Home / ڪرنٽ نيوز / مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوسٽ مارٽم رپورٽ
above article banner

مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ کانپوءِ باهه ڏئي ساڙيو ويو: پوسٽ مارٽم رپورٽ

aجسقم جي شهيد اڳواڻ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ پڌري ڪندي ڄاڻايو ويو آهي ته ٻنهي کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد لاشن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو آهي. ٻنهي اڳواڻن جا مڙهه ڀرياروڊ کان ڪراچي جي جناح اسپتال آندا ويا، جتي پوسٽ مارٽم ڪيو ويو. پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جو چوڻ هو ته وڏي لاش کي هڪ ۽ ننڍي لاش کي 4 گوليون لڳل آهن. ڊاڪٽر چيو ته سڃاڻپ لاءِ ٻنهي لاشن جي ڊي اين اَي ٽيسٽ به ڪئي ويندي.
هوڏانهن لاڙڪاڻي جي فرانزڪ ٽيم ڀريا روڊ پهچي گاڏي جو معائنو ڪيو، جنهن جي رپورٽ جلد جاري ڪئي ويندي. ٻئي طرف جاچ ٽيم پاران تيار ڪيل شروعاتي رپورٽ ڊي آءِ جــِي وڏي وزير حوالي ڪري ڇڏي آهي. گلشن حديد ۾ جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گهر اڳيان مقصود خان قريشي جو تــَڏو وڇايو ويو آهي، جتي جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ايس ٽي پي سميت مختلف پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪنن پهتل آهن

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو