Home / ڪرنٽ نيوز / مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي شهادت، سوڳ ۾ سنڌ ٻي ڏينهن به بند
above article banner

مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي شهادت، سوڳ ۾ سنڌ ٻي ڏينهن به بند

111103-33 copyجسقم اڳواڻ شهيد مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي قتل واري واقعي خلاف اڄ ٻئي ڏينهن به سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، جڏهن ته احتجاجي مظاهرن ۽ ڌرڻن جو سلسلو جاري آهي. ڪراچي جي سنڌي وسندين ملير، گلشن حديد، پپري، شاهه لطيف ٽائون، ميمڻ ڳوٺ،موسميات چورنگي، صفوران ڳوٺ، سچل ڳوٺ، ماروئڙا ڳوٺ، مهراڻ ٽائون، ابراهيم حيدري، چڪرا ڳوٺ، ڀٽائي آباد، پهلوان ڳوٺ، بلال ڪالوني ۽ ٻين علائقن ۾ ڪاروبار بند آهي. حيدرآباد جي قاسم آباد، ڀٽائي نگر، ماروي ٽائون، حسين آباد، فقير جو پــَڙ، پريٽ آباد ۽ نسيم نگر سميت ٻيا علائقا پڻ مڪمل طور بند آهن. لاڙڪاڻي ۾ جسقم اڳواڻ مقصود قريشي جي شهادت تي سوڳ جي لهر ڇائنل آهي، جڏهن ته جسقم ڪارڪنن پاران جناح باغ چوڪ تي تــَڏو وڇايو ويو آهي. ڀريا روڊ واقعي خلاف رتوديرو شهر اڄ به بند آهي، جڏهن ته وڪيلن عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪري 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. نصيرآباد ۾ جسقم جي سڏ تي ريشم گلي، سونارا بازار، المدينه مارڪيٽ، شاهي بازار، موبائيل مارڪيٽ سميت ٻيا ڪاروباري علائقا بند آهن. نصير آباد ۾ ئي جــِي ايم سيد چوڪ تي شاهد کوکر، زاهد نوناري ۽ عاشق ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن تڏو وڇايو، جتي عذر خواهي لاءِ مختلف تنظيمن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن پهتا. دادو، نوابشاهه، سڪرنڊ، شاهپورچاڪر، راڌڻ، گاجي کهاوڙ، وارهه، گلاب لغاري بخشاپور، محرابپور، ڦلجي اسٽيشن، سنڌڙي، ڪــَڍڻ ۽ ٻين شهرن ۾ شهيد مقصود قريشي جي قتل خلاف ڪاروبار بند آهي. ڀريا روڊ سانحي خلاف ٺـــُل ۾ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران بک هڙتال ڪئي وئي. اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هڪ سازش تحت سنڌ جي قومپرست اڳواڻن کي منزل تان هٽايو پيو وڃي پر هــُو سنڌ ڌرتي جي حفاظت ۽ حقن لاءِ هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن. گذريل ڏينهن ڀريا روڊ واقعي بعد وڳوڙن دوران فائرنگ ۾ جسقم ڪارڪن مارجي ويو ۽ پوليس آفيسر سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته مختلف شهرن ۾ مڇريل ماڻهن ڪيترين ئي گاڏين، سرڪاري آفيسن ۽ دڪانن کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو هو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو