٿي ۽ اها ان حد تائين به پهچي چڪي آهي ته حقيقت ۾ سڀ ڪجهه دادو شهر ۾ ٿيو يا ٻي ڪنهن هنڌ…

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو