Home / ڪرنٽ نيوز / مقصود قريشي ۽ سلمان وڌي جو ٽيجهو، مزارن تي حاضري، ٽن ڏينهن ۾ ڪيس داخل ڪرائينداسين: صنعان قريشي
above article banner

مقصود قريشي ۽ سلمان وڌي جو ٽيجهو، مزارن تي حاضري، ٽن ڏينهن ۾ ڪيس داخل ڪرائينداسين: صنعان قريشي

Sunan-Qureshi-Ratoderoشھيد مقصود قريشي ۽ شھيد سلمان وڌو جو ٽيجهو رتيديري ۾ ٿيو، قرآن خواني بعد دعا گھري وئي علامه اياز حسين ڪمي ۽ حافظ عبدالقادر قريشي دعا پڙھائي. بعد ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، ساگر حنيف بڙدي، منير حيدر شاھ، مومن سمون، يعقوب عارباڻي، شبير شر ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ سوين ڪارڪنن جي قافلي ۾ مزارن تي پھچي گلن جون چادرون چاڙھي سنڌي قومي ترانو پيش ڪيو ۽ دعا گھري بعد ۾ شھيد بشير خان قريشي جي مزار تي اڳواڻن حاضري ڀري دعا گھري. ان موقعي تي جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته شھادتون اسان کي منزل تان ھٽائي نٿيون سگھن. اسان جي جدوجھد جاري رھندي. سائين جي ايم سيد جي ڏنل فڪر ۽ نظريي تي ھلندي جسقم پنھنجي جدو جھد کي جاري رکندي. ھنن چيو ته اردو ميڊيا جا اسان دشمن ناهيون، پر انھن جي تعصب پرستي واري رويي اسان کي مجبور ڪيو آھي ته اردو ميڊيا جو بائيڪاٽ ڪيون ۽ سنڌ جي ماڻھن جي به اھا گھر ھئي ته اردو ميڊيا جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ھنن چيو ته ڊي آءِ جي سکر شرجيل کرل جي ذاتي ڪوشش ساراھ جوڳي آھي ھن  وقت تائين ڪيس جي جيڪا پيروي ڪئي آھي يا بيان ڏنا آھن اھي مطمئن ڪندڙ آھن پر اسان کي اھو به خدشو آھي ته کيس بدلي ڪيو ويندو. ڇاڪاڻ ته ھنن ھاڻي کان ئي ڊرامي بازي شروع ڪري ڏني آھي فارينسڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي گاڏي مان بال بيرنگ ۽ اسٽيل جا ڪوڪا مليا آھن جن کي اسان رد ڪريون ٿا. اھي ڊراما بند ڪيا وڃن. اسان ٽن ڏينھن اندر وڪيلن سان صلاح مشورا ڪري ڪيس تيار ڪنداسون ان جي روشني ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائينداسون جيڪڏھن اسان جي ايف آءِ آر داخل نه ڪئي وئي ته اسان پنھنجو ايندڙ لائحه عمل جوڙينداسون.بعد ۾ جسقم جو مرڪزي اڳواڻن جو قافلو صنعان خان قريشي ۽ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جي اڳواڻي ۾  ڊکڻ روانو ٿي ويو جتي شھيد سلمان وڌو جي وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ان جي ٽيجھي جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو